07/12/2012

ڪتاب : ”علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، سوانح ۽ علمي خواهشون“ - رکيل مورائي

”علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، سوانح ۽ علمي خواهشون“ (ڪتاب)
رکيل مورائي
هن ڪتاب ۾ چيئر پاران انهن مضمونن، مقالن ۽ ليکن کي ترتيب ڏنو ويو آهي، جيڪي علامه صاحب بابت مختلف عالمن، اديبن ۽ اسڪالرن، الڳ الڳ وقتن تي لکيا آهن يا مختلف ڪانفرنسن ۾ پڙهيا آهن، جن مان علامه قاسمي صاحب جي شخصيت ۽ علم جا الڳ الڳ پهلو ظاهر ٿين ٿا. علامه صاحب بابت هي ڪتاب نهايت اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت سندس سوانح بابت به اهم ۽ مستند مواد ملي ٿو ته سندس علمي ۽ ادبي ڪاوشن بابت به گهڻي تحقيق ڪري هيءُ مقالا لکيا ويا آهن.

هن ڪتاب مان علامه صاحب سان گڏ سندس دَور ۽ همعصر عالمن اديبن بابت به هن ڪتاب ۾ ڪارائتو مواد آهي، جيڪو گهڻي حد تائين علامه صاحب جي آس پاس ئي آهي. ايئن هنن مقالن ۾ نه رڳو علامه صاحب کي محفوظ ڪيو ويو آهي پر ان دور کي به لکت ۾ آندو ويو آهي، جيئن اهو پتو پئجي سگهي ته هُن صاحب کي ڪهڙو دور نصيب ٿيو ۽ ڪهڙين حالتن ۾ هن پنهنجي علمي، ادبي، جدوجهد جاري رکي. اڄ جڏهن علامه صاحب وارو سمورو نسل ختم ٿيڻ تي آهي، تڏهن سنڌ جو علم ۽ ادب نوجوان نسل ڏانهن اميد سان واجهائي رهيو آهي. اڳتي هلي سنڌ کي وري نوجوانن مان مٿين عالمن ۽ شخصن جهڙا شخص ۽ عالم ملندا يا نه، اهو وقت ثابت ڪندو. بهرحال اسين انهن جي پيرن جا نشان سلامت رکي سگهياسين ته پڪ ئي پڪ انهن تي هلڻ به سکنداسين ۽ ايئن سنڌ کي، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي گهڻو ڪري ڏئي سگهنداسين، اهڙي اميد ۽ اعتماد ڪرڻ گهرجي.
علامه صاحب جهڙيون سڀ شخصيتون پنهنجو ڪم جتي ڇڏي ويون آهن، اسان کي اتان شروعات ڪرڻي آهي. هيءُ ڪتاب اهڙا گس ڏيکاري ٿو. هيءُ ڪتاب چيئر جي ڊائريڪٽر قاضي خادم صاحب پاڻ ترتيب ڏنو آهي ۽ پنهنجن ڪجهه لفظن ۾ هن اهي سڀ وضاحتون ڏنيون آهن، جيڪي هن پنهنجي ڪم ڪرڻ دوران پيش آيل حالتن بابت ضروري ڄاتيون آهن. بهرحال اهو سچ آهي ته قاضي صاحب جي روحاني لڳاءَ سبب ئي هيءَ چيئر هلي رهي آهي، جنهن کي يونيورسٽيءَ جو ڪوبه مالي سهڪار نه آهي ۽ جيڪڏهن آهي ته اهو به نه جهڙو آهي. ان باوجود هي سهڻا ڪتاب پاڻ ان ڳالهه جي شاهدي آهن ته اصل شيءِ جذبو ئي آهي، جيڪو ماڻهوءَ ۾ سلامت هجڻ گهرجي، باقي شيون سڀ پوءِ ٿيون اچن ۽ ايئن قاضي صاحب جي جذبي کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ناميارن اسڪالرن ۽ عالمن جا مقالا آهن، جيڪي هن طرح آهن. ۱: ابو رضوان عبدالطيف مهر، ۲: عبدالوهاب چاچڙ، ۳: ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ، ۴: پروفيسر اسرار احمد، ۵: حافظ غلام مصطفيٰ، ۶: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ۷: محمد ادريس السنڌي، ۸: محمد انس راڄپر، ۹: ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو، ۽ ۱۰: پروفيسر اعجاز قريشي.
ايئن قاضي خادم صاحب جو ترتيب ڏنل هيءُ ڪتاب خوبصورت ڇپيل آهي، جنهن جو مُلهه 200 رپيا آهي ۽ ڪتاب ۾ 192 صفحا آهن.

No comments:

Post a Comment