13/12/2012

ايس نسيم ميمڻ جو ڪتاب ’چنڊ سنڌوءَ ۾‘ - رضا لانگاهه

ايس نسيم ميمڻ جو ڪتاب ’چنڊ سنڌوءَ ۾‘
رضا لانگاهه
دنيا جي دانشورن، اديبن، شاعرن ۽ مفڪرن جي گڏيل راءِ اها آهي ته ”شاعري نه ڀڙڪو کائڻ جو نالو آ، شاعري نه وسامي وڃڻ جو نالو آ، شاعري نالو آهي دکيل رهڻ جو يعني مسلسل جدوجهد.“ ڇاڪاڻ ته شاعريءَ ۾ جيڪي خيال يا مقصد پيش ڪيا ويندا آهن، انهن جي ڪٿي به حد مقرر ٿيل نه هوندي آهي. سماج ۾ انيڪ المياتي موضوع هئڻ ڪري شاعر کي جيڪا شاعريءَ ۾ وسعت ملي ٿي يا لکڻ لاءِ جيڪو اتساهه پيدا ٿئي ٿو، اهو کيس ڪڏهن به ڪٿي ٿڪاوٽ محسوس نٿو ڪرائي. فن ۽ فڪر مسلسل مشق چاهيندو آهي. انهيءَ مسلسل مشق جي ڪري تخليقڪار ۾ جيڪا پختگي پيدا ٿئي ٿي سا سندس ادبي کيتر ۾ نون دڳن ۽ پيچرن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

شاعر جتي سماج جي شناس رکي ٿو، اتي وقت کي پڻ ياد ڪري ٿو. شاعر وقت جي حالتن سان مهاڏو اٽڪائي، پنهنجي لکڻين ۾ جيڪا آگاهي ڏئي ٿو يا خبردار ڪري ٿو، اها آگاهي هر باشعور ماڻهوءَ لاءِ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙي ٿي پوي ٿي. جيئن هر ماڻهوءَ جي پنهنجي دنيا هوندي آهي، ائين دل جي اڌمن، امنگن ۽ احساسن جي پڻ دنيا ٿئي ٿي, جنهن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ لاءِ ڀرپور مطالعي ۽ مشاهدي جي ضرورت پوي ٿي. شاعر جي سوچ، سمجهه، فڪر، فهم ۽ اظهار جي احساس کي جڏهن ڪو انسان سمجهڻ کان پوءِ عمل ڪندو آهي ته سندس سالن جا ٿڪ لهي پوندا آهن. ڪامياب شاعر اهو ليکيو ويندو آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ سماج لاءِ اثرائتا ۽ جاندار ڪردار شامل هجن. جذبي جي شدت، فني پابندين جو پورائو، حقيقت جو رنگ، جمالياتي عنصر، ڌرتيءَ جو عشق، سونهن ۽ سندرتا جا عڪس هر سڄاڻ شاعر جي سڃاڻپ هوندا آهن. ڏانءُ، ڏات، ڏاهپ ۽ عقل جهڙا تحفا هر ڪنهن انسان کي ناهن ملندا. خوشنصيب آهي ڀيڻ ايس نسيم ميمڻ جنهن کي الله تعاليٰ سڀني خوبين سان نوازيو آهي ۽ اهڙا تحفا عطا ڪيا آهن. ادبي کيتر ۾ سندس صلاحيتن کي جيڪو مانُ مليو آهي يا پذيرائي نصيب ٿي آهي، ان جو مثال عورت شاعرائن ۾ تمام گهٽ ملي ٿو.
هن جي شاعريءَ ۾ جلون، جذبن، نخرن، اڌمن، صدمن، کُٽڪن ۽ نغمن جو ڳالهائڻ، ارمان، درمان، شان ۽ مهمان جو ذڪر. گلن، هوائن، ڀاڳن ۽ ماڳن جي اپٽار. راز، پرواز، ناز، آغاز، باز ۽ شهباز جا آواز. سونهن، سرهاڻ، چانڊاڻ ۽ ماڻ کي سانڍڻ. پيرن، ڀيرن، بسيرن، سويرن ۽ نبيرن کان سوال ڪرڻ. ڪهاڻي، پڄاڻي، سياڻي ۽ نماڻي عورت جي آگاهي. گلن، يادن، آسن، سڳڙن ۽ خوشبوءَ کي ميڙڻ ۽ سهيڙڻ جا عنصر. نظر کي نظر ۾، آس کي ڪڪر ۾، پاڻ کي بَر ۾، سِڪ کي بحر ۾ ۽ تات کي تر ۾ لڪائڻ جهڙا واقعا. شبابن، گلابن، حجابن، عذابن ۽ انقلابن جا نغما. رستن، رشتن، ورثن ۽ ٽانڊن کي ميڙڻ، سونهن کي سرڪي ڪري پيئڻ، ڏکن هوندي به زماني ۾ مرڪي مرڪي جيئڻ جهڙا حوصلا پيدا ڪرڻ. تڙپي تڙپي گهڙيون گهارڻ ۽ سڄڻ کي آڌيءَ ڌاري سارڻ جهڙا اڌما. بد دعا، شفا، عطا، صدا، گلا، قضا ۽ مسيحا سان شڪايتون. خوشين جو موٽي وڃڻ، ٽانڊن تي ٽچڪڻ، پرينءَ جو رسڻ، ڳيرن جو اڏڻ، تمنائن جو خون ٿيڻ، پوءِ به زندگيءَ سان نڀائڻ جهڙا وچن. نظارن، بهارن، اشارن، خمارن، ستارن ۽ ڪنارن ۾ نوان رنگ ڀرڻ. دنگَ، چنگَ، انگَ، ڏنگَ، ونگَ ۽ رنگَ کي محبوب جي جوانيءَ ۾ ڏسڻ جهڙا سندر سپنا، شرابي، شبابي، گلابي ۽ عقابي گيتن جهڙي خوبصورت اڏام، آس نراس، تاس، اداس ۽ حراس کي ناس ڪرڻ جهڙيون نصيحتون. پرولي، ٻولي، ڇولي، هولي ۽ لوليءَ جهڙا انڊلٺي اهڃاڻ پڙهڻ لاءِ سَوَن جي تعداد ۾ ملندا.
ڪمپيوٽر جي دؤر ۾ ڪارو ڪاري واقعي تي هن شاعره داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جي اهڙي ته ڏاهپ سان منظر ڪشي ڪئي آهي جو مشتاقن جون اکيون کيس ڏسڻ لاءِ آتيون ٿي پيون آهن. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي خوبصورت رنگ ڀريا آهن، اهي ڪلاسيڪل ۽ جديديت جا عڪس محسوس ٿين ٿا. جڏهن سندس خواهشون، چاهتون، رونقون ۽ نفرتون تڙپائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون يا بيچنيون ۽ بيقراريون، بيقرار ڪن ٿيون، تڏهن هيءَ احساس جا سڀ بند ٽوڙي جيڪا تخليق پني جي وشال من تي اوتي ٿي، اها ڪڏهن آکاڻيءَ جو روپ وٺي ٿي، ته ڪڏهن شاعريءَ جو روپ. هن ٺهيل ٺڪيل محاورن، اسلوبن، اصطلاحن، تشبيهن ۽ عام چوڻين جي بدران پنهنجي انفرادي مطالعي، مشاهدي ۽ اسلوب کي پنهنجي فن ۽ فڪر جو احساساتي ويس پارائي جيڪو به لکيو آهي، ان کي پڙهندڙ ڏاڍو پسند ڪيو آهي. سندس تخليق ۾ جيڪا انفرادي سندرتا يا فڪري گهرائي آهي، اها گهڻن شاعرن کان منفرد ۽ وڻندڙ لڳي ٿي.
اميد آهي ته گوتم ٻڌ ۽ گرو رجنيش جهڙي من ۾ محبت رکندڙ ڀيڻ ايس نسيم ميمڻ جو هيءُ شعري مجموعو ”چنڊ سنڌوءَ ۾“ سنڌي ادب جي دنيا ۾ نمايان جاءِ والاريندو.

No comments:

Post a Comment