نوجوان شاعر ارشاد ڪاظميءَ جون
ساحلن تي آوارگيون
رکيل مورائي

۽ ڪتاب ۾ شامل اهي سڀ آوارگيون محسوس ڪرڻ جهڙيون آهن.
ارشاد وٽ نه فقط خوبصورت ٻولي آهي، پر هن جو اظهار ۽ ان اظهار ۾ آيل ويچار پڻ نئون
آهي ۽ اهڙو آهي جيڪو هن کي هڪ ماڊرن شاعر/ڪوتاڪار جي سڃاڻپ ڏئي ٿو. هڪ اهڙي سڃاڻپ،
جيڪا شهري زندگيءَ جي اذيتن کي اظهاريندڙ طور اڀري اچي، يا سندس ڪو به نظم پڙهندي،
اڄ جو مشيني دور نظر اچي.
ساحلن تي آوارگيون ۾ ميشني زندگي جو اظهار ته آهي ئي،
پر ان ۾ زندگيءَ جي گهڻين باريڪين جو شاعراڻو اظهار به آهي، ته آوارگين جو احساس به.
ائين هيءُ ڪتاب، نئين ڪوتا/نثري نظمن جو هڪ لاجواب ڪتاب آهي، جيڪو پڙهڻ جهڙو به آهي
ته پڙهڻ کان پوءِ ويچارڻ جهڙو به آهي. سمنڊ جي آوارگين واري تصوير سان جڙيل پڪي جلد
وارو هيءُ ڪتاب نئين سنڌ اڪيڊمي ڪراچي جي سرواڻ اسان جي دوست حميد سبزوئي شايع ڪيو آهي. 140 صفحن جي هن ڪتاب جو ملهه 200 رپيا آهي.
No comments:
Post a Comment