07/12/2012

”موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون“ بابت سادا اکر - پروفيسر نذير احمد سومرو


”موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون“
بابت سادا اکر
پروفيسر نذير احمد سومرو
جيئن انساني زندگيءَ جي تاريخ جي ڪهاڻي پراڻي آهي، تيئن پهاڪن جي تاريخ به پراڻي آهي. اڄ تائين ڪو به پڪ ۽ وثوق سان چئي نه سگهيو آهي ته انسانن سان آباد هن رنگين دنيا جي سڀني ٻولين منجهان اها ڪهڙي ٻولي آهي، جنهن ۾ پهريون دفعو ڪنهن پهاڪو ٻڌو ۽ ٺاهيو؟ ائين ئي هيءُ سوال به اڃا تائين حل طلب آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون پهاڪو ڪڏهن ٺهيو؟ يا پهريون ڀيرو سٺن لفظن تي مشتمل مڪمل يا اڌورو جملو ڪنهن چيو، جيڪو معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان ايترو ته ڀرپور هيو جو سڀني انسانن متفق ٿي ان کي پهاڪو ڪوٺيو؟! يا اهو ايترو وڻندڙ ۽ وزندار هيو، جو سڀني کي وڻيو ۽ باقي پهاڪا  پنهنجو پاڻ هڪ ٻئي جي پويان ٺهندا ويا. اچرج جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته دنيا جي سڀني قومن جي مختلف اٿڻي ويهڻي ۽ تهذيبي تضاد جي باوجود پهاڪا/چوڻيون معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان رڳو هڪجهڙا نه آهن، پر ڄڻ هڪ ٻئي جو نعم البدل آهن، هڪجهڙائي به ايتري جو، هڪ کي لڪائي ٻئي کي ڪڍ! ان جو هڪ سبب هي به نظر اچي ٿو ته انساني جبلتون هڪجهڙيون آهن، ڀلي جسماني رنگ ۽ رت جو گروپ مختلف ڇو نه هجي.

ٿوريءَ دير لاءِ ويچارُ ڪجي ته جيڪڏهن هيءُ وڻندڙ اُڀُ/ آسمان، ستارن يا انهن جي جهرمر کان سواءِ هجي ها يا مٿس فقط هڪڙو ستارو هجي ھا يا اهو چنڊ کان سواءِ هجي ها ته ڪيڏو نه اونداهو، بد-زيبو ۽ اڻ وڻندڙ لڳي ها. ائين پهاڪا/ محاوارا/ چوڻيون، ڪنهن به ٻوليءَ جا، آسمان تي چمڪندڙ ۽ جرڪندڙ ستارن سمان آهن. جيڪڏهن ٻوليءَ ۾ پهاڪا/ چوڻيون نه هجن ته ٻولي ويران، رُکي، سونهن کان سواءِ، ٻُسِي ۽ ٻُٽِي هجي ها، جيئن ڪا پَري، اَپسرا يا خوبصورت، حسين و جميل عورت زيورن کان سواءِ! ڪنهن به ٻوليءَ ۾ پهاڪي، محاوري ۽ چوڻيءَ کي اها حيثيت حاصل ھوندي آهي، جيڪا ادب ۾ تشبيهه ۽ استعاري کي هوندي آهي يا پلاءَ ۾ لوڻ/ مرچ ۽ مصالحي کي هوندي آهي. جيڪا ڳالهه اينگهه ۽ ڊيگهه ۾ ڪري سگهجي يا سمجهائي سگهجي، تنهن کي پهاڪو ٻن ٽن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو، يعني پهاڪو/ چوڻي لکيت/ گفتگوءَ جي ڊيگهه کي ختم ڪري ٿو.
ڪو مڃي يا نه پر هيءَ هڪ حقيقت آهي ته اسان جي سنڌي ٻوليءَ جا پهاڪا هيٺئين طبقي سان تعلق رکندڙ انسانن جي ايجاد آهن، جنهن جو ثبوت هيءُ آهي ته ڪجهه پهاڪن/ محاورن/ چوڻين ۾ مٿاهين طبقي تي، جن ۾ خوشحال، شاهوڪار، سکيا ستابا ۽ وڏيرا اچي وڃن ٿا، ٽوڪ، ٺٺول، چٿر ۽ طنز ڪيل آهي. انهيءَ وضاحت لا هت ڪجهه مثال ڏجن ٿا:
1. واندو آهين ته وڃ وڏيرڪي گهر/اوطاق.
2. پالها مل! وڃ سکئي مل جي گهر.
3. ڪڪڙ ڪوريءَ جو، نانءُ وڏيري جو. (ورجيس)
4. شاهوڪار جو ٽِٽُ به، کسٿوري.
5. وڏيرڪو ٻار؛ چريو، چور، چچلو يا چلولو.
6. وڏيرڪي ڪڪڙ به، ٽه- مڻي. يا وڏيرڪي ٻلي به، ٻه- مڻي.
7. جيڏو ناڻو، تيڏي بک.
8. مروان موت، ملوڪان شڪار.
9. جيستائين سکيو کڻي ساهه، تيستائين غريب جو وڃي پساهه.
10.  ڏاڍي جي نه اڳيان ٿجي نه پٺيان.
11. شينهن کي ڪير چوندو؛ تنهنجي وات ۾ ڌپ آهي.
12. امير گونهه کائي ته چوندا؛ وَٽَ (لذت / لست) ٿو وٺي.
13. شاهوڪارن جو / وياج خورن جو، ناڻو به ويامندو آهي.
14. ڏاڍي جي لٺ کي، ٻه مٿا.
اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪن پهاڪن/ محاورن ۽ چوڻين جو انساني معاشري يا زندگيءَ سان تعلق آهي. زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل پهاڪن/ چوڻين جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
1. لٿي لاباري ڪُچِر/ ڪاهل ٻڌو ڪانڀو، نه سرنهن نه ڄانڀو. (پهاڪو)
2. اهو ڪي ڪجي جو، ٻِين ڏاندين هر هلي. (پهاڪو)
3. گهڻين ڏاندين هر نه هلي، گھڻين رنين گھر نه ھلي. (پهاڪو)
4. خرار مان مُٺِ ڀرڻ. (اصطلاح)
5. نموني جي مُٺِ مان پرکجي ٿو خرار. (پهاڪو)
6. ٻئي مٿا وڏيرو کڻي ويو. (ڪڙميءَ جو سمورو ان کڄي وڃڻ). (جملو)
7. جتي لڻندو لوڪ، اتي سڪندين سنگ لاءِ. (شعري سٽ)
8. فقير پنندي هُهِين، اجايو لاباري جا ڏينهن ٿو وڃائين. (جملو)
9. چونڊيندي چور، وڃي پيا ککڙين تي.
گذريل ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾، زندگيءَ جي هر شعبي اندر ٿيل بي انتها نئيُن ايجادن ڳوٺن ۽ جهر جهنگ کي شهرن سان ملائي، هڪ عالمي ڳوٺ(Global Village)  جوڙي ڇڏيو آهي، پر پهاڪن محاورن ۽ چوڻين ۾ ڪا به ترقي (واڌارو يا نواڻ) ٿي نه سگھي آهي ۽ ساڳيا ئي پهاڪا استعمال ٿي رهيا آهن. 21 فيبروري 1985ع جي رات جو آل انڊيا ريڊيو جي اردو سروس ۾ ”زبان ۾محاوري ڪي اهميت“ نالي سان هڪ ادبي مذاڪرو نشر ڪيو ويو هو، جنهن جو ميزبان مسعود هاشمي هيو. ان ۾ شريڪ گفتگو پروفيسر مسعود حسين خان، جناب رشيد حسن خان ۽ ڊاڪٽر امير الله شاهين جهڙا هندستان جا چوٽيءَ جا اديب ۽ لسانيات جا ماهر هيا. ڊاڪٽر اميرالله شاهين پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو هيو؛ ”تو ميرا يه احساس هي ڪه اس وقت جو نسلين هين وه اس پوزيشن مين نهين هي ڪه ڪڇ نئي محاوري، ڪڇ نئي لفظيات ڀي دين...... نئي ووڪيبلري يا نيا محاورا نهين آرھا. ڪيون ڪه محاوري سازي ڪسي اديب ڪي بس ڪي بات نھين هي، يه تو عوام دين گي، ليڪن عوام تو ڪسي انتشار سي دوچار هين. اس لئي انتشار ڪا شڪار هوني ڪي سبب وه ڪسي نئي محاوري ڪو جنم ديني سي قاصر هين. تو ميرا يه احساس هي ڪه نيا محاورا جو نهين آرها اس ڪي وجه شايد يهي هي.“
پروفيسر مسعود حسين خان، ايڊيٽر رسالا ”هم زبان“ شريڪ گفتگو هيو. ڊاڪٽر امين الله شاهين جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته پروفيسر صاحب ڪنهن جڳهه تي لکيو آهي؛ ”لڳي ته ائين ٿو ته جنهن زماني ۾ پهاڪا ۽ مـحاورا ٺاهيا ويا، ان زماني جا ماڻهو اڄوڪي دور جي ماڻهن کان وڌيڪ سياڻا، دور-انديش ۽ پنهنجين ٻولين جا ماهر هيا، جو پهاڪا / محاورا جوڙي ٻوليءَ ۾ سونهن ۽ سينگار پيدا ڪيائون. پر اسان وارو نسل ان معاملي ۾ شايد گونگو ۽ ٻوڙو آهي، يا ذهني طور سست، ڪاهل، ٽوٽي، ڏُڏُ آهي. پاڻ ڪجهه به نه ٿو ڪري رڳو اڳئين زماني ۾ ايجاد ڪيل پهاڪن يا محاورن تي ڀاڙيو ويٺو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ پهاڪن تي پهريون دفعو ڪم گذريل اوڻويهين صديءَ ۽ ويهين صديءَ ۾ ٿيو. پهاڪن تي ڪم ڪندڙ عالمن جڏهن پنهنجي ميڙي چونڊي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي ته انهن پنهنجي اهڙين محنتن تي نالا ڏاڍا سهڻا، وڻندڙ، مٺاڻ ڀريا ۽ ذائقيدار رکيا!
ديوان ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻي  1869۾ سنڌي پهاڪن تي مشتمل ڪتاب لکيو ته نالو ڏنائينس ”گلشڪر“ ۽ ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ به پنهنجي گڏ ڪيل محنت يعني پهاڪن ۽ اصطلاحن جي مجموعي جو نالو رکيو ”گلقند“. ورھاڱي کان پوءِ 1956ع ۾ غلام اصغر ونڊير محاورن جو مجموعو شايع ڪيو ته نالو رکيائين ”کٽمٺڙا.“ گل شڪر، گلقند ۽ کٽمٺڙا جهڙا نالا ٻڌڻ سان ئي زبان گلن ۽ مٺاڻ جي ذائقي سان ڀرجي وڃي ٿي ۽ ڪنهن سٺي شيءِ جي ذائقي جو احساس پيدا ٿي وڃي ٿو، جيڪو دل ۽ دماغ کي تر ۽ تازو ڪري ڇڏي ٿو.
پنهنجي ٻوليءَ جي ڄاڻ اسان کي ڪيتري آهي؟ ٻوليءَ جي سونهن، پهاڪا / محاورا ۽ چوڻيون آهن. انهن بابت ڪيتري ڄاڻ رکئون ٿا؟ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ جن دوستن به جتن ڪيا آهن، انهن منجهان ڪهڙن پهاڪن / محاورن ۽ چوڻين تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي؟
ماضيءَ جي تاريخ ۾ جڏهن سنڌ بمبئي سان ڳنڍيل هئي. ليئو پايون ٿا ته خبر پوي ٿي ته هڪ يورپين آفيسر، جنهن جي مادري زبان نه سنڌي هئي ۽ نه ئي ان بابت کيس پوري ڄاڻ هئي، سو اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ عالم ديوان روچي رام گجو مل ڪرپالاڻيءَ کي اتساهي/ آماده ڪري ٿو ته هو سنڌي پهاڪا گڏ ڪري ۽ انهن سان ٺهڪندڙ معنيٰ ۽ مفهوم وارن پهاڪن جي لغت تي مشتمل ڪتاب شايع ڪري. ديوان روچي رام گجو مل ڪرپالاڻي، اهڙي عالم ۽ غير تعصبي انسان ۽ يورپي آفيسر بابت پنهنجي ڪتاب ”A hand book of Sindhi Proverbs“ (  (1892جي ديپاچي ۾ لکي ٿو:
“The need of hand book of Sindhi proverbs rendered into English. Contrasted with their English equivalents has been felt and was once prominently brought to notice by a high European Officer desirous of studying the Sindhi language”
مون لاشعوري زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو پهاڪو پنهنجي گهر ۾ والد صاحب جي واتان ٻڌو. منهنجو والد صاحب عبدالحميد سومرو 1941ع ۾ جڏهن علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان تعليم پرائي پنهنجي گهر سنڌ ڏانهن موٽيو پئي آيو ته علي ڳڙهه شهر ۾ لڳندڙ سالياني نمائش مان چانهن پيئڻ وارو ڪوپ-بسين جو سيٽ ورتيون آيو هو. پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۽ علي ڳڙهه يونيورسٽي جي يادين کي تازو رکڻ خاطر سانڍيل سوکڙي يعني ان ٽِي سيٽ جو وڏو خيال رکڻ لاءِ گهر جي سمورن ڀاتين کي ڏاڍو تاڪيد ڪندو هو. ٽي سيٽ هيو به ڏاڍو خوبصورت ۽ انتهائي نفيس ۽ نازڪ ۽ ڪنهن زود حس انسان جيان ٽانڪوڙو. هڪ دفعي اسان جي گهر ۾ دريا پار وارا مائٽ مهمان ٿي آيل هئا. ڪنهن لاپرواهه مهمان جي بي احتياطيءَ وچان، ڪوپ هٿن مان ڇڏائجي هيٺ ڪري ڇينهون ڇينهون ٿي ويو ته بابا سائين ڏک وچان امالڪ چيو ته؛ ”ڌوٻي/کٽيءَ جي گهران وئي ڇُووو!“ مون دل ۾ چيو ته؛ ”ڪوپُ اسان جو ڀڄي پيو ۽ ڀڳو به اسان جي مهمان جي هٿان، ته ان ۾ ڪپڙن ڌوئڻ واري ماڻهوءَ يعني ڌوٻيءَ جو ڇا وڃي؟ ان ۾ ڌوٻيءَ جو ڪهڙو قصور؟!“
ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ جڏهن مهمان موڪلائي ويا ته بابا سائينءَ کان ”کٽيءَ جي گهران وئي ڇووو“ بابت پڇيم ته پاڻ ٻڌايائون ته؛ ”کٽي / ڌوٻيءَ کي گراهڪن جي ڪپڙن لاءِ ڪو به احساس يا خيال نه هوندو آهي ۽ انهن کي پرائو مال سمجهندو آهي. هو مليل ميرن ڪپڙن کي ڌوئڻ لاءِ ڪاٺ مان ٺهيل ڦرهي تي زور ۽ زوم وچان بيدرديءَ سان سٽيندو آهي، پوءِ ڀلي اهو ڪنهن جو بوسڪيءَ يا ململ جو نازڪ ۽ نرم ڪپڙو ڇو نه هجي! کٽي/ ڌوٻي ڪپڙي کي ڦرهي تي سٽڻ مهل پنهنجي وات مان هر هر رڳو ڇووو جو آواز ڪڍندو آهي. پرائو نرم ۽ نازڪ ڪپڙو ڀلي ڦاٽي ۽ ليڙون ليڙون ٿي ڇو نه وڃي، پر ڌوٻيءَ جي گهران ڇا ويندو؟ سواءِ لفظ ڇووو جي آواز ڪڍڻ جي ! نقصان ته ڪپڙي جي مالڪ جو ٿيندو. ظاهر آھي ته جنهن جو نقصان ٿيندو، ڏک ۽ تڪليف به ان کي پهچندي، ٻئي کي ڪانه پهچندي!“
1962ع ۾ نئين تعليمي پالسيِءَ جي نافذ ٿيڻ کان اڳ درسي ڪتابن ۾ موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل سبق شامل هوندا هئا. اهڙن درسي ڪتابن ۾ ڳالهه جي ڳالهه به هوندي هئي ۽ شاگردن لاءِ سبق جو سبق به هوندو هو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته انهن آکاڻين نما سبقن ۾ صراط المستقيم تي هلڻ لاءِ تاڪيد ڪيل هوندو هو. ٻاراڻن توڙي جوان جماڻ شاگردن لاءِ مخصوص درسي ڪتابن ۾، اهڙين نصيحت آموز آکاڻين تي جڙيل سبقن ڏيڻ جو مقصد به اهوئي هوندو هو ته نئون نسل تعليمي ادارن مان انسان بنجي ٻاهر نڪري ۽ ڪٿي کيس اهو مهڻو نه ملي ته؛ ”اٽو ڏئي پڙهيو آهي“ يا ”پڙهيو آهي پر ڪڙهيو ناهي.“ ان زماني جي شاگردن ۽ هاڻي پنجاهه واري عمر کان مٿي چڙهيل ماڻهن کان اهي سبق ڪٿي ۽ ڪيئن وسريا هوندا؟! مثال؛ ”پرائي ڪم ۾ ٽنگ نه اڙائجي“ واري پهاڪي جي پس منظر ۾ ڏنل درسي سبق ۾ هڪ سنت ۽ ساڌو يا ڪنهن اللھ لوڪ انسان جي ڳالهه لکيل هئي، جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته هو پڃري ۾ قيد ۽ بند ٿيل شينهن تي رحم کائي کيس آزاد ڪري ٿو ته شينهن ڪيئن کيس کائڻ لاءِ اُلري اچي ٿو ۽ آخر ۾ گدڙ اچي ساڌو/ سنت جي جان ائين بچائي ٿو جو شينهن کي ڪنهن اٽڪل سان ٻيهر پڃري ۾ بند ڪري ٿو. يا ”تڪڙ ڪم شيطان جو“ واري پهاڪي تي جوڙيل سبق ۾ مائي ۽ نورَ جي ڳالهه لکيل هئي، جنهن ۾ تڪڙ، جلد بازي، عُجلت ۽ اُٻهرائپ کان پاسو ڪرڻ جو ڪيڏو نه عمدو مثال ڏئي سمجهايو ويو هو! اهڙا ڪيترائي مثال ڏجن!
سڀني ڪلاسن جا درسي ڪتاب اهڙين موزون آکاڻين تي مشتمل سبقن سان ڀريل هوندا هئا. سنڌي پرائمري درسي ڪتابن ۾ ”خدا هر هنڌ حاضر ناظر آهي“ جي چوڻيءَ تي جوڙيل آکاڻي نما سبق ۾ پير مرد معلم جي ڳالهه لکيل هئي، جيڪا هن ڪتاب ۾ پڻ موجود آهي. ان آکاڻيءَ جو مقصد هيو ته هڪ عام انسان (شاگرد) ۾ الله تعالي جي هر هنڌ حاضر و ناظر هئڻ جو احساس پيدا ٿئي ۽ ڪو به ڪُڌو ڪم ڪرڻ کان اڳ اهو سوچي ڪنبي وڃي ته ٻيو ڪو ڏسي يا نه ڏسي، پر الله پاڪ ڏسي رهيو آهي. جيڪو ان ڪُڌي ۽ گندي ڪم تي ناراض ٿيندو. اهو اسان جو تهذيبي ورثو هيو، جنهن کي جدت جي آڙ وٺي هڪ ڌڪ سان ختم ڪيو ويو ۽ نواڻ جي محبن اهو چيو ته اهو پراڻو ڪورس آهي، ان ۾ هينئر نواڻ اچڻ گهرجي! نواڻ جي نالي ۾ پڙهيل ڪڙهيل انسانن مان انسانيت ۽ ماڻهن منجهان ماڻهپو ختم ٿي ويو آهي. حالت اها آهي جو ڪنهن سياڻي درويش انسان جيان ڏينهن ڏٺي جو به چراغ يا بتي ٻاري هڪ انسان کي ڳولڻو پوي ٿو ته انسان ڪٿي آهي؟!
پهاڪي جو ڪمال هيءُ آهي ته اهو وڏي مفهوم واري ڳالهه کي مختصر ڪرڻ جو گُرُ سيکاري ٿو. پهاڪو عام ۽ نجي ڪچهرين، فيصلن يا نثر توڙي نظم (شاعريءَ ) ۾ استعمال ٿئي ٿو. ڳالهه کي جرڪائي ٿو ۽ منجهس حسن پيدا ڪري ٿو.
منهنجي ننڍپڻ جي دوست ۽ همراز هڪ انسان- دوست، نذير احمد پيرزادي جو والد مرحوم خوش محمد پيرزادو، نئون ديري جي معزز شخصيتن منجهان هيو ۽ رٽائرڊ پرائمري هيڊ ماستر هيو. هڪ دفعي سندس مزاج پرسي ڪرڻ ويم. پاڻ پنهنجي گهر جي اندرئين ڪمري ۾ نهوار واري کٽ تي ليٽيل هيو. مان جيئن ئي اندر داخل ٿيم تيئن مون تي نظر پوڻ سان ئي اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ڪمزوري ۽ نحيف هئڻ سبب اٿڻ کان لاچار ئي رهيو. مان پاڻ وڌي وڃي مليومانس ته ڳراٽڙي پائي چيائين: ”پٽ ! سنج مڙئي ساڻ، پر جوڀن ريءَ جڏا ٿيا!“
دل ۾ چيم ته؛ ”پهاڪو انساني ڪيفيت جو ڪيڏو نه سٺو ترجمان ٿئي ٿو. سائين خوش محمد پيرزادو انسان به ساڳيو ئي آهي ۽ سڀئي عضوا سلامت به اٿس پر انهن عضون ۾ قوت ناهي، ڪا طاقت ناهي ته اهي بيڪار ٿي پيا اٿس!“
پهاڪي جا، انساني حالت ۽ ڪيفيت جي ترجمانيءَ جا کوڙ مشاهدا ٿيا، جن جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. اسان جي ڀيڻيوي محمد علي سومرو، سابق هيڊ ماسٽر گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ديري واري جو هڪ پراڻو واقفڪار هيو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ وڏي نالي وارو ملهه ٿي گذريو آھي. اهو گاهي به گاهي اسان جي اوطاق ۾ ايندو رهندو هو. پوڙهائپ خود وڏي بيماري آهي. اهو ملهه به جواني هلي وڃڻ سبب هٿن ۾ ٿورو وزن به کڻي نه سگهندو هو ۽ هر هر ڪري پوندو هو. ادا محمد علي سومرو کيس پٽائيندو ۽ چيڙائيندو هو ته هو امالڪ ڀٽائي جي ضرب المثل شعري سٽ چئي ڏيندو هو: ”جهونا ٿيا جهاج (جهاز)، سٽ نه جهلين سڙهه جي!“
 هڪ دفعي منهنجو وڏو چاچو حاجي در محمد سومرو، نصير آباد ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڊي سي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هيو. اسان جي سئوٽ مولا بخش سومري مرحوم جو هڪڙو هم ڪلاسي دوست هيو، جيڪو ڪنهن زميندار جو پٽ هو. زميندارڪو ٻار هئڻ سبب پڙهڻ ۾ ڏُڏُ هو. تنهن مولا بخش کي چيو؛ ”پنهنجي والد صاحب کي چئو ته؛ منهنجو نالو اسڪول مان ڪڍي ڇڏي! ڇو جو مان ڪونه پڙهندم!“ اها خبر جڏهن سندس پيءُ کي پئي ته اھو چاچي سان ملڻ لاءِ اسان جي ڳوٺ آيو ۽ ڏک وچان چيائين؛ ”حاجي صاحب! ڏک اهو آهي ته مان ته ڪونه پڙهيم پر منهنجو پٽ به هاڻي ئي اٺ وانگر پٺتي مُٽي بيهي رهيو آهي! افسوس صد افسوص!“
هڪ دفعي سنڌي ادبي سنگت خيرپور شاخ جو سيڪريٽري تاج سروهي، سندس دوست علي گل ملاح، قدرة الله سومرو ”قدرت“ ۽ مان هڪ ٽيڪسي ڪار ۾ ڪيڏانهن وڃي رهيا هئاسين. واٽ تي ڪار خراب ٿي پئي. ڀرسان ئي ھڪ رهزن، بدنام، ماڻهن کان آجي، بدمعاش جو بظاهر وڏو خوبصورت بنگلو هيو. سانوڻ جا ڏينهن هيا، اڃ به ڏاڍو ستايو هو، سو پاڻي پيئڻ لاءِ ان جي بنگلي ۾ اندر وياسين. اندريون منظر ڏاڍو ڀيانڪ هو، ڇاڪاڻ ته اتي رُڃ ۽ سُڃ، چري عورت جيان وار کولي واڪا پئي ڪيا. بنگلي ۾ اندر ڪمرا فرنيچر کان خالي هيا ۽ ٻه ٽي ڇنل ڇڳل موڙا ۽ ٻه ٽي ٻانهون ڀڳل ڪرسيون ورانڊي ۾ رکيل هيون. سينواريل دلي مان پاڻي پي ٻاهر نڪتاسين ته سڀني دوستن گڏيل آواز ۾ چيو؛ واقعي سياڻن ڪيڏو نه سچ چيو آهي: ”ماريءَ جي گهر، هڏن جو ڍير!“
هر سٺو شعر پاڻ ئي پنهنجي سونهن آهي، پر جي ڪو سٺو شاعر پنهنجي شعرن جي قالب ۾ پهاڪي، اصطلاح، محاوري ۽ چوڻيءَ کي فٽ ڪري ٿو ته ان سان شعر جو حسن ٻيڻو ٿي پوي ٿو. جيئن نثر ۾ پهاڪو، اصطلاح، محاورو يا چوڻي استعمال ڪرڻ سان نثر وڌيڪ وڻندڙ ۽ پُر اثر ٿئي ٿو. ائين نظم (شاعري) ۾ پهاڪو، اصطلاح  محاورو ۽ چوڻي استعمال ڪرڻ سان شعر جي علامتي معنيٰ زياده نمايان ٿي دل کي ڇهي ٿي. اردو ٻوليءَ ۾ مرزا اسدالله خان غالب، امن، ذوق ۽ جوش مليح آباديءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ پهاڪا ۽ تلميحون وڌيڪ ڪم آندا آهن. اردو نثر ۾ وري ڊپٽي نذير احمد ۽ ڪرشن چندر پنهنجي ناولن ۾ رڳو ممبئي جا محاوار ۽ پهاڪا ڏنا آهن، سي به اهڙا جن کي رڳو ممبئيءَ جي مخصوص طبقي سان وابسته افراد ئي سمجهي سگهن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن ۾ ڊُٺڙي جو عارف الموليٰ، نظير ٽکڙائي، استاد بخاري ۽ ٻيا ڪجهه شاعر آهن، جن پنهنجي شعرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا پهاڪا، اصطلاح، محاورا ۽ چوڻيون شامل ڪري پنهنجي شاعريءَ جي حسن کي وڌيڪ چمڪايو آهي. ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:
ڪنھن کي زوري شادي لا به مڃرائي نه ٿو سگھجي، زوري جي ميندي لڳندي ناھي.
 .1تنهنجي ڳالهه ته مڃڻي ناهي،
”زور جي ميندي لڳڻي ناهي.“ ------- نظير ٽکڙائي
2. زاهد خشڪ سان عشق جون ڳالهيون،
”رڍ اڳيان رباب“ ڇا چئجي؟!
بي درد سان درد جون ڳالهيون،
انڌي اڳيان ڪتاب ڇا چئجي؟-------- عارف المولي

اسان سنڌي، ڪنهن جي ڪُڌي ڪم کي ڏسي افسوس يا نفرت سان چوندا آهيون: ڪاريءَ (نانگ) تي پير اٿس.
کر جو ٿر سان وير آ، ٻيو مڙئي خير آ،
 نانگ تي پيو پير آ، ٻيو مڙئي خير آ--------- استاد بخاري.
ڪمزور، گيدي ۽ بزدل ماڻهو پنهنجي گهر اڳيان بيهي اجايو گوڙ يا ڏاڏر ڪندو آهي ته بي اختيار ٿي چوندا آهيون: ”پنهنجي ڏر جي اڳيان گدڙ به شير آهي.“
مُند مٽبَي ئي مِزاج هِن گھڻا مٽجي ويا،
ٿي گدڙ پيو شير آ، مڙئي خير آ----------- (بخاري)
وڃايل موڙي ۽ چوري ٿيل قيمتي شين مان اڌوگابرو سامان موٽي ملڻ تي يا نالي ماتر ٽپڙ ٽاڙي ملڻ تي چوندا آهيون: ”ٻڏي ٻيڙيءَ جون هريڙون به چڱيون.“
هي جُهد جو جهنڊو، جو ڳڙن ۾ ڦڙڪيو،
ڦاٽي ويو سانڍي رکو، ليڙون به چڱيون،
استاد ۾ ڇا دوست بچيو آهي، چيائين؛
”ٻيڙي جي ٻڏي ته هريڙون به چڱيون.“ -------- استاد بخاري
اسان جو محقق محترم عبدالوهاب سهتو، لک آفرين ۽ شاباس جي لائق آهي جنهن اسان جي تهذيب يا وڃايل موڙيءَ کي، انگريز شاعر ملٽن وانگر وڃايل بهشت کي ڳولي ڦولي هٿ ڪري ۽ هڪ هنڌ جمع ڪري ههڙو ڪتاب تيار ڪري اسان جي لوڪ ادب کي شاهوڪار ڪيو آهي. اسان پڙهيلن وٽان پهاڪا، اصطلاح، محاورا ۽ چوڻيون جهڙو املهه خزانو، هٿن ۾ واريءَ جيان کسڪي رهيو آهي. پهاڪا، محاورا ۽ چوڻيون ته پري رهيون پر اسان جو نئون نسل پنهنجي ٻوليءَ جي سونهن کي به ميرو ڪري رهيو آهي. سنڌي سماج ۾ ڀيڻ توڙي ڀاءُ جي ٿيل رشتي کي پڪو ڪرڻ واري عمل کي مڱڻو چيو ويندو آهي، پر نئون نسل ڀيڻ ته ڇا پر ڀاءُ جي مڱڻي جو سڏ ٻڌائڻ لاءِ چوي ٿو؛ ”صبحاڻي منهنجي ڀاءُ جي مڱڻي آهي!“
لفظ مڱڻو مذڪر ۽ مڱڻي مونث! پر نئين نسل کي ڪابه خبر ڪانهي. پنهنجي شاهڪار پهاڪن کي ڇڏي ٻين ٻولين جا اڻ ٺهڪندڙ پهاڪا ٻڌائڻ ۽ استعمال ڪرڻ تي زور اٿن! خبر ناهي ته يونيورسٽين ۾ شعبي سنڌي جي بورڊ آف اسٽڊيز جي ميمبر صاحبان جو ڌيان هن طرف ڇو نه ٿو وڃي ته هو ههڙا ڪتاب ايم اي جي ڪورس ۾ شامل ڪن.
سرڳواسي روچي رام گجو مل ڪرپالاڻيءَ جيڪا اڄ کان هڪ صدي اڳ آس رکي هئي، تنهن کي اسان جي محقق عبدالوهاب سهتي ساڀيان جو روپ ڏئي ڄڻ سندس آتما کان آسيس ورتي آهي. ديوان روچي رام گجومل ڪرپالاڻيءَ انگريزي پهاڪن سان ٺھڪندڙ ٻن ڀاڱن تي مشتمل سنڌي پهاڪن واري ڪتاب تي ڪم 1892ع ۾ شروع ڪيو هو ۽ سندس اهو ڪتاب سنڌ جي ڪمشنر جي ممبئي واري پريس مان شايع ٿيو هو. ديوان روچي رام گجومل ڪرپالاڻي پنهنجي ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو: آئنده (مستقبل ۾) سندس هن بنيادي ڪم کي نظر ۾ رکي ڪو وڏو ڪم (پهاڪن بابت) ترتيب ڏنو ويندو. ديوان روچي رام جو چوڻ آهي:
“I undertook this work in 1892 but owing to press of office work, and sudden illness, my progress has been very slow It contains only those proverbs which are most common and generally understood.. Nor does it in any way profess to be free from errors. Defective as it is, it may however be found useful by students of Sindhi and may serve as a basis for a more complete work at some future period”.
محترم عبدالوهاب سهتي جو هي شاندار، شاهوڪار ۽ شاهڪار ڪم، ديوان روچي رام گجومل ۽ ٻين عالمن جي پهاڪن تي ٿيل سئو سال پراڻي ڪم جو ڄڻ ته تسلسل آهي ۽ ديوان روچي رام جي ان آس جو پورائو آهي، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. بقول ديوان روچي رام گجو مل جي ته مستقبل ۾ ڪو اهڙو ماڻهو، محقق جي روپ ۾ پيدا ٿيندو، جيڪو سندس ڪم کي بنياد بڻائي وڏو ڪم سر انجام ڏيندو. هتي مان ان لکڻ/چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿو سمجهان ته ديوان روچي رام گجومل جنهن آئنده جي محقق جي آس رکي اشارو ڏنو آهي، اهو ڪو ٻيو نه، پر يقيناً عبدالوهاب سهتو ئي آهي.
ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ پهاڪن تي شايع ٿيندڙ هڪ ڪتاب ۾ پهاڪن جي پس منظر ۾ اهڙيون کِلَ جهڙيون ڳالهيون لکيون ويون آهن، جن جو منهن نه مٿو. جن کي عقل سالم مڃڻ ۽ قبول ڪرڻ لاءِ ڪنهن به دور ۾ تيار ئي ناهي! نامڪن ۽ اڻ ٿيڻ جهڙيون ڳالهيون ”پهاڪن جي پاڙ“ طور ڏنيون ويون آهن، جيڪو ٻيو ڪجهه به نه، پر مرتب جو ذهني اختراع (Puerile) لڳن ٿيون ۽ مرتب، پهاڪي  ۽ ورجيس ۾ فرق پيدا ڪري يا سمجهي نه سگهيو آهي ۽ کوڙ ورجيسون، چوڻيون ۽ اصطلاح، پهاڪن ۾ شمار ڪيا اٿس! پر اسان جي محقق محترم عبدالوهاب سهتي جي موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل هن ڪتاب ۾ پڙهندڙ کي ڪا هڪ آکاڻي به غير موزون نظر ڪانه ايندي، جيڪو مان سمجهان ٿو ته سندس تحقيقي ڪم جو پنهنجو پاڻ ئي ثبوت آهي. آئون محترم عبدالوهاب سهتي جي هن تحقيقي ڪم کي “A THING OF BEAUTY” سمجهان ٿو.
حيرت وٺي ٿي، جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل پهاڪن، ورجيسن، محاورن ۽ چوڻين تي مشتمل ڪتابن تي نظر وجهئون ٿا ته اڪثر مرتب يا ته ساهتي علائقي سان تعلق رکن ٿا يا زمين تي آسمان جي ٽڪڙي لاڙڪاڻي سان. لاڙڪاڻوين منجهان شمس الدين تونيه قمبر وارو جنهن تازو سائنٽيفڪ ڊڪشنري پڻ ترتيب ڏني آهي، يا مرحوم عبدالڪريم سنديلو ۽ محترم عبدالوهاب سهتو شامل آهن. محترم عبدالوهاب سهتي جو اباڻو ڳوٺ ته ڄام نورالله، ڪنڊيارو آهي. جتي پاڻ فقير محمد بچل سهتي جي گهر ۾ جنم ورتائين ۽ سنڌي محاوري موجب سندس اور به انهيءَ گهر ۾ پوريل آهي، سو به ساهتي علائقي ۾ اچي ٿو. هاڻي لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو ۽ تمام خوشيءَ ۽ ادب- دوستن لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي ته هاڻي عبدالوهاب سهتو، لاڙڪاڻوي آهي.
محترم عبدالوهاب سهتي کي هي تحقيقي ڪم، سندس والد صاحب چاچي محمد بچل سهتي کان ورثي ۾ مليل آهي، ڇاڪاڻ ته چاچو محمد بچل سهتو اڻ پڙهيل هئڻ جي باوجود پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ سياڻو، دورانديش ۽ سپورنج انسان سمجهيو ۽ مڃيو ويندو هو ۽ هو هر ڳالهه ۾ ڪونه ڪو مثال، ٽوٽڪو، نقل، نظير، پهاڪو، محاورو يا چوڻي استعمال ضرور ڪندو هو.
هتي هڪ ڳالهه ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته جيئن انگريزن ۽ ٻين يورپي عالمن پنهنجي ٻولين ۾ فحش ۽ بازاري ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ پهاڪن ۽ محاورن تي مشتمل ڊڪشنريون تيار ڪري ڇپايون آهن، تيئن آءٌ به محترم عبدالوهاب سهتي کي هيءَ صلاح ڏيندم ته هن جيئن ته تحقيقي ميدان ۾ پاڻ ملهايو ۽ مڃرايو آهي، ان ڪري مٿس اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هو سنڌي ٻوليءَ ۾ خاص طور گڏيل مجلسن، اوطاقن، مئخانن، هوٽلن، بازارين ۽ نجي محفلن ۾ استعمال ٿيندڙ اگهاڙا ۽ ننگا پهاڪا ۽ محاورا به ضرور لکي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ سوين اگهاڙا پهاڪا  آهن، جن تي ڪنهن به محقق قلم ڪونه کنيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي هڪ محقق ديوان مرليڌر جيٽلي جي هڪ ڪتاب ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا“ (لوڪ اڀياس) سنڌ ۾ ڇاپو پهريون 1996ع جي صفحي 117 تي فقط ست فحش پهاڪا ۽ ورجيسون ڏنيون آهن. هي ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو طرفان الڳ شايع ڪيو ويو آھي، جيڪو اصل ۾ سنتداس پنهومل ڪشناڻيءَ جي ڪتاب ”پهاڪا۽ محاورا“ جو مقدمو هيو، جيڪو اصل ڪتاب (انڊين ايڊيشن ) ۾ موجود آهي. ديوان مرليڌر جيٽلي لکي ٿو:
”سنڌي ۽ ٻين ڀارتي ٻولين جي انهيءَ پهلوءَ تي علم اللسان جي نقطي نگاهه کان تحقيق ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي.“
مرليڌر جيٽلي جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي سهتي صاحب کي گذارش ڪبي ته اهڙو مواد سنڌ ۾ ناميارن مشڪرن/ مسخرن وٽان حاصل ٿي سگهي ٿو، جن وٽ اهڙي طرز جو وڏو خزانو موجود آهي.

No comments:

Post a Comment