01/12/2012

ڊاڪٽر مبارڪ - حقيقت يا فسانو - پروفيسر نذير احمد سومرو


ڊاڪٽر مبارڪ - حقيقت يا فسانو
سندس ڪتاب ”در در ٺوڪر کائي“ جي حوالي سان
پروفيسر نذير احمد سومرو
دنيا جي مختلف ٻولين ۾ سڀ کان اهم ۽ دلچسپ صنف، آتم ڪٿا جي پئي رهي آهي. ان ڏس ۾ روسو جو ”اعتراف“ وڏي جاءِ والاري ٿو. ”آتم ڪٿا“ ۾ وڌيڪ دلچسپيءَ جو ڪارڻ، اها ڳالهه به ٿي سگهي ٿي ته لکڻ وارو پنهنجيون يادگيريون لکي ٿو، جيڪي شخصي وڌيڪ هونديون آهن. ٻيو ته اهڙين لکڻين ۾ مبالغي جو عنصر ججهو هوندو آهي، جيڪو قارئين کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندو آهي.
اردوءَ جي ليکڪ ممتاز مفتي پنهنجي جيون آکاڻي ”الکهه نگريءَ“ ۾ ڄاڻايو آهي: ”اڪثر آتم ڪٿائون اهو ميرو ڪپڙو هونديون آهن، جن کي ليکڪ ڌوئي پوئي اڇو اجرو ڪري ڪلف لڳائي، استري ڪري پيش ڪندو آهي.“ مشفق خواجه، يونس احمر جي آتم ڪٿا ”ماضيءَ جي تعاقب ۾“ ۾ لکيو آهي: ”آتم ڪٿا ۾ ڪوڙ ۽ زٽ هڻڻ جي وڏي گنجائش هوندي آهي. لکندڙ پاڻ کي هيرو ۽ پنهنجي اڻ وڻندڙ ڪردارن کي ولين طور پيش ڪرڻ جي جاکوڙ ڪندو آهي.“

اهڙيءَ ريت، ڊاڪٽر مبارڪ علي صاحب پنھنجي آتم ڪٿا ”در در ٺوڪر کائي“ ۾ به پاڻ کي هيرو، وڏو عالم، تاريخدان، اردو ڳالهائيندڙ، ويچارو، مهاجر، بي ضرر ۽ معصوم شخص طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ سان واڳيل ڪردارن جو ذڪر ڪندي ساڳين حالتن ۾ رهندي به اردو ۽ سنڌي ماڻهن ۾ ويڇا رکي ويو آهي. سنڌي عالمن ۽ اديبن کي لويو اٿس ۽ اردو ڳالهائيندڙن جون ڪوتاهيون لنوائي سندن واکاڻ ڪري ويو آهي. مرزا عابد عباس جيڪو ڪنهن زماني ۾ سٽي ڪاليج جو پرنسپال هو ۽ پوءِ انٽر بورڊ جو سيڪريٽري ٿيو، بدعنوانين هيٺ حڪومت کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. ڊاڪٽر صاحب انهيءَ ڪري ان جي هڪ-پاسائين واکاڻ ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هن جا ڪيترا پٽ، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان واڳيل آهن، جيڪي مبارڪ صاحب لاءِ ڇپر ڇانءَ آهن.
ڊاڪٽر مبارڪ صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ اورينٽل ڪاليج جي غير تڪراري عالم ۽ معلم مخدوم امير احمد، پروفيسر غلام مصطفى شاهه، جسٽس (رٽائرڊ) حسن علي عبدالرحمان ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي کي پنهنجي ڪٽرپڻي جو نشانو بڻايو آهي ۽ شيخ اياز تي به ڇوهه ڇنڊيا اٿائين.
مخدوم امير احمد صاحب بابت لکي ٿو:
”مخدوم امير احمد ڪي پاس ڪوئي ڊگري يا سرٽيفڪيٽ نه ٿا، اس ڪي باوجود وه خود ڪو فاضل الحرمين ڪهتي ٿي. چلتي فرتي پرزي ٿي. يه وه زمانه ٿا، جب آمريڪا سي خشڪ دوده اور گهي ڪي ڊبي اسڪولون ڪي ليئي آتي ٿي... جو بچتي ٿي وه اسڪول ڪي هيڊ ماستر صاحب حلوائيون ڪي هاٿ فروخت ڪرتي ٿي، شايد يهي مخدوم صاحب ڀِي ڪرتي هون گي.“
تاريخدان ۽ اڻ ڌريا ماڻهو، اگر مگر، چونڪ، چناچه ۽ شايد جهڙن مبهم لفظن جو سهارو ڪونه وٺندا آهن، پر هو سچا، پڪا، ٺوس ۽ تز دليل ڏيندا آهن ته جيئن ڪنهن به قسم جي شڪ ۽ شبهي جي گنجائش نه رهي ۽ ڊاڪٽر مبارڪ وانگر نه ته ”شايد مخدوم امير احمد به ايئن ڪندو هوندو.“ يعني سڪل کير ۽ آمريڪي برانڊ کوپرو کڻي وڃي دڪاندارن وٽ وڪڻندو هو. ڊاڪٽر مبارڪ هڪ اردو اسڪول جي هيڊ ماستر تي به اهڙو الزام لڳايو آهي، پر نالو ظاهر نه ڪيو اٿس.
ڊاڪٽر مبارڪ ٽونڪ مان اچي تاريخدان ته ٿيو، پر هتي جي ڪلچر جو شايد ادراڪ ڪري نه سگهيو، جو غلام مصطفى شاهه جي شهپرن تي به ڪاوڙ ڪڍي اٿائين.
”جب ان (غلام مصطفى شاهه) ڪي سامني پيش هوئي. مين ني ديکها بڙي مونچهون والي شخصيت ميري سامني هي. يه وي سي سي مجهي ”ٿانيدار“ لگي. مين ني ڊرتي ڊرتي عرض ڪيا ڪه اڇا ميرا پرويڊنٽ فنڊ سي ميرا حصا دين، تاڪه اس سي سفر ڪي اخراجات نڪلين تو ڪها ڪه سارا نهين ملي گا. اس مين سي صرف 57 فيصد ملي گا.“
ڊاڪٽر مبارڪ علي کي پروفيسر غلام مصطفى شاهه ته صوبيدار لڳو، پر حيدرآباد دکن مان آيل ڊاڪٽر محي الدين صديقي جيڪو ڊاڪٽر مبارڪ علي جي نوڪري واري عرصي دوران سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هيو، جيڪو بقول ڊاڪٽر مبارڪ علي جي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ليچڪرارن کي ٻن آڱرين وارو اڌوگابرو هٿ ڏيڻ به عار سمجهندو هيو، سو کيس ”صوبيدار“ نه لڳو. آڱرين سان صرف آڱريون ملائڻ وارو هٿ ته عام ماڻهوءَ کي صوبيدار، وڏيرا ۽ بيوروڪريٽ ئي ڏيندا آهن!
غلام مصطفى شاهه بابت صفحي نمبر 122 تي لکي ٿو:
”سنڌ يونيورسٽي ڪا ڪيمپس جس انداز سي بنايا گيا هي، وه ڀي اپني طرز ڪا ايڪ ڪارنامه هي. آرٽس فيڪلٽي سي ايڊمنسٽريشن ڪي عمارت تڪ پيدل جاني ڪي ليئي بيس منٽ چاهئين. يه فاصله ويراني سي هوڪر طي هوتا هي. يه ڪارنامه ڀي غلام مصطفى شاهه ڪا هي، اس ڪا مقصد يه ٿا ڪه اساتذه و طلبه ڪو ايڪ دوسري سي دور رکهو.“
هاڻي سائين ڏيو منهن؟
هر سرڪاري عمارت نقشي موجب ٺهندي آهي. ايئن سنڌ يونيورسٽي به سرڪاري منظوري سان نقشي موجب ٺهي، جنهن ۾ ايڊمنسٽريشن بلاڪ جو حصو آرٽس فيڪلٽي کان الڳ ۽ جدا ٺهيو ته ان ۾ غلام مصطفى شاهه جو ڪهڙو ڏوهه؟ سنڌ يونيورسٽي غلام مصطفى شاهه جي اوطاق يا بنگلو ته ڪونه هئي، جنهن کي غلام مصطفى شاهه ور وڪڙ ڏئي پنهنجي مرضيءَ مطابق ٺهرائي ها. دنيا جي اڪثر يونيورسٽين جون عمارتون اهڙيءَ طرح ٺهيل هونديون آهن ته جيئن انتظاميه ۽ تدريس واريون عمارتون/ جايون هڪ ٻئي کان الڳ هجن، جيئن هڪ ٻئي تي اثر انداز نه ٿين.
ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ غلام مصطفى شاهه جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”جب غلام مصطفى شاهه وائيس چانسلر هو ڪر آئي تو انهون ني آتي هوئي يه ڪام ڪيا ڪه يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس ڪو راتون رات خالي ڪرڪي نيو ڪيمپس لي گئي.“
اهو به ڏوهه غلام مصطفى شاهه جو ته ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي نئين ٺهيل عمارت ۾ ڪلاسز ڇو هلرايا ويا. شايد ڊاڪٽر مبارڪ صاحب جو مقصد اهو هيو ته نئين ٺهيل عمارت ويران پئي هجي ها ۽ ڀلي چور اچي در دروازا ڪڍي/ پٽي وڃن ها.
مٿين ڳالهين لکڻ جو مقصد، ڊاڪٽر مبارڪ علي جو ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي/ نظر نه ٿو اچي ته؛ سنڌي وائيس چانسلر ايترا تعصبي هيا جو ويچارن مهاجرن کي انهن جو جائز حق به نه ڏيندا هيا ۽ نه وري کين اها خبر هئي ته يونيورسٽيءَ جي عمارت ڪيئن ٺهندي آهي يا يونيورسٽي جو نظام ڪيئن رکبو ۽ هلائبو آهي؟ سندس واضح مقصد؛ اهو بانور ڪرائڻ آهي ته ڪيئن نه نااهل سنڌي ماڻهو خوامخواهه ڪرسيون سيڙايو ويٺا هيا/ آهن. (هاءِ ڙي سنڌي قوم تنهنجي قسمت! جو تنهن جي مٽيءَ مان جڙيل هيرن ۽ جواهرن کي به بي ملهه پٿر ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو.)
پنجاب يونيورسٽي لاهور جي شعبي تاريخ جو چيئرمين پروفيسر محمد اسلم، انڊيا جي تعليمي سفر جي روئيداد ”سفرنامه هند“ ۾ لکي ٿو؛ ”شعبه فلاسافيءَ کان شعبه تاريخ ڏانهن وڃڻ لاءِ به ڪار تي وڃڻو پيو.“ هاڻي پڙهندڙ خود اندازو لڳائن ته پنجاب يونيورسٽي چندي ڳڙهه جا تعليمي شعبا هڪ ٻئي کان ڪيترو پرتي آهن. ساڳيو حال ٻين ملڪن جي يونيورسٽين جو به آهي.
ڊاڪٽر مبارڪ علي کي اها به ڪاوڙ آهي ته سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد شهر مان ڄامشوري ڇو منتقل ڪئي وئي.
ڊاڪٽر پاڻ تاريخ جو پروفيسر آهي، کيس يقيناً اها ڄاڻ هوندي ته ورهاڱي کان اڳ ۾ جڏهن سنڌ ۾ ڪابه يونيورسٽي ڪانه هئي، تڏهن 1940ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ، سنڌ يونيورسٽيءَ جو بل پاس ڪيو ۽ ان بل جو محرڪ ان زماني ۾، سنڌ جو وزير تعليم سائين جي ايم سيد هيو. سنڌ يونيورسٽيءَ کي پوءِ جڏهن ڪراچيءَ مان ٽپڙ کڻايا ويا ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ حيدرآباد ۾ ڪابه جاءِ خالي نه هئي، تڏهن حيدرآباد جي هندو عاملن جي ڇڏيل اسڪول نووديالا (علم جو مرڪز) ۾ عارضي طور سنڌ يونيورسٽي قائم ڪئي وئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي مستقل طور تي ڄامشوري ۾ ٺاهڻ جو فيصلو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي پهرئين وائيس چانسلر اي بي حليم جي ڏينهن ۾ ٿيو، جنهن جو تعلق صوبي بهار، انڊيا سان هيو. اي بي حليم، سنڌ جي هڪ وزير تعليم ۽ بعد ۾ بڻيل وزيراعلى پير الاهي بخش جو استاد رهي چڪو هيو. ان ڪري پير الاهي بخش وڏو زور ڏئي، اي بي حليم کي انڊيا مان خاص طور تي گهرائي، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪرائي، ساڻس پنهنجا تر سنوان ڪيا هيا.
خود ڪراچي يونيورسٽي، شهر کان ايترو پري هئي جو روزاني اخبار ”جنگ“ ڪراچي ۾ هر هفتي ڪراچي يونيورسٽيءَ بابت ڪالم لڳندو/شايع ٿيندو هو ”شهر سي بارهه ميل پري.“ ان زماني ۾ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جو نانءُ نشان ڪاغذن ۾ به موجود ڪونه هيو، ته ڇا سڄي سنڌ جا شاگرد/ شاگردياڻيون ان حيدرآباد واري نووديالا (موجوده اولڊ ڪيمپس) ۾ ماپن ها؟
ڊاڪٽر مبارڪ علي سنڌ جي ذهن(Talent)  کان ايڏو خائف/ چڙيل آهي يا نفسياتي طور تي ايڏو مرعوب آهي يا سنڌين جي علمي ڄاڻ، هاڪ ۽ ڌاڪ سندس دل تي تور ڪري بيٺي آهي، جو پنهنجي آتم ڪهاڻي کان سواءِ، جڏهن ڪو ڪتاب لکي ٿو، تڏهن سندس دل/اندر ۾ ڄائو مائو ذهين سنڌين جي خلاف جيڪو اوٻر آهي، سو ڏاڍي اٽڪل بازي سان پنن تي منتقل ڪري ٿو. سندس هڪ ڪتاب جو نالو ”تاريخ اور دانشور“ آهي. ان ڪتاب ۾ سنڌ جي هڪ مايه ناز مورخ ۽ دانشور پير حسام الدين شاهه راشديءَ تي نالي وٺڻ کان سواءِ جلهه ڪئي اٿائين. لکي ٿو: ”هڪڙو دانشور، جيڪو انڊيا مان لڏي آيل اسڪالرز جي مالي پريشانين جو ناجائز فائدو وٺي ڏوڪڙن عيوض کانئن ڪتاب لکرائي پنهنجي نالي ۾ شايع ڪرائيندو هو؟“
ڊاڪٽر مبارڪ لکي ٿو:
”تقسيم هند ڪي بعد بهت سي عربي و فارسي ڪي اسڪالرز هجرت ڪر ڪي پاڪستان آئي اور يهان آڪر ان ڪو مالي پريشانيون ڪا سامنا ڪرنا پڙا. ان حالات سي فائده اڻها ڪر سنڌ ڪي ايڪ مشهور دانشور ني، جنهين حڪومت ايران و پاڪستان سي تمغي اور انعامات بهي ملي، ان لوگون سي معاوضه پر ڪام ڪرا ڪي اپني نام سي ڇپوايا اور مشهور محقق اور دانشور هوگئي.“
ڊاڪٽر صاحب جي ايڏي وڏي زٽ ۽ الزام جي جواب ۾ اردو جي مشهور اديب مشفق خواجه پنهنجي قلمي نالي ”خامه بگوش“ سان هڪ ڪالم لکيو، جنهن ۾ ڄاڻايو اٿائين ته پير صاحب جي علمي و تحقيقي معيار جي بلنديءَ جي شاهدي هندستان جي هڪ وڏي معروف عالم صلاح الدين عبدالرحمان به ڏني آهي ۽ هن جي علمي ۽ تحقيقي ڪم بابت ساراهه جا ڍڪ ڀريا اٿائين. ان کان سواءِ مولانا شبلي ۽ مولانا سيد سلمان ندوي جيڪي مستند علم جا وارث آهن، تن پڻ هندستان ۾ ويهي پير حسام الدين شاهه راشديءَ جي علمي ڪمن تي ڪتاب لکيو آهي، جيڪو هندستان ۾ شايع به ٿي چڪو آهي. مشفق خواجه پنهنجي ڪالم ۾ ڊاڪٽر مبارڪ کي صلاح ڏيندي لکيو آهي ته هاڻي ڊاڪٽر مبارڪ علي کي هڪڙو ٻيو ڪتاب ”مورخ اور افواهين“ به لکڻ کپي، جنهن ۾ اهو لکي ته مورخ افواهه ڪيئن هلائيندا/اڏائيندا آهن ۽ اهڙي ڪتاب لکڻ لاءِ ڊاڪٽر مبارڪ علي کي ٻين ڪتابن جي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ ورق گردانيءَ جي به گهرج ڪانه پوندي، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر مبارڪ علي جي پنهنجن ڪتابن ۾ کوڙ ساترو مواد اڳ ۾ ئي موجود آهي.
انڊيا ۽ پاڪستان جا تاريخدان ۽ تحقيقي عالم، پير حسام الدين راشدي جي تعريف ڪندي لکن/چون ته هو سند جو درجو رکي ٿو، پر هيڏانهن اسان جو عالم ۽ محقق هجڻ جي دعوى ڪندڙ مخصوص سوچ ۽ ذهن وارو علامه ڊاڪٽر مبارڪ علي آهي، جيڪو سنڌ ۽ سنڌين جي علمي ڪارنامن ۽ هاڪ وارين شخصيتن کان نابري واريو ويٺو آهي ۽ فخر سان/وڏي دعوى سان لکي ٿو: ”ڇا جا سنڌي دانشور، اديب ۽ شاعر؟ ڪهڙا سنڌ جا عالم؟ اهي جيڪي پراوا لکيل ڪتاب پنهنجي نالن ۾ شايع ڪرائيندي پاڻ کي عالمن ۽ دانشورن جي صفن ۾ بيهاريندا آهن؟“
مشفق خواجه ڪيڏو نه صحيح لکيو آهي: ”ڊاڪٽر صاحب هڪڙي مهرباني ٻي به ڪري ها ته گهٽ ۾ گهٽ انڊيا مان لڏي/ڌڪجي آيل انهن علم جي اڪابرن/ عالمن/ دانشورن ۽ اسڪالرز جا نالا به ڄاڻائي ها، جن کان پير صاحب ڏوڪڙن عيوض ڪتاب لکرايا يا انهن اسڪالرز جا هتي يا هُتي ڇپيل ڪتابن جا نالا ئي ڄاڻائي ها ته هوند سندس دعوى جو دليل ملي وڃي ها!“
مشفق خواجه جي صلاح/راءِ سان متفق ٿيندي ڊاڪٽر مبارڪ علي کي صلاح ته نه، پر هڪڙي گذارش ڪندم ته ڊاڪٽر صاحب کي هڪ ٻيو ڪتاب ”مورخ اور الزام“ جي نالي ۾ لکڻ کپي، جنهن ۾ وضاحت ڪري ته متعصب مورخ جڏهن پنهنجيءَ تي ايندا آهن تڏهن ڌُر ڀر بڻجي، محسن قوم جي ماڻهن تي ڪيئن الزامن جا ڌوڙيا وسائيندا آهن؟
ڊاڪٽر مبارڪ علي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان جي لاءِ لکي ٿو ته؛ ان جي دور ۾ مون کي اسپين جو وظيفو مليو پر حسن علي عبدالرحمان منهنجي موڪل جي منظوري نه ڏني. سوال آهي ته اهي ڪهڙا سبب هيا، جن جي ڪري حسن علي عبدالرحمان سندس موڪل منظور نه ڪئي؟ يا هروڀرو حسن علي عبدالرحمان تي الزام هنيو اٿس! هر دفعي جيان اها ڪوشش ڪئي اٿس ته سنڌي وي سي تعصب وارا هيا.
ڊاڪٽر مبارڪ علي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ پهريائين انگلينڊ ۽ پوءِ جرمني ويو ۽ جيڪا اسٽيڊيز ليوِ ورتي هئائين، ان کان وڌيڪ عرصو پنهنجي مفاد (پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ جو وٺڻ) لاءِ پنهنجي مرضيءَ سان جرمنيءَ ۾ رهي پيو. ان ۾ ٻئي ڪنهن جو ڪهڙو قصور؟ جڏهن لکڻ تي آيو ته پنهنجي ان قصور کي به شيخ اياز جي کاتي ۾ لکي ڇڏيائين. وري ان ڳالهه تي اڻ سڌيءَ طرح ڳنڍ ٻڌي اٿس ته شيخ اياز کيس اردو ڳالهائيندڙ مهاجر ليڪچرار سمجهي سندس موڪل منظور نه ڪئي.
ڊاڪٽر مبارڪ علي کي پنهنجي ورتل موڪل واري عرصي جي خبر هئي ته پوءِ سرڪاري ملازم جي حيثيت سان سندس فرض پئي بڻيو ته هو قانون مطابق هتي موٽي اچي ها ۽ وڌيڪ گهربل موڪل منظور ڪرائي واپس هليو وڃي ها. ڊاڪٽر مبارڪ علي، سنڌ يونيورسٽيءَ کي به ٽهلي رام جو دوڪان سمجهيو ته ٺهيو واڻيو ڇا ڪندو، پاڻهي ساڻس حساب ڪتاب ڪري وٺبو. حقيقت اها آهي ته شيخ اياز تي ڊاڪٽر مبارڪ علي اهو الزام هنيو آهي ته هن کيس اردو ڳالهائيندڙ مهاجر سمجهي زيادتي ڪئي. حالانڪ شيخ اياز جو پهريون شعري مجموعو ”بوئي گل نالئه دل“ اردو ۾ هو ۽ جنهن سکر ۾ اردوءَ جي آبياري ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
ڊاڪٽر مبارڪ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾، پنهنجي گهڻ-گهريي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه فلاسافيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحيم جو ذڪر ڪندي لکي ٿو؛ شيخ اياز جي ڊپ ۽ خوف کان ٻيا ليڪچرار ساڻس ملڻ کان ڪَوَ کائيندا هيا. تڏهن هو ڊاڪٽر عطاءُ الرحيم وٽ شعبي فلاسافيءَ ۾ وڃي ويهندو هيو. پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحيم اصل ۾ هندستان جي سي پي صوبي ۽ هاڻوڪي مڌيه پرديش جي شهر ناگپور جو رهواسي هو ۽ حيدرآباد مان نڪرندڙ اردو رسالي ”نئين قدرين“ ۾ مضمون لکندو هيو. 1981ع جي اٺين شماري ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي جي دوست پروفيسر عطا جو هڪ مضمون سندس دوست ۽ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ۽ اردو ڳالهائيندڙ خان رشيد جي ياد ۾ شايع ٿيو، جيڪو مواد جي لحاظ کان شيخ اياز جي حمايت ۽ ڊاڪٽر مبارڪ علي جي شيخ اياز تي ڪيل حملي/ الزام جي ترديد ڪري ٿو.
ڊاڪٽر عطاءُ الرحيم لکي ٿو:
”سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر خان رشيد تي ڪراچيءَ ۾ فالج جو حملو ٿيو ته کيس لياقت نيشنل اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هو مهينن جا مهينا داخل رهيو. جيئن اها خبر سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر شيخ اياز کي پئي ته، هن نه رڳو ڊاڪٽر خان جي موڪل منظور ڪئي، پر سندس پگهارون به گهر ويٺي ڏياري موڪليون.“
ڊاڪٽر مبارڪ علي، دعا ڪري ميرپور خاص واري پير آفتاب حسين شاهه جيلانيءَ کي جنهن شيخ اياز کي فون تي ڊاڪٽر صاحب جي پارت ڪندي کيس ٻيهر نوڪريءَ تي بحال ڪرايو، پر ڊاڪٽر مبارڪ علي پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ پير آفتاب حسين شاهه کي چڱائيءَ جو بدلو ڏيندي لکي ٿو. ”وزير صاحب جي آفيس ۾  50 کن ماڻهو کيس وڪوڙيون بيٺا هئا، انهن مان ڪي ميڊيڪل ڪاليج ۽ ڪي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جا خواهشمند هيا ۽ ڪن کي نوڪريءَ جي گهرج هئي. خبر ناهي ته ڪنهن جو ڪم به ٿيندو هيو الائي نه؟“
علامه مبارڪ کي اها ڄاڻ ئي ناهي ته، ميديڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا ڏيڻ جو مجاز تعليم کاتي جو وزير نه، پر وزير اعلى ۽ گورنر هوندو آهي.
مبارڪ جي ڪتاب مان ظاهر ٿئي ٿو ته کيس پنهنجي ٻولي ڳالهائيندڙن جي لاءِ دل ۾ نرم گوشو موجود آهي، نه ته ڀلا ڪهڙو سبب آهي جو سڀئي گُٿا لفظ، سنڌين جي ڳلي ۾ هار ٺاهي وڌا اٿائين. پاڻ به ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي لکي ٿو:
”ڪڀي ڪڀي انسان ذاتي طور پر فرقيوارانه صورتحال سي اس قدر متاثر هوتا هي ڪه وه اس ڪا حصا بن جاتا هي اور اس ڪا اسي نقطه نظر سي جذباتي تعلق بن جاتا هي.“
ڪڏهن ڪڏهن سچ زبان تي اچي ئي ويندو آهي.

No comments:

Post a Comment