24/12/2012

سائين علي احمد قريشيءَ جي آتم ڪٿا - رکيل مورائي



سائين علي احمد قريشيءَ جي آتم ڪٿا
يادن جا ورق
رکيل مورائي
گهڻين ئي ٻولين (شايد انگريزيءَ سميت) ادب ۾ اهو قبول ڪيو آهي ته اڄ جي حوالي ۾ جن ڪتابن جو گهڻو وڪرو ٿئي ٿو، انهن ۾ پهرئين نمبر تي آتم ڪٿائون/يادگيرين جا ڪتاب آهن. اڄ جو پڙهندڙ شايد ڪنهن به تخليقڪار بابت اهو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته هن پنهنجي تخليقي عمل کي ڪيئن وقت ڏنو آهي، ڪهڙين حالتن ۽ لمحن ۾ هن تخليق  ڪئي وغيره. ادب کان ٻاهر زندگيءَ جي الڳ الڳ شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو به پنهنجو آتم ڪٿائون لکندا رهيا آهن، جيڪي به گهڻي حد تائين پڙهيون وينديون آهن. سياستدان ۽ اداڪار پڻ پنهنجون آتم ڪٿائون لکندا رهيا آهن ۽ گڏيل نموني اهي به گهڻيون پڙهيون وينديون آهن. ان کان پوءِ آتم ڪٿا جا پڙهندڙ ورهائجي وڃن ٿا پوءِ هر پڙهندڙ جنهن فيلڊ سان واسطو رکي ٿو، اهو ان فيلڊ سان واسطو رکندڙن جون آتم ڪهاڻيون پڙهي ٿو ڇاڪاڻ ته ان ۾ هن کي شخصي مقصد حاصل ٿئي ٿو. اهو شخص ڄاڻڻ چاهي ٿو ته هن فيلڊ ۾ منهنجي پيشروئن جا تجربا ڪيئن رهيا آهن ۽ اهو انهن آتم ڪٿائن مان گهڻو ئي ڪجھه حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي.

تبصري هيٺ آيل هيءَ آتم ڪٿا اهڙي آهي جنهن مان پڻ اڄ جا نوجوان گهڻو ئي ڪجھه حاصل ڪندا. ڪتاب جيئن ته سنڌي آهي ان ڪري سنڌي نوجوان ئي ان جي آمهون سامهون ٿيڻو آهي. هيءَ آتم ڪٿا، الڳ الڳ شعبن جي تجرين تي ٻڌل آهن ۽ جنهن ۾ هڪ ڊگهي جدوجهد جو ڏس ڏنل آهي. آتم ڪٿا جو نالو آهي.
هيءَ آتم ڪٿا سنڌ جي قانوندان، سياسي ڪارڪن ۽ هڪ  سماج سڌارڪ سائين علي احمد قريشيءَ جي لکيل آهي ۽ عام پڙهندڙن کي شايد اها خبر نه هجي ته سائين علي احمد قريشي سڄي عمر وطن دوست، سياسي تحريڪن، وطن دوست ادبي تحريڪن سان جڙيل رهيو آهي، هن جي دوستن جو انگ ادب ۾ به انهن لکندڙن جو آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن نظرياتي ڌر سان جڙيل آهن. قريشي صاحب پاڻ سموري زندگي علمي زندگي گذاريندو رهيو آهي.
هن ڪتاب کان اڳ انڊيا جو سفرنامو ”جمنا ڪناري“ نالي سنڌي ادب کي ڏيندڙ اڄ تائين سنڌ جي حقن جي حفاظت لاءِ الڳ الڳ محاظن تي وڙهندڙ ۽ سنڌ جي سياسي، تعليم ۽ ادب کي پروفيسر اعجاز قريشيءَ جهڙو سلڇڻو پٽ ڏيندڙ سائين علي احمد قريشيءَ سنڌ لاءِ نهايت اهم شخصيت ۽ سنڌ جو سڀاڳو پٽ، جنهن جي هيءُ آتم ڪتاب، سنڌ سان محبتن جو هڪ داستان آهي ۽ سندس جيون جو تڪڙو لکيل باب ته آهي پر، سنڌ سان لاڳاپيل هڪ دستاريز پڻ آهي جيڪو اسان جي نسل کان اوجهل رهيو آهي، ساڳئي وقت سنڌ جي ان برباديءَ جو داستان به آهي جنهن کي سائين علي احمد قريشي صاحب اکين سان ڏٺو آهي، ۽ هن آتم ڪٿا وسيلي ان جو سمورو پوتا ميل لکت سنڌ جي نوجوانن کي ڏنو آهي مثال طور هن  ڪتاب ۾ شامل هڪ مضمون سنڌ جي اويڪيو پراپرٽيءَ بابت آهي. جيڪو هڪ اهڙو دستاويز آهي جيڪو اڄ جي سياسي ڪارڪنن کي ضروري پڙهڻ کپي. مون کي ڪتاب ۽ ان جي ليکڪ بابت جيترو لکڻو آهي، ان کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ هن ڪتاب ۾ پروفيسر اعجاز قريشيءَ، امان الله شيخ ۽ امام علي ڏيٿو صاحب جي مضمونن ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ وڌيڪ ڇا آهي؟ ان لاءِ اهو چوڻ گهڻو ٿيندو ته اڄ جو نوجوان اديب توڻي سياسي ڪارڪن هن ڪتاب کي قومي فرض سمجهي پڙهي ۽ ان مان پرائي، ته سنڌ کي ڪو به لهر لوڏو نه ٿيندو. منڇر پبليڪيشن پاراب ڇپايل هيءُ ڪتاب نهايت سهڻي ٽائيل آفسيٽ پيپر تي پڪي جلد سان 230 صفحن تي ڇپيل ڪتاب، 300 رپين جي ملھه سان سنڌ جي سڀني ڪتاب گهرن تي موجود آهي.

No comments:

Post a Comment