17/12/2012

رابيل مکڙي (ڪتاب) - رکيل مورائي


رابيل مکڙي (ڪتاب)
رکيل مورائي
سنڌي ادب گهڻو پڙهندڙن توڻي ٿورو پڙهندڙن لاءِ اسان جو دوست ۽ گهڻ رخو اديب محمد انور بلوچ اهڙو نالو آهي، جنهن ڪهاڻي ۽ ناول جي کيتر ۾ پنهنجو هڪ اهم ۽ ڳڻائڻ جهڙو نالو ڇڏيو آهي. سندس نالو سنڌي ادب جي واڌاري ۾ حصيدار آهي. تخليقي ادب ۾ هن جو پنهنجو حصو آهي. هن وٽ ٻولي به آهي، ته الڳ موضوع به، صنفن جي پرک به آهي، ته تخليقي صلاحيتون به، جنهنڪري هن لڳاتار سنڌي تخليقي ادب کي ڪجھه نه ڪجھه ڏنو ئي آهي، ۽ ان ڏنل ادب ۾ سندس تازو آيل ڪتاب ”رابيل مکڙي“ به شامل آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ويچار به آهي ته مشاهدو به، ساڳئي وقت مطالعو به شامل آهي، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته ليکڪ نوڪريءَ جي بهاني جتي به موجود هوندو آهي اتي پنهنجا سڀ حواس کولي رکندو آهي ۽ اهو ڪنهن به تخليقي ليکڪ لاءِ ضروري آهي. مشاهدي جي اک ۽ مطالعي لاءِ دماغ کليل رهڻ ئي گهرجي. باقي ٻولي ته انور بلوچ صاحب وٽ نهايت ئي سهڻي آهي، جيڪا سندس هن ڪتاب سميت ڪنهن به ڪتاب ۾ پڙهي سگهجي ٿي. رابيل مکڙي جي جلد ۾ بند هڪ اهڙي خوشبو آهي، جيڪا دل ۽ دماغ کي هڪ ئي وقت واسي ٿي ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب جي ننڍڙن جملن، ننڍين پيرائن ۾ علم، تخليق ۽ ڏاهپ جي هڪ ننڍڙي ڪائنات سمايل آهي، جنهن کي پڙهي سنڌي ادب پڙهڻ ۾ موھه وڌي وڃي ٿو. انور بلوچ صاحب لاءِ اها وڏي حاصلات آهي. سندس هن ڪتاب جي ننڍڙن ٽڪرن مان گهڻو ۽ وڏو علم حاصل ڪري سگهجي ٿو. 112 صفحن جو هيءُ ڪتاب پڪي جلد ۽ خوبصورت ٽائيٽل سان آهي ۽ ڪتاب جو ملھه 150 رپيا آهي. ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد ڇپرايو آهي.

No comments:

Post a Comment