12/12/2012

ڪتاب ”سالڪ جو سفر“ - رکيل مورائي


ڪتاب ”سالڪ جو سفر“
رکيل مورائي
هيءُ ڪتاب جڳ مشهور ليکڪ جان بنين جي مشهور ڪتاب ”پلگر مس پروگريس“ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو اڄ کان اٽڪل مني صدي اڳ هن ئي اداري سنڌي ادبي بورڊ جي شروعاتي ڇپيل ڪتابن مان هڪ آهي، جنهن کي وڏي عرصي بعد ساڳئي اداري نهايت خوبصورت نموني ڇپايو آهي. هيءُ ڪتاب انسان جي اندر اجارڻ جو سبق ڏيندڙ آهي، نه رڳو اندر، پر ٻاهر پنهنجي سماج ۾ شخص کي هڪ نيڪ زندگيءَ جو رستو ڏيندڙ آهي، پر هيءُ تبليغ ڪندڙ ڪتاب نه آهي. هن پڙهڻ ۽ پروڙڻ جهڙي ڪتاب جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو پرڀداس ڀيرومل آڏواڻيءَ پاران ڪيل آهي، جنهن کي پڙهي نه فقط انسان پاڻ بابت نئين سر ويچارڻ شروع ڪري ٿو پر سنڌي ٻوليءَ جو حسن ۽ سادگي به ڏسي سگهي ٿو. ترجمي مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ اصلوڪو ڪتاب آهي. ائين هيءُ ڪتاب ڇپائي، بورڊ پنهنجي ان ڪم جي پورائي به ڪئي آهي، جيڪو سندس بنيادي ڪمن مان هڪ آهي، ۽ اهو آهي، دنيا جي بهترين ڪتابن جو ترجمو ڪرائڻ. اکين کي وڻندڙ سمپل ٽائيٽل ۽ پڪي جلد واري هن ڪتاب ۾ 172 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملھه 180 رپيا آهي.

No comments:

Post a Comment