15/12/2012

مون ڏات انوکي آندي آ - رکيل مورائي


ٻن عظيم ليکڪن کي محفوظ ڪندڙ هڪ ڪتاب
مون ڏات انوکي آندي آ
رکيل مورائي
دنيا جي ادب ۾ ته ڳولڻ سان ڪيترائي مثال ملي ويندا، پر سنڌي ادب ۾ ٽي مثال اهڙا آهن جنهن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن به عظيم تخليقڪار کي ڪنهن موڙ تي هڪ اعليٰ نقاد جي گهرج پوي ٿي، يا ان تخليقڪار کي سموهڻ ۾ ان جون گهڻيون ڪوششون هجن ٿيون. پهريون مثال سنڌيءَ ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو شاهه سائين تي لکيل مقدمه لطيفي آهي، ٻيو مثال روشن ڇانورو جي لکيل سُڳن آهوجا جو مهاڳ آهي ۽ ٽيون مثال اياز صاحب جي ڪيترن ئي ڪتابن تي لکيل سائين محمد ابراهيم جوئيءَ صاحب جا مهاڳ آهن.

سنڌي شاعريءَ ۾ اياز صاحب اهڙو حوالو آهي، جنهن جو همعصر حوالو جڙي نه سگهندو. هو پنهنجي دور جو اول ۽ آخرين حوالو آهي، سنڌي شاعريءَ سان ٻيو جڙيل حوالو جوئي صاحب جا مهاڳ آهن.
اياز تي سڀ ڪجهه لکيل کان سواءِ به جويو صاحب سنڌ جي اڄ جي شعور جي روشنيءَ جي علامت آهي، پر هيءُ تازو شايع ٿيل ڪتاب جيئن ته اياز صاحب جي حوالي سان آهي، ان ڪري اهو حوالو ئي اهم آهي. تازو ڪتاب جنهن جو نالو آهي ”مون ڏات انوکي آندي آ“ جوئي صاحب جي انهن سمورين لکڻين تي ٻڌل آهي، جيڪي جوئي صاحب اياز صاحب جي حوالي ۾ الڳ الڳ وقتن تي لکيون آهن، جن کي اسان جي دوست سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر ۽ شهيد شاهه عنايت تي بيمثال ڪتاب لکندڙ محمد علي مانجهيءَ سهيڙيو آهي ۽ هن ڪتاب جي ڇپجڻ جو سبب جوئي صاحب جو جنم ڏينهن به آهي، جيڪو تيرهن آگسٽ آهي. هيءُ ڪتاب کيس ڀيٽا طور مانجهي صاحب سهيڙيو آهي، جنهن ۾ مانجهي صاحب جي علمي لاڳاپيداري ته آهي ئي پر ان کان وڌيڪ جوئي صاحب لاءِ اها عقيدت آهي، جيڪا اسان جي نسل وٽ جوئي صاحب لاءِ آهي. ڪتاب جي ٻي اهميت اها آهي ته هن ڪتاب ۾ هڪ ئي وقت سنڌي ادب جون ٻه عظيم شخصيتون محفوظ آهن. جوئي صاحب جون اهي سڀ لکڻيون جيڪي اياز صاحب بابت آهن ۽ ٻئي پاسي اياز صاحب جا اهي سڀ رخ جيڪي هاڻ سنجيدگيءَ سان سنڌي پڙهندڙن کي پڙهڻ گهرجن. پنهنجي نوعيت جو هيءُ پهريون ڪتاب آهي، جيڪو مانجهي صاحب دل جي حصور سان ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پهرئين ڀاڱي ۾ اهي سڀ ليک آهن جيڪي مهاڳن طور اياز صاحب جي الڳ الڳ ڪتابن ۾ شامل آهن، جڏهن ته ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ ”سنڌ جو آواز“ جي عنوان سان اهي لکڻيون آهن، جيڪي الڳ حوالن سان الڳ موقعن تي لکيون ۽ جوئي صاحب پاران پڙهيون ويون آهن ۽ ائين اهي سڀ لکڻيون، گڏي هڪ بيمثال ڪتاب ”مون ڏات انوکي آندي آ“ جي نالي سان جوئي صاحب کي جنم ڏينهن تي ڀيٽ ڪيو ويو آهي. نهايت خوبصورت پني، ٽائيٽل ۽ پڪي جلد سان ڇپيل هن ڪتاب ۾ اڍائي سئو صفحا آهن ۽ هن ڪتاب جو ملهه به اڍائي سئو رپيا آهي. سنڌ حڪومت جي ثقافت واري کاتي پاران ڇپايل هيءُ ٻن عظيم ليکڪن کي محفوظ ڪندڙ ڪتاب اڄ جي پڙهندڙن لاءِ خاص طور اياز شناسيءَ جي حوالي ۾ هڪ اهم ترين اڀياس آهي. مانجهي صاحب هن ڪتاب جي بدلي سنڌ جون اڻ ڳڻيون محبتون ميڙي ورتيون آهن!

No comments:

Post a Comment