نوجوان شاعر رحمت سومري جو ڪتاب
نيڻ آلا ٿي ويا
رکيل مورائي

هيءُ رحمت جو پهريون ڪتاب آهي ۽ ڪتاب پاڻ سان گڏ اها
ضمانت کڻي آيو آهي ته رحمت مستقبل ۾ سنڌ جي شاعراڻي ادب کي ڪيترائي اهم ڪتاب ڏيندو
۽ ائين سندس شاعري پنهنجي تيز رنگن سان سنڌ جي اڻ ڳڻين اکين کي محسوس ٿيندي ۽ اها پڙهڻ
کان پوءِ دل توڙي دماغ ۾ پنهنجيءَ سڃاڻپ سان رهجي ويندي ۽ ان کان ٻاهر ادبي/شعري، تاريخ/اڀياس
۾ پنهنجو پاڻ ضرور ڇڪائيندي.
رحمت جو هيءُ ڪتاب پڙهندي نه رڳو هڪ رومانوي احساس
جاڳي ٿو پر ايندڙ وقت ۾ هن جي پختي رومانوي شاع هجڻ جو امڪان به جاڳي ٿو. هن وٽ اظهار
جو ڏانءُ آهي، ٻولي آهي، احساس آهي ۽ شاعري لاءِ ايترو ڪجهه ڪافي آهي، واڌو هڪ محبوبه!
جيڪا ڌرتيءَ ڄائي به ٿي سگهي ٿي ته خود ڌرتي به ٿي سگهي ٿي،. جنهن لاءِ پڻ هن ڪتاب
۾ گهڻائي گيت آهن.
رحمت لاءِ گهڻين ئي اميدن سان کوڙ مبارڪون سندس پهرئين
ڪتاب ڇپجڻ تي ۽ هڪ آس سان ته هو هن پنهنجي ڪتاب کي سفر جي شروعات سمجهندو. سنڌي شاعريءَ
جي هن خوبصورت ڪتاب ۾ 125 صفحا آهن. ڪتاب جو ملهه 130 رپيا آهي. هن ڪتاب کي ڪنول پبليڪيشن
قنبر پاران ڇپايو ويو آهي. پڪ سان هيءُ ڪتاب نوجوان چاهه سان پڙهندا، خاص طور جيڪي
شاعري ڪرڻ گهرن ٿا ۽ خوبصورت شاعري ڪرڻ جو اتساهه سانڍين ٿا.
No comments:
Post a Comment