02/12/2012

ڪتاب ”سنڌي ڊرامـه جي تاريخ“ - مٺل جسڪاڻي


آفتاب حسين کونهاري جو ڪتاب ”سنڌي ڊرامـه جي تاريخ“
تبصرو: مٺل جسڪاڻي
منهنجي خيال ۾ هي سنڌي ڊرامـه جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ انتهائي ڪارائتو ڪتاب آهي. هي ڪتاب نوجوان ليکڪ آفتاب حسين کونهارو جي ترتيب ڏنل، اهڙي مختصر تحقيقي جائزي تي مبني آهي، جيڪو ڊيمي سائيز جي ۹۵ صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب ڏسندي ئي منهنجو اندر سڙي ويو ۽ رک ان ڪري ٿيو، ڇاڪاڻ ته ڪتاب لکڻ ۽ ڇپائڻ جي شوق ۾، تمام ننڍڙو فونٽ استعمال ڪري ۹۵ صفحن ۾ عام ڪتاب جي اٽڪل ۱۵۰ صفحن جيترو مواد، انتهائي سادي ڪاغذ تي ۽ ڪچي جلد ۾ ڇپرايو ويو آهي.

جيتوڻيڪ هي منهنجي دلچسپي جو موضوع نه آهي، پر مون کي لڳي ٿو ته جيڪڏهن ليکڪ هن موضوع تي ايم فل ڪري ها، تـ هي بهترين مقالو ٿيسز طور قبول ڪيو وڃي ها. هن ڪتاب ۾ چار باب آهن. پهرئين باب ۾ ڊرامي جي وصف، ڊرامـي جا فني جزا ۽ ڊرامي جا قسم جي عنوان ۾ تفصيل سان روشني وڌي وئي آهي. ٻئي باب ۾ سنڌي ڊرامي جي ارتقائي تاريخ، ٽئين باب ۾ سنڌ جي ناٽڪ منڊلين تي پيش ڪيل سنڌي ڊرامي جو مختصر جائزو ۽ چوٿين باب ۾ ۱۹۴۷ع کان پوءِ سنڌي ڊرامي جو مختصر جائزو ڏنو ويو آهي. هر باب جي آخر ۾ مددي ڪتابن، رسالن ۽ جتان جتان بـه مواد حاصل ڪيو ويو آهي، ان جو حوالو، تفصيل به شامل آهي.
ڪتاب جو مهاڳ لکيو آهي: پروفيسر ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊين فيڪلٽي آف آرٽس، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو. ۹ صفحن تي مشتمل، ليکڪ پنهنجي پاران ۾ جيڪو لکيو آهي، اهو بـه تمام دلچسپ ۽ معلوماتي آهي. اداري پاران بس تمام مختصر نوٽ لکيل آهي.
هي ڪتاب آفتاب ادب پبليڪيشن ڪوٽڙي پاران ڇپرايو ويو آهي ۽ قيمت ۱۰۰ رپيـا آهي.

No comments:

Post a Comment