18/12/2012

فلسفيانـه جديديت کان ادبي جديديت تائين - اڪبر لغاري



فلسفيانـه جديديت کان ادبي جديديت تائين
اڪبر لغاري
لفظ جديديت سان لاڳاپيل تصور اڪثر هڪ ٻي ۾ مدغم ٿي ويندا آهن جنهن سبب واضح ۽ چٽي معنيٰ تائين رسائي ممڪن نه رهندي آهي. تنهنڪري ادبي جديديت کان پهرين جديديت جي ٻين تصورن يا معنائن کي سمجھڻ ضروري آهي.
لغوي معنيٰ يا ڪئلينڊري جديديت: جديديت لفظ جديد مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ آهي بلڪل هاڻي يا زمان حال ۾ يا بلڪل ويجھي ماضي ۾. انهيءَ حساب سان جديديت جي معنيٰ ٿئي ٿي اها صورتحال يا تصور يا فڪر وغيره جيڪو بلڪل نئون ۽ تازو هجي ۽ اهو يقيني طور تي پراڻي، قديم، ڪلاسيڪي وغيره کان مختلف، بهتر يا متضاد هجي. مثلن جيڪڏهن چئجي ته فلاڻي اسڪول ۾ جديد تعليم ڏني ٿي وڃي ته انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته اها تعليم پراڻي تعليم کان مختلف ۽ نئين آهي. هن قسم جي جديديت کي ڊاڪٽر فهيم اعظمي ڪئلينڊري جديديت جو نالو ڏنو آهي.
فلسفانه جديديت (Modernity): جديديت جي معنيٰ فلسفي ۽ ادب ۾ الڳ الڳ آهي بلڪ ڪافي مختلف ۽ متضاد پڻ. ان ڪري فلسفانه جديديت کي سمجھڻ انتهائي ضروري آهي. فلسفيانه جديديت يا روشن خيالي يا عقلي تحريڪ تقريبن ساڳي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاح آهن. جديد فلسفي جي باني ريني ڊيڪارٽ (1596 کان 1650) عقل کي هر شيءِ تي مقدم قرار ڏنو هو، جنهن کان پوءِ جان لاڪ، هيوم، والٽيئر، ڪانٽ، هيگل، مارڪس ۽  برٽرينڊ رسل وغيره وارن سڀني پنهنجي فڪر کي عقل ۽ عقلي تحريڪ جي فروغ لاءِ استعمال ڪيو. عقلي دور کان پهرين (يعني قرونِ وسطيٰ ۾) يورپ جو انسان قيصر ۽ ڪليسا جي ٻن پاٽن ۾ پيسيو پي ويو. ان دور ۾ عقل جو استعمال ڪندڙن تي ڪفر جون فتوائون لڳنديون هيون ۽ کين خوب ستايو ويندو هو. عقلي دور يا فلسفيانه جديديت جا اهم نقطا هي آهن:
     i.               عقل انسان جي ميراث آهي جنهن جي ذريعي درست سوچ ۽ درست عمل ڪري سگھجي ٿو.
   ii.               انسان فڪري طور تي نيڪ ۽ عقلي مخلوق آهي.
 iii.               انسان انفرادي توڙي اجتماعي طور عقل جي ذريعي درجـهء ڪمال تي پهچي سگهي ٿو.
  iv.               عقلي طرح سڀ انسان برابر آهن تنهنڪري سڀني کي هڪجهڙا حق ۽ انفرادي آزادي ملڻ گھرجي.
    v.               ايمان جو دارومدار عقل تي هجڻ گھرجي.
  vi.               رواداري سڀني مڪتبـه فڪر وارن لاءِ .
vii.               انسانن ۾ نظر ايندڙ اختلاف مصنوعي ۽ معمولي نوعيت جا آهن جن کي عقل جي ذريعي ختم ڪري سگھجي ٿو.
عقلي تحريڪ يا روشن خيالي کي وڌائڻ ۾ آئزڪ نيوٽن ۽ بنجامن فرينڪلن وڏو ڪردار ادا ڪيو، جن چيو ته ”سچ اهو آهي جيڪو سائنسي تحقيق جي ذريعي حاصل ٿئي، باقي ڪنهن جي محسوسات يا وجداني ڪيفيتن سان سچ جو ڪو تعلق ڪونهي.“[i]
ويهين صديءَ تائين پهچندي پهچندي انسان جو، عقل ۽ سائنس تي ويساهه ايترو وڌي ويو جو ذري گھٽ اهو ايمان جو درجو حاصل ڪرڻ لڳو. انسان کي جيڪا خود اعتمادي سائنس ۽ عقل عطا ڪئي هئي اها حد کان وڌي ويئي ۽ يورپ جو انسان اها غلطي ڪري ويٺو جيڪا کيس ۽ پوري دنيا کي ڏاڍي مهانگي پئجي ويئي. پهرين جنگِ عظيم انسان جي خود اعتماديءَ کي ڌوڏي ڇڏيو ۽ سندس ويساهه سائنس ۽ عقل تان کڄڻ لڳو. عقل جنهن کي فيلسوفن انسان جو رهنما قرار ڏنو هو، ان تي اديب ۽ فنڪار آڱريون کڻڻ لڳا. سائنس، جنهن کي سچائي تائين پهچڻ جو وسيلو سمجھيو ويو هو، ان جي غلط ۽ غارتگر استعمال سبب ان جي انسان دوست ڪردار تي سوال اٿڻ لڳا. اهڙن سوالن ۽ انهن جي جوابن جي نتيجي ۾ هڪ اهڙي بيچيني پيدا ٿي جنهن جنم ڏنو هڪ ادبي تحريڪ کي، جنهن کي پاڻ ادبي جديديت ٿا چئون.
ادبي جديديت (Modernism): ادبي جديديت ٻن مهاڀاري جنگين جي وچ واري دور (1914 کان 1945 تائين) ۾ شروع ٿيل ادبي ۽ جمالياتي تحريڪ آهي جيڪا هيئت توڙي نفسِ مضمون ٻنهي سان تعلق رکي ٿي. هن تحريڪ کي چڱيءَ طرح سمجھڻ لاءِ بهتر آهي ته ان کي ٻن حصن ۾ ورهائي ان جو جائزو وٺجي:
1.       نفسِ مضمون يا فڪري پاسو:
نشاتِ ثانيـه کان وٺي ويهين صدي جي شروعات تائين يورپ جي ذهن تي عقل راڄ ڪيو هو. هن طويل عرصي ۾ عقل انساني زندگيءَ جي انفرادي توڙي اجتماعي رخن تي پنهنجا گهرا اثر ڇڏيا هئا جيڪي ڪيترن ئي حوالن سان انسان ذات لاءِ فائديمند هئا ليڪن عقل جي  سخت ۽ ڪنهن قدر غلط  استعمال سبب ان جا منفي اثر، حساس اديبن ۽ فنڪارن تي پوڻ لڳا. مثلن عقلي تحريڪ جو اثر اهو به ٿيو ته زندگي نظم و ضبط ۽ اصولن ۽ ضابطن تحت گذارجڻ لڳي ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ ڪجھ اصول ۽ روايتون بلڪل پخته ٿي ويون. ادبي جديديت پسندن انهن روايتن ۽ ضابطن سان اختلاف ڪيو بلڪ بغاوت جو علم بلند ڪيو، جنهن جو هڪ سبب شايد اهو به هو ته سائنسي ۽ عقلي نظامن ۾ هڪ قسم جي جبريت (Determinism) هوندي آهي جيڪا اديبن ۽ فنڪارن کي گھٽ وڻندي آهي.
ادبي جديديت پسندن عقلي ۽ وڪٽوريا دور جي روايتن خلاف سوال اٿارڻ سان گڏ ٻنهي وڏين جنگين جي مادي ۽ نفسياتي تباهڪارين جي عڪاسي ڪئي. جنگ جي نتيجي ۾ انسان ويڳاڻپ، انتشار ۽ نفسياتي مسئلن جو شڪار ٿي ويو هو، جنهن کي جديديت پسندن پنهنجو خاص موضوع بنايو. شور و غل، شخصي ۽ معاشرتي وحدت جي ريزه ريزه ٿيڻ تي ملال، انساني ترقي تان ويساهه کڄي وڃڻ، اهي مسئلا هئا جيڪي جديديت جو تشخص ۽ جديد ادب جا موضوع  بنجي ويا.
ان کان علاوه جديديت جي تحريڪ ادبي حقيقت نگاري سان پڻ اختلاف ڪيو. جديدي (Modernist) شاعرن توڙي ناول نگارن ادب کي حقيقتن جي اظهار يا نمائندگي ڪندڙ جي بجاءِ ان کي جمالياتي روپ ۾ ڏٺو. سندن خيال هو ته ادب جو اهو ڪم نه آهي ته معاشري جي بي رحم حقيقتن کي جيئن جو تيئن پيش ڪري يا انهن جي هُوبهو عڪاسي ڪري بلڪ ادب جو ڪم حسن پيدا ڪرڻ ۽ جمالياتي ذوق جي تسڪين ڪرڻ آهي. انهن اوڻيهين صدي جي فرانسيسي، روسي ۽ آمريڪي حقيقت نگارن، نيچرين (Naturalists) ۽ سماجي حقيقت نگاراديبن ۽ فنڪارن سان اختلاف ڪيو ۽ ”ادب براءِ زندگي“ جي نظريي مٿان ”ادب براءِ ادب“ جي نظريي کي ترجيح ڏني.
جديدي اديب، شاعر ۽ فنڪار ادب ۾ ڪنهن به قسم جي فلسفي، نظريي ۽ مقصد جا مخالف آهن. هو ڪنهن به قسم جي commitment کي نٿا مڃن. اهو ئي سبب آهي جو جديديت پسندي ۽ ترقي پسندي جو ٽڪراءُ ٿئي ٿو. ترقي پسند تحريڪ ۽ سماجي حقيقت نگار مارڪسزم کان متاثر ۽ پنهنجو پاڻ کي سماج ۽ سياسي حالتن ڏانهن ذميدار سمجھن ٿا.
2.       هيئت(Form) وارو پاسو:
عقلي تحريڪ، حقيقت نگاري ۽ ادب براءِ زندگيءَ جي نظريي سان فڪري اختلاف سان گڏ جديديت پسندن انهن نظرين ۽ تحريڪن سان لاڳاپيل اسلوب، ٻولي ۽ هيئت سان پڻ اختلاف ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نئون فارم وجود ۾ آيو جنهن جا اهم نقطا ۽ گھرجون هي آهن:
·                    ٻولي: سادي ٻولي جي بجاءِ منجھيل ٻولي استعمال ڪجي ته جيئن ادب جي سطح يا معيار کي ڪِرڻ کان بچائي سگھجي. ادب ۾ چٽي ڳالھ جي بجاءِ ابهام (Ambiguity) کي اهميت ڏني ويئي. ايزرا پائونڊ چيو ته پڙهندڙ کي به ادب فهميءَ لاءِ ڪجھ اڳواٽ سکڻ گھرجي.
·                    نظم: هر قسم جي پابندي جي مخالفت ڪرڻ سبب هنن پابند نظم سان تقريبن بغاوت يا انحراف ڪندي آزاد نظم کي تمام گھڻي فوقيت ۽ اهميت ڏني. ايزرا پائونڊ ته انهيءَ حد تائين به چيو ته، ”مون اهو ماپو (Pentameter) ئي ٽوڙي ڇڏيوآهي جنهن سان نظم جي مصراعن کي ماپي سگھجي.“[ii]  ايليٽ، ايزرا پائونڊ، والٽ وٽمئن وغيره آزاد نظم (Free verse) لکيا.
·                    هر قسم جي تجربي (Experimentation) ۽ نواڻ جي همٿ افزائي ۽ آجيان ڪئي ويئي.  ايليٽ چيو، ”ورجاءُ کان نواڻ بهتر آهي.“[iii] ايليٽ جو نظم ويسٽ لئنڊ ۽ ايزرا پائونڊ جو نظم ڪئينٽوس انهيءَ جا اهم مثال آهن.
·                    نثر: جيمس جوائس، ورجينا وولف، فاڪنر، ڊي ايڇ لارنس ۽ ڪافڪا جديديت جا نمائنده ناول نگار هئا. هنن ٻولي مشڪل، ڪردار پيچيده ۽ صنعتون ڏکيون استعمال ڪيون جن ۾ شعور جي رو (Stream of consciousness) ۽ ابتڙ ناول (Anti-Novel) اهم آهن.
·                    انهن معنويت تي بي اعتباري ظاهر ڪندي ان کي ماڳهين تحليل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
·                     انهن پلاٽ کي به انتهائي پيچيده ۽ ذري گھٽ ناقبلِ فهم بنائي پيش ڪيو.
·                    انهن چيو ته نظم کي ڄاڻ يا علم ڏيندڙچيز جي بجاءِ ان کي صرف ”هجڻ“ گهرجي.
جديديت چوڻ ۾ ته هڪ تحريڪ آهي پر اصل ۾ اها ڪيترين ئي ذيلي تحريڪن جو مجموعو آهي جيڪي هڪٻئي کان ڪافي مختلف هوندي به بنيادي فڪر ۾ هڪٻئي سان سنٻنڌ رکن ٿيون. هنن تحريڪن جو مختصر احوال هن ريت آهي:
1.       علامت نگاري(Symbolism)  ۽ علامتي تحريڪ:
علامتن جو استعمال مذهب ۽ ادب ۾ تمام قديم آهي. عيسائي پنهنجي گلي ۾ ننڍڙي صليب لٽڪائي هلندا آهن جيڪا کين حضرت عيسيٰ جي مصلوب ٿيڻ جي يادگيري ڏياريندي رهندي آهي. هر ملڪ جو هڪ قومي جهنڊو آهي جيڪو علامتي طور ان ملڪ جي نمائندگي ڪري ٿو. قديم ڏند ڪٿائون ته آهن ئي علامتن تي ٻڌل. ديو، پريون، راڪاس،گرو گھنٽال وغيره سڀ علامتون آهن جيڪي ڏاڍ، ڏمر، چالاڪي، حسن وغيره جو اظهار ڪن ٿيون.
ادب ۾ نظرين، احساسن ۽ قدرن جو اظهار ٻن طريقن سان ڪيو ويندو آهي، هڪ سڌو سنئون ۽ ٻيو علامتن جي ذريعي. علامتون جمالياتي نقطئـه نگاهه کان به استعمال ڪيون وينديون آهن ته معنيٰ جي ابلاغ لاءِ پڻ. شاهه لطيف جي شاعري علامتن سان ڀرپور آهي جنهن ۾ اظهارِ حسن به آهي، ته تھ درتھ معنيٰ به آهي. يورپ ۾ علامتن جي ذريعي احساسن ۽ جذبن جو اظهار ڪرڻ لاءِ 1886 ۾ باقاعده هڪ  تحريڪ جوبنياد وڌو ويو، جنهن جا باني فرانسيسي شاعر ملارمي، پال ورلين ۽ رمبو هئا. هن تحريڪ جون پاڙون آمريڪي ليکڪ ايڊگر ايلن پو ۽ فرانسيسي شاعر بودليئر جي لکڻين ۾ هيون.
ايڊگرايلن پو (1809کان 1849) جو ادبي نظريو اهو هو ته، ادبي تخليق ۾ معنويت جو سنئون سڌو ابلاغ ادبي تخليق جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندو آهي تنهنڪري معنيٰ ادبي تخليق جي اندر ائين سمايل هجي جيئن سمنڊ جي مٿين سطح جي هيٺيان طوفان لڪل هوندو آهي.
ايلن پو کان چارلس بودليئر ڏاڍو متاثر ٿيو. بودليئر (1821 کان 1867) حسن کي برائي به چوندو هو پر پوءِ به ان جا ڳڻ ڳائيندو هو. هو عوامي شاعر نه هو ۽ علامتن جي ڀرپور استعمال سبب سندس شاعري کي صرف ٿورا ماڻهو ئي سمجھي ٿي سگھيا. حسن پرست بودليئر انتهائي عياش هجڻ سان گڏ، اظهار جي معاملي ۾ ايلن پو وانگر فحاشي جي حد تائين بي باڪ هو، جنهن سبب مٿس عدالت ۾ فلابيئر وانگر ڪيس به هليو ۽ اتفاق سان کيس وڪيل به اهو مليو جنهن فلابيئر جو ڪيس وڙهيو هو. حالانڪ بودليئر جي زندگي مايوسين، گناهن، جسماني لذتن ۽ ناڪامين سان ڀرپور هئي تنهن هوندي به هن جي شاعري تخليقِ حسن سان مالا مال آهي. مشهور جديديت پسند اردو شاعر ميرا جي لکي ٿو، ”بودليئر گهري قنوطيت جي هولناڪ تصورن ۾ جذبات، تخيلات ۽ حسن جي اهڙي آميزش پيدا ڪري ڇڏي ٿو جنهن کي ڏسي حيرت ٿي ٿئي.“[iv]
علامت نگارن چيو ته صرف  تخيل (Imagination) جي ذريعي ئي حقيقت جي صحيح تشريح ڪري سگهجي ٿو. حقيقت نگارن جي مخالفت ڪندي انهن چيو ته حقيقت کي جيئن جو تيئن پيش ڪرڻ ادب جي روح کي ختم ڪري ڇڏي ٿو. علامت نگار ۽ جديديت نگار ادب براءِ ادب جا قائل هئا ۽ ادب کي ڪنهن نظريي يا مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ جا مخالف هئا.
هي تحريڪ جديديت جي ڪک مان ته ڦٽي ڪانه نڪتي هئي پر جديديت نگارن هن تحريڪ جو وڏو اثر ورتو جن ۾ سرِفهرست ايليٽ، ايزرا پائونڊ ۽ ييٽس جن پنهنجي شاعري ۾ علامتن جو ڀرپور استعمال ڪيو. تنهن کان سواءِ ملارمي جي شاعري ڊاڊا ازم ۽ سرريئلزم لاءِ پڻ بنياد ۽ اتساه فراهم ڪيو.
2.       سرريئلزم (Surrealism):
”سرريئلزم هڪ خالص ۽ نفسياتي خودڪاريت (Automatism) آهي جنهن جو مطلب آهي ته سوچ کي ائين ئي بيان ڪجي جيئن اها ذهن ۾ اچي ۽ ان تي ڪنهن به قسم جي عقلي ۽ اخلاقي روڪ ٽوڪ (Censor) برداشت نه ڪجي.“[v] ، عقليت جي مخالفت ۾ جديديت پسندن جو هي ٽولو ڪافي اڳتي نڪري ويو ۽ انهن چيو ته شين، حالتن ۽ واقعن کي انهن جي اصلي حقيقت معلوم ڪرڻ کان سواءِ اهي جيئن نظر اچن انهن کي ائين ئي بيان ڪرڻ گھرجي ۽ انسان جي ذهن ۾ سوچون ۽ خيال جهڙي طرح وارد ٿين ائين ئي انهن جو اظهار ڪرڻ گھرجي. ٻين لفظن ۾ انهن کي عقل جي ڪسوٽي تي پرکڻ جي بجاءِ جذبي ۽ احساس جي رهنمائي ۾ بيان ڪرڻ گھرجي. سندن ڪجھ خيال هن ريت آهن: ”عقل، روح جو دشمن آهي، عقل هڪ رنڊي مثل آهي، ڊيڪارٽ ۽ والٽيئر جا پوئلڳ جک ٿا مارين، عقل ۽ منطق رڳو تضاد ڏنا آهن، اصل شيءِ تخيل آهي....“[vi]. ”هن تحريڪ جو بنياد فرانسيسي شاعر آندري بريٽن 1924 ۾ رکيو ۽ ان جو باقاعده منشور پڻ ڏنو جنهن مطابق ته خودڪار لکڻين جي ذريعي زندگي ۽ موت، حقيقي ۽ خيالي، ماضي ۽ حال، قابلِ بيان ۽ ناقابلِ بيان جو تضاد ختم ڪجي.“[vii] سرريئلسٽ ليکڪ قلم هٿ ۾ کڻي بغير سوچڻ سمجھڻ جي لکڻ شروع ڪري ڇڏيندا هئا جنهن کي هنن خودڪار لکڻي جو نالو ڏنو. بريٽن، سگمنڊ فرائيڊ جي ”نظريهء لاشعور“ کان متاثر هو. فرائيڊ جي چواڻي ته اسان پنهنجي ڪيترين ئي خواهشن کي ذهن جي لاشعور واري خاني ۾ دٻائي ڇڏيندا آهيون ته جيئن اهي اسان جي شعور کي پريشان نه ڪن پر انسان جي نفسياتي صحت لاءِ اهو ضروري آهي ته اهي دٻيل خواهشون شعوري ذهن جي علم ۾ اچن، تنهنڪري  شعور جي خوف کان لاشعور انهن دٻيل خواهشن کي خوابن، ڏند ڪٿائن ۽ فن وغيره جي ذريعي شعور جي علم ۾ آڻي ٿو.  بريٽن جو خيال هو ته تخليق جو اصل مرڪز لاشعور آهي ۽ اهو تڏهن ئي صحيح ڪم ڪري سگھي ٿو جڏهن ان تي شعور جي گرفت ڪمزور ٿئي، تنهنڪري شعور جي گرفت ڪمزور ڪرڻ لاءِ ۽ ”خودڪار لکڻي“ لاءِ هو ڪڏهن ڪڏهن هٿرادو طريقا يعني نشـي آور شين جو استعمال پڻ ڪندا هئا. سندن ڪجھ لکڻيون سٺيون به هيون پر اڪثر اهي بي ربط ۽ مظحڪ خيز هونديون هيون . مصوري ۾ هن تحريڪ ڪافي زور ورتو ۽ ڊاڊا ازم سان ٻانهن ٻيلي ٿي ڪافي کل جوڳيون تصويرون ٺاهيون. 1969 ۾ هن تحريڪ جي باقاعده موت جو اعلان ڪيو ويو.
سنڌي ادب ۾ ڪجھ اديبن سرريئلزم کي سمجھڻ کان سواءِ ئي پنهنجي لکڻين کي سرريئلسٽ قرار ڏئي ڇڏيو. ڪجھ اديبن شعوري ڪوشش ڪري سرريئلسٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر منهنجو خيال آهي ته سنڌي ادب کي اهڙي ”فضوليات “ کان پرهيز ڪرڻ گھرجي.
3.       اظهاريت (Expressionism):
 ”اظهاريت يورپ جي ادبي ۽ فني تحريڪ هئي جيڪا 1900 ڌاري شروع ٿي جنهن حقيقت پسندي جي خلاف بغاوت ڪئي.“[viii] جتي حقيقت پسندن سماج ۾ رونما ٿيندڙ خارجي واقعن، زندگيءَ جي تلخ حقيقتن ۽ نا انصافين وغيره کي پنهنجي قلم جو موضوع ٺاهيو هو، اتي جديديت پسندن وري انسان جي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ اڌمن، داخلي حقيقتن، نفسياتي ڪيفيتن ۽ اندوروني اذيتن جي اپٽار ڪئي ۽ حقيقت کي جذبي جي غلاف ۾ ويڙهي پيش ڪيو. ٻين لفظن ۾ جذباتي ڪيفيت پيدا ڪرڻ لاءِ حقيقت ۾ وڌاءُ ڪري بيان ڪيو ويو. هي ننڍڙي تحريڪ جرمني کان شروع ٿي ليڪن زور انگلينڊ ۾ ورتائين. جيمس جوائس ۽ فرانز ڪافڪا جا ناول اظهاريت جا اهم مثال آهن.
4.        تاثيريت يا اثر پذيري (Impressionism):
جديديت پسندن خارجي واقعن کي جيئن جو تيئن بيان ڪرڻ جي بجاءِ انهيءَ ڳالھ تي زور ڏنو ته اهو ڏٺو وڃي ته اهي خارجي حالات ۽ واقعات انسان جي احساسات ۽ نفسيات تي ڪهڙو ٿا اثر ڇڏين يا عام ماڻهو ان جو ڪهڙو اثر ٿو وٺي. جديديت پسندن جا ڪردار ۽ ڪهاڻيون واقعاتي هجڻ کان وڌيڪ احساساتي، داخلي ۽ نفسياتي هونديون آهن. ڪردار (گھڻو ڪري ناول جا) حالتن ۽ واقعن جو تجزيو يا تفسير ڪرڻ جي بجاءِ  پنهنجن احساسن ۽ جذبن جو اظهار ڪندا رهندا آهن، شايد اهو ئي سبب آهي جو جديد ادب ۾ بيانيو (Narrative) ٽٽل، غير هموار ۽ بي ترتيب هوندو آهي. هن قسم جا ناول ڪافي پيچيده ۽ سمجھڻ ڏاڍا ڏکيا هوندا آهن. ورجينا وولف ۽ جوزف ڪونراڊ جا ناول هن قسم جا آهن.
5.       عڪسيت (Imagism):
هي تحريڪ 1912 ۾ انگلينڊ ۾ شروع ٿي جيڪا تمام جلد آمريڪا تائين پکڙجي ويئي. هن تحريڪ جو باني مشهور شاعر ايزرا پائونڊ هو. روماني دور(1750 کان 1870 تائين) جي جذباتيت ۽ وڪٽورين دور (1832 کان 1901 تائين) جي لفاظي واري ادب کان  بيزاري ظاهر ڪندي، عڪسيت پسندن انهيءَ ڳالھ تي زور ڀريو ته شاعري ۾ داخلي توڙي خارجي شين جا عڪس جيئن جو تيئن چٽڻ گھرجن. پنهنجي مضمون A Retrospect  ۾ ايزرا پائونڊ هن تحريڪ جا ٽي مقصد ٻڌايا:
        i.            ڪنهن شيءِ جا سڌا عڪس چٽڻ پوءِ اها داخلي واردات هجي يا خارجي مظهر،
      ii.            ڪو هڪ لفظ به اهڙو استعمال نه ڪرڻ گھرجي جيڪو غير ضروروي هجي،
    iii.            جيستائين ردم جو تعلق آهي ته انهيءَ ۾ موسيقي وانگر اتار چڙهاءُ هجي.[ix]
ايزرا پائونڊ جو چوڻ هو ته عڪس اهو آهي جيڪو جذبي ۽ دانش کي هڪ لمحي ۾ پيش ڪري سگھي، انهيءَ ڪري هو جاپاني هائڪو کان گھڻو متاثر هو. هنن وٽ ٻولي سادي پر اثرائتي،  نظم پابندين کان پاڪ ۽ موضوع جو قيد بلڪل نه هو.
ايزرا پائونڊ جي سابق محبوبه هلڊا ڊولٽل ۽ ان جو مڙس النگٽن هن تحريڪ جا سرگرم رڪن هئا. بطور تحريڪ جي عڪسيت پسندي 1940 واري ڏهاڪي ۾ ئي ختم ٿي ويئي جڏهن ايزرا پائونڊ اٽلي جي فاشسٽ ڊڪٽيٽر مسوليني جي حمايت ڪئي پر ان جا اثر ويهين صدي جي آخر تائين رهيا. اسان جو قومي شاعر شيخ اياز پڻ ايزرا پائونڊ ۽ ان جي تحريڪ عڪسيت پسندي مان ڪافي متاثر رهيو ۽ ڪيترين ئي جڳهين تي سندس ذڪر ڪيو اٿائين.
6.       وجوديت (Existentialism):
علامت نگاري وانگر وجوديت جي شروعات پڻ ادبي جديديت پسندي کان پهرين ٿي هئي پر جديديت پسندي سان فڪري هڪجهڙائي ۽ تاريخي همعصري هجڻ سبب وجودي ادب کي جديديت پسندي جو ئي حصو سمجهيو وڃي ٿو. هي فڪر هيگل جي عقليت پرستي جي ردِ عمل ۾ پيدا ٿيو هو. هيگل وٽ عقل، عقلِ مطلق (Absolute reason) آهي جيڪو هر شڪ کان بالا ۽ هر مسئلي جو حل آهي ۽ ان کان علاوه هيگل وٽ ڪٽنب، سماج ۽ نظام جي حيثيت فرد کان وڌيڪ آهي.
وجودي ادب ۽ فڪر هر قسم جي نظام جي خلاف آهي تنهنڪري وجودي اديب منظم مذهبن، قوم پرستي، سوشلزم، اخلاقي نظامن وغيره کي پنهنجي لکڻين ۾ رد ڪن ٿا. هو چون ٿا ته سائنس ۽ عقل انسان جي حياتي ۽ اخلاقي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن ۽ انهن جي مدد سان صداقت تائين رسائي ممڪن نه آهي. وجودين‎ وٽ سچائي ۽ نيڪي معروضي حقيقتون نه، پر داخلي ڪيفيتون آهن. هو چون ٿا ته وجود جوهر کان پهرين آهي (Existence precedes essence) ۽ انسان ۾ پيدائشي طور تي جوهر نالي ڪا شيءِ نه آهي تنهنڪري سندس زندگي بي معنيٰ آهي. انهيءَ حقيقت جو شعور انسان ۾ دهشت، ويڳاڻپ، قنوطيت ۽ مايوسي پيدا ڪري ٿو، جنهن کان بچڻ لاءِ انسان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ پاڻ معنيٰ پيدا ڪرڻ گھرجي. وجودي، فرد کي اوليت ڏيڻ سبب انساني آزادي جا وڏا علمبردار آهن، اها آزادي پوءِ جسماني هجي يا فڪري.
سنڌي ادب گهڻو ڪري وجوديت کان بچيل ئي رهيو آهي. شيخ اياز ته ڪافي حد تائين وجوديت جي خلاف هو. سنڌي افسانن ۽ شاعري ۾ ويڳاڻپ ۽ قنوطيت جو اظهار ملي ٿو پر اها وجودي ويڳاڻپ کان مختلف آهي. ڪافڪا، ڪاميو ۽ سارتر وڏا وجودي اديب ٿي گذريا آهن، پر ڪاميو ٻين وجودي اديبن سان اختلاف ڪندي بي معنويت جو بنياد وڌو.
7.                   بي معنويت (Absurdism):
وجودي اديبن چيو هو ته هن دنيا جي ۽ فرد جي زندگيءَ جي هونئن ته ڪا معنيٰ ڪانهي پر هو شعور جي ذريعي پنهنجي زندگيءَ ۾ معنيٰ پيدا ڪري سگھي ٿو. انهيءَ ڳالھ تي ڪاميو انهن اديبن سان اختلاف ڪندي چيو ته انسان جون اهي سڀ ڪوششون ناڪام ٿين ٿيون جڏهن هو هن ڪائنات ۾ معنيٰ جي تلاش ڪري ٿو ڇو ته هن ڪائنات ۾ ڪا معنويت آهي ئي ڪانه. هي دنيا ۽ هي وجود بي معنيٰ آهن. ڪاميو بي معنويت جي راڪاس کي منهن ڏيڻ لاءِ (The Myth of Sisyphus) ۾ ٽي طريقا ٿو ٻڌائي:[x]
  i.                  خود ڪشي ڪجي ۽ ائين وجود کان فرار حاصل ڪجي.
ii.                  مذهبي عقيدي ۾ پناهه وٺجي، ڇو ته مذهبي عقيدي سان ماڻهو ٻي دنيا جي جنت جا خواب ٿو ڏسي جيڪا عقلي جهان کان ماورا آهي. بي معنويت کي منهن ڏيڻ جي هن طريقي کي ڪاميو فلسفيانه خود ڪشي ٿو ڪوٺي.
iii.                  بي معنويت کي جيئن جو تيئن قبول ڪجي ۽ ان جي بي معنويت جي باوجود زندگي گذارجي.
ٻي مهاڀاري جنگ ۾ ماڻهو بي سبب جنگ جو کاڄ ٿيندا رهيا هئا. ماڻهن زندگيءَ کي وڏي پيماني تي بي آبرو ۽ بي معنيٰ ٿيندي ڏٺو ويو هو تنهنڪري بي معنويت جو فلسفو ۽ ان جي اثر هيٺ تخليق ٿيندڙ ادب کي يورپ ۾ ۽ خاص طور فرانس ۾ گھڻو پسند ڪيو ويو ڇو ته اهو ادب جيڪو زندگي  کي بي مقصد، بي معنيٰ، نامعقول، مضحڪ خيز، بيهوده ۽ بدصورت ڪري ڏيکاري رهيو هو اهو سندن خيالن جي ترجماني ڪري رهيو هو. ڪاميو بي معنويت کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽئين طريقي کي ترجيح ڏني.
(جديديت پسندي جي حوالي سان ٻـه نالا تمام وڏا آهن جيڪي جيترا وڏا نقاد آهن اوترا ئي وڏا شاعر به آهن. انهن ۾ هڪ ايزرا پائونڊ ۽ ٻيو ٽي ايس ايليٽ آهي. انهن جي شخصيت، فن ۽ فڪر تي لکڻ لاءِ هڪ الڳ مضمون جي ضرورت آهي.)
جديديت ۽ سنڌي ادب
مجموعي طور جديديت پسندي جو اثر سنڌي ادب تي تمام گھٽ پيو آهي، جنهن جا مکيـه ڪارڻ هي آهن:
1.       جن حالتن جديديت پسندي کي جنم ڏنو، اهي حالتون سنڌي معاشري ۾ نه هيون يا انهن جو اثر سنڌي معاشري تي نه هجڻ برابر هو، مثلن جڏهن مهاڀاري جنگيون لڳيون تڏهن سنڌ تي انگريزن جي حڪومت هئي ۽ آزاديءَ جي تحريڪ هلي رهي هئي.
2.       يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڇپجندڙ ادب سنڌ ۾ ڪافي سالن کان پوءِ پهچندو آهي جنهن کي پڙهڻ وارا نالي ماتر کان به گھٽ آهن تنهنڪري جديديت پسند ادب پنهنجو رنگ ڇڏي نه سگھيو.
3.       جديديت پسندي پنهنجي جوهر ۾ حقيقت نگاري ۽ عقليت جي خلاف آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ سياسي، فڪري ۽ ادبي ماحول سوشلزم، سماجي حقيقت نگاري ۽ ترقي پسند تحريڪ جي اثر هيٺ رهيو آهي  جيڪي پنهنجي سرشت ۾ روشن خيال، عقل پرست ۽ انقلاب جون متمني آهن.
تنهن جي باوجود به ڪجھ اديبن جديديت جي رنگ ۾ ٿورو گھڻو لکيو آهي، جن ۾ شوڪت شورو، ماڻڪ، مشتاق شورو ۽ علي بابا (جزوي طور) سرِ فهرست آهن. هجرت ڪري ويل سنڌي اديبن ۾ موهن ڪلپنا، شيام جئسنگھاڻي ۽ لعل پشپ جديدي انداز ۾ لکيو آهي.
آزاد نظم ۽ نثري نظم جديديت پسندن جون پسنديده هيئتون (Forms) آهن جيڪي سنڌي شاعري ۾ خوب استعمال ٿيون آهن ۽ ٿي رهيون آهن پر انهن جو مواد گھڻو ڪري ترقي پسندي وارو آهي. سنڌي ۾ سڀ کان پهرين آزاد نظم غالبن شيخ عبد الرزاق راز 1947 ڌاري لکيو هو جنهن بعد شيخ اياز کان وٺي زاهد دارا ابڙو تائين آزاد نظم ۽ نثري نظم خوب لکيو ۽ پسند ڪيو ويو آهي.
علامت نگاري سنڌي ڪلاسيڪي شاعري جي روايتن ۾ شامل رهي آهي ۽ اها اڄ به جام استعمال ٿي رهي آهي پر افسانوي ادب ۾ علامت نگاري گھٽ آهي جنهن جو سبب شايد اهو هجي جو سماجي حقيقت نگاري سنڌي ادب جي رڳن ۾ رت وانگر گردش ڪري رهي آهي. تنهن هوندي به ڪجھ افسانا نگارن سٺا علامتي افسانا لکيا آهن جن مان اخلاق انصاري ۽ منور سراج جا ڪجھ افسانا منهنجي نظر مان گذريا آهن جيڪي فني لحاظ کان پخته ۽ بهتر آهن.
سنڌي ادب تي جديديت جو اثر ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ هڪ سٺو موضوع ثابت ٿي سگھي ٿو جنهن تي اسان جي يونيورسٽين جا سنڌي ڊپارٽمينٽ يقينن توجه ڏيندا.


[i] Bressler.C.E: Literary Criticism P-97
[ii] Ezra Pound: Cantos (1930-69)
[iii] T.S Eliot: Tradition and the Individual talent(1919)
[iv]      ص:148_ مشرق و مغرب ڪي نغمي : ميرا جي
[v] Judith Cumberbatch: Sufism & Surrealism p-213
[vi] Judith Cumberbatch: Sufism & Surrealism p-214
[vii] David Macey: Dictionary of Critical Theory p-372
[viii] Gray Martin, A Dictionary of Literary Terms
[ix] A.Walton Litz and Lawrence Rainey: EZRA Pound, The Cambridge History of Literary Criticism Volume VII p-75
[x] Camus, Albert: The myth of Sisyphus

No comments:

Post a Comment