12/12/2012

ڪتاب ”اسماء الحسنى“ - رکيل مورائي


ڪتاب ”اسماء الحسنى“
رکيل مورائي
سنڌي ادبي بورڊ جي خوبصورت آيل ڪتابن ۾ ڪتاب ”اسماءالحسنيٰ“ شامل آهي. هيءُ ناياب ڪتاب  صدي کن اڳ ۾ لکيو ويو هئو، جنهن تان وقت جي دز هاڻ لٿي آهي ۽ اهو املھه ڪتاب مخدوم سيلم الله صديقي صاحب جي محنت سان نه رڳو سج جي روشنيءَ ۾ آيو آهي، پر نهايت سهڻي نموني ڇپيو به آهي. هن ڪتاب جو لکندڙ مخدوم حسن الله شاھه صديقي آهي ۽ هن ڪتاب ۾ ڌڻي پاڪ جي 99 نسبتي نالن جي تشريح ٿيل آهي. ائين هي بابرڪت ڪتاب بورڊ ڇپائي هڪ علمي ڪتاب سنڌ کي ڏنو آهي. يقينن هيءُ ڪتاب اڄ جي نوجوانن لاءِ هڪ املھه ڪتاب آهي، جنهن مان هو پنهنجي خالق جي نالن بابت گهڻو ڄاڻي سگهندا. صاف ۽ سولي ٻوليءَ ۾ لکيل هيءُ ڪتاب 100 صفن تي مشتمل آهي. پڪي جلد ۽ خوبصورت ٽائيٽل واري هن ڪتاب کي ڏسڻ سان هڪ روحاني تسڪين حاصل ٿئي ٿي. هن ڪتاب جو ملھه مارڪيٽ ۾ 125 رپيا رکيو ويو آهي.

No comments:

Post a Comment