سائين ذوالفقار قادريءَ جي آتم ڪٿا
پلئه پايو سچ
رکيل مورائي

قادري صاحب نه رڳو پنهنجي زندگيءَ جا تجربا هن ڪتاب ۾ لکي سنڌي نوجوانن
جي رهنمائي ڪئي آهي، پر هن کان اڳ هن ”قادري قلم قبيلو“ نالي ادارو جوڙي پنهنجي سموري
خاندان جون علمي، ادبي ۽ شعري، محبتون محفوظ ڪري ورتيون آهن، جن جو انگ ٻن درجنن کان
مٿي ٿيندو، ۽ هاڻ جڏهن هن عهدن کي ڇڏي پنهنجو سمورو وقت لکڻ پڙهڻ کي ڏنو آهي، ته
هن هڪ لاجواب آتم ڪهاڻي تي ٻڌل ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنو آهيئ
واڌو اهو ته هن آتم ڪٿا جو ڦهلاءُ گهڻو گهڻو وڌيو آهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ
آتم ڪٿا، سنڌيءَ سان گڏ، اردو توڻي انگريزيءَ ۾ به ڇپجي مارڪيٽ ۾ آئي آهي، ان ڪري هن
آتم ڪٿا مان گهڻي کان گهڻا نوجوان فيض حاصل ڪري سگهن ٿا. هن ڪٿا ۾ قادري صاحب نه رڳو
پنهنجي شخصي تجربن کي لکيو آهي، پر هن اها ڳالھه ذهن ۾ رکي آهي ته هو پنهنجي ايندڙ
نسل کي ڪجھه ڏيئي رهيو آهي. هو ادارا جوڙيندڙ شخص به آهي ته انهن کي اڳتي وڌائيندڙ
به آهي، ۽ اهو به قبول ڪيو ويو آهي ته، قادري صاحب جن به ادارن ۾ رهيو آهي، اهي گهڻو
ئي مٿي اڀري آيا آهن. اهڙو رڪارڊ ڪجھه ادارن ۾ به موجود ۽ محفوظ آهي ۽ ڪجھه هن ڪتاب
”پلئه پايو سچ“ ۾ پڻ.
هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري به گهڻي وڌيل آهي جو هيءُ ڪتاب شخصيت جي آس پاس
کان وڌيڪ سماج جي آس پاس آهي، اسان جي ادارن جي آس پاس آهي، ۽ قادري صاحب پاڻ انهن
جي وچ ۾ ويهي، هڪ رهبر جيان پڙهندڙ جي رهبري ڪندي نظر اچي ٿو. هيءُ ڪتاب، تعليمي نصاب
۾ شامل ڪرڻ جي به اهميت رکي ٿو. ان لاءِ جو هن ڪتاب ۾ هڪ ادارا جوڙيندڙ شخص جي زندگيءَ
جا آزمودا آهن، جن مان اسان جو ايندڙ نسل گهڻو ئي پرائي سگهندو، اهڙي اميد ڪري سگهجي
ٿي. تجربن، محبتن، محنتن، سچائيءَ ۽ سادگيءَ سان ڀريل هيءُ ڪتاب هڪ رهبر ۽ هڪ اڳواڻ
ٿيڻ وارو آهي. جيڪڏهن ان کي دل جي حضور سان پڙهيو ويو ۽ پوءِ لاڙڪاڻي جي ان ڪنڊ کي
عقيدت سان سلام ڪرڻو پوندو، جنهن کي ميان جي ڳڙهي چيو ويندو آهي، ۽ جتي هن سنڌ جي صدوري
پٽ جنم ورتو آهي، جنهن نه رڳو ڳڙهي جي آبرو رکي آهي، لاڙڪاڻي جي آبرو رکي آهي، سنڌ
جي آبرو رکي آهي، پر هن ملڪ جي آبرو پڻ رکي آهي. هن شخص جو احترام لائق نالو، ذوالفقار
علي قادري آهي، جيڪو سڀني جو دوست ۽ سڀن کان وڌيڪ سنڌ جو دوست آهي ۽ هن جو انسان جي
چڱائيءَ ۾ ويساھه آهي، جيڪو هر صوفيءَ کي هوندو آهي. هن املھه ڪتاب ۾ 240 صفحا آهن.
سهڻي پني تي ڇپيل رنگين تصويرن ۽ پڪي جلد واري هن ڪتاب جو ملھه 300 رپيا آهي.
No comments:
Post a Comment