امتياز منگي جي
سفري ڪتاب
”اپسرائن جي ملڪ
۾“ جو پيش لفظ
انور فگار هَڪڙو
محترم امتياز منگي صاحب جو هي سفرنامو ”ٻن کنڊن واري شهر ۾
هڪ سنڌي“ پڙهي، سندس صلاحيتن جو کُليءَ دل سان اعتراف ڪرڻو ٿو پوي. نظم هجي يا
نثر، انهن جي هر هڪ صنف (Form) جنهن احساس ۽
ادراڪ جي متقاضي هوندي آهي، تنهن جي ساڃاهه سان گهرج پوري ڪرڻ ئي فني قابليت ليکبي
آهي. اهڙيءَ فني قابليت ئي فڪر جا رخ روشن ڪري، ان کي پُر اثر ۽ جاذب بڻائي ٿي.
ڪنهن به صنف جي فني جوڙجڪ کي ليڪ پائي محدود ڪري نٿو سگهجي. اها آرٽ جي حدن ۽
سرحدن وانگر لامحدود آهي. سفرنامي جي صنف به هڪ اهڙي صنف آهي.
هڪ سياح جڏهن پنهنجي ملڪ ۽ ماحول جي جاگرافيائي ۽ سماجي حدن
مان نڪري، ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ داخل ٿئي ٿو. تڏهن ان ۾ موجود شين کي عجب ۽ پاٻوهه مان
ڏسي، پنهنجي ملڪي شين سان ڀيٽي، جيڪي مثبت ۽ منفي نتيجا حاصل ڪري ٿو، تن کي قلمبند
ڪري سفرنامو چيو وڃي ٿو.
حقيقت ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃڻ ۽ اتي رهڻ سهڻ جي هر گهڙي،
پنهنجي ملڪ سان تقابلي تناظر جي گهڙي محسوس ٿيندي آهي. انسان جو داخلي ۽ خارجي
مشاهدو ڪسوٽيءَ جو ڪم ڏيئي، پرکي پيو نتيجا نروار ڪندو آهي، جن کي خبرداريءَ ۽
اهميت سارو قلمبند ڪرڻ سان هڪ بهترين سفرنامو وجود وٺي سگهي ٿو. سفرنامي جي
مقبوليت جو دارومدار ليکڪ جي اسلوب تي پڻ منحصر آهي، جنهن کي به پنهنجو انفرادي
اسلوب ۽ سهڻو ڍنگ حاصل هوندو، اهو ئي پنهنجي تحرير کي خوبصورت بڻائي سگهندو.
دراصل هر هڪ تحرير ليکڪ جي روح جي تڪميل آهي ۽ ان جي
خوبصورتي ليکڪ جي جيءَ جي جماليات آهي، جا لکت کي اجرو ۽ پختو ڪري، مور جي پَرَ
جهڙو ٿي بڻائي. هن سفرنامي پڙهندي به مون کي ليکڪ جي اندر جي حسن ۽ معصوميت کي
محسوس ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. سندس اهو حسن يا معصوميت ڪو يڪ طرفا نه آهن، پر گهڻ
طرفا آهن. سندس ذوق هن جي گهڻن موضوعن جي مطالعي، مشاهدي، ذوق ۽ شوق، گهرائيءَ ۽
اتاهينءَ يعني بلند پروازيءَ مان ليئڙا پيو پائي. مان سمجهان ٿو ته امتياز صاحب
جيترو به وقت ترڪيءَ يا استنبول ۾ رهيو آهي، اتي گهميو ڦريو ۽ اٿيو ويٺو آهي، اهو سمورو وقت هو پريزنٽ مائينڊ رهيو آهي، جا هڪ
انسان ۽ خاص طور تي ليکڪ لاءِ وڏي ڳالهه آهي. اهو ڪهڙو انسان آهي، يا اهو ڪهڙو
ليکڪ آهي، جيڪو هڪ لحظو به هڪ ٽاريءَ کان ٻي ٽاريءَ تي نه ٽپيو هجي!؟ اها سوچڻ جي
ڳالهه آهي. منهنجو مقصد آرٽ جي حوالي سان مبهم ضرور آهي، پر مشڪوڪ نه.
استنبول جي معلومات گهڻن حوالن کان اهڙي اهم ۽ مستند پيش ڪيل
آهي، جهڙو گزيٽيئر. ان معلومات ۾ تقابلو به ڪٿي لڀائيندڙ لڳي ٿو. جيئن بلو مسجد جي
ذڪر ۾ چوي ٿو ته ”مسجد اندران ڪشادي هئي ۽ ڇت تي چٽسالي ٿيل هيس، جيئن ڪلهوڙا دور
جون سنڌ ۾ ٺهيل مسجدون آهن.“ يا ٻئي هنڌ لکيو اٿائين ته، هڪ دفعو گهمندي گهمندي
تمام پري نڪري ويس، شهر جي هڪ حصي ۾ شڪارپور جي ڪنهن ڳتيل آباديءَ واري محلي وانگر
ڪاٺ جون خوبصورت عمارتون هيون.“
ڪن مسئلن جي ڇنڊڇاڻ اهڙي ڪيل آهي، جهڙي ڪو اسڪالر ڪري، جڏهن
اهڙن مسئلن جي نتيجن تي نظر ڌرجي ٿي، تڏهن سفرنامو گويا هڪ مقالو پيو محسوس ٿئي.
جيئن هڪ عنوان جو مثال پيش ڪري، ان جي تفصيلي مطالعي لاءِ متن ڏانهن رجوع ٿيڻ جي
گذارش ڪندس، ڇاڪاڻ ته هتي اهو تفصيل پيش ڪري ئي ڪونه سگهبو. اهو عنوان آهي:
”ترڪي، يورپ ۾ هوندي به يورپي يونين جو ميمبر ڇو نه؟“
ان عنوان جي مُڪمُڪاتي ان جملي ۾ آهي ته، ”ترڪي يورپ جو Gate
Way آهي، پر هن کي قبرض جو روايتي حريف ۽ هڪ
مسلمان ملڪ هجڻ جي سزا ڏني پئي وڃي.“
محترم امتياز منگي صاحب جي گهري سوچ ۽ سنجيدگيءَ وارو رويو
متاثر ڪندڙ آهي. هو جڏهن ترڪيءَ ۽ سنڌ جي تعلقات ۽ لاڳاپن کي تاريخي تناظر ۾ ڏسي
ٿو، تڏهن وقت ۽ حالتن جي تجزيي سان گڏ اڳ ۽ پوءِ جي نتيجن کي نظر ۾ رکي، جيڪا راءِ
قائم ڪري ٿو، سا بيشڪ قبوليت جوڳي چئي سگهجي ٿي. جيئن خلافت تحريڪ تي خيال آرائي
ڪندي پنهنجو رايو ڏئي ٿو ته، ”تاريخ شاهد آهي ته مسلمانن جي خلافت تحريڪ سياسي
فائدي بجاءِ مذهبي جوش و خروش تي مبني هئي، جڏهن ته هندو ان مان سياسي فائدا ڳولي
رهيا هئا، جيڪي خلافت تحريڪ مان ملڻ مشڪل هئا. تنهنڪري جڏهن ڪنهن موڙ تي خلافت
تحريڪ ڪامياب ٿيڻ واري هئي، ته گانڌيءَ تحريڪ ختم ڪري مسلمانن کي صدمو ڏنو، اها
گانڌيءَ جي وڏي قلابازي هئي. هتي مولانا ابوالڪلام آزاد، ڊاڪٽر مختار احمد انصاري،
ڊاڪٽر حڪيم اجمل خان، مسلمانن بجاءِ گانڌيءَ ۽ ڪانگريس جي حمايت ڪئي. هتي ئي
پاڪستان جو بنياد پيو هو. خلافت تحريڪ جهڙي عوامي تحريڪ جو مثال برصغير جي تاريخ ۾
نٿو ملي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هيءَ تحريڪ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، پر ان هندستان
جي سياست ۾ مسلمانن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي.“ سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ”خلافت تحريڪ“ ڪن
سنجيده نوجوانن ۾ سوچ ۽ بحث جو موضوع رهيو آهي، ان جي سياسي فائدن حاصل نه ٿيڻ ۽
سنڌين جو اتي وڃي ڀٽڪڻ ڏاڍو عجيب پئي لڳو. ان ڪري مخالفت ۾ رايا ظاهر ٿيڻ لڳا، مگر
ان تحريڪ تي امتياز صاحب جي سوچ ۽ نتيجو
به هڪ اهميت جوڳو رايو ضرور آهي.
ترڪيءَ جي مشهور مزاح نگار ملا نصرالدين جو ذڪر پڙهي،
پنهنجو ننڍپڻ ياد آيو، جو اسان ”مولوي محمد عظيم اينڊ سنس تاجر ڪتب شڪارپور“ پاران
ملا نصرالدين جا ٽوٽڪا ڪتابي صورت ۾ ڇپايل وٺي پڙهندا هئاسون. اهي ڪتاب ورهاڱي کان
اڳ شڪارپور جي مشهور ڪتب فروش پوڪرداس ٿانورداس جا ڇپايل هئا. هاڻي ته نه رهيو
پوڪرداس، نه رهيو مولوي محمد عظيم. ٻارن کي ڪير ملا نصرالدين پڙهائي! اهڙيءَ طرح
ترڪيءَ جي مشهور شاعرن اورحان ويلي ڪانڪ ۽ ناظم حڪمت جو ذڪر ۽ انتخاب پڻ پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي.
ناظم حڪمت جي شاعريءَ جي چونڊ احسان احمد بدوي
ترجمو ڪري شايع ڪرائي آهي. ان کان علاوه پڻ ”نئين
زندگي“ ۽ ڪن ٻين رسالن ۾ ان جا ڪجهه سنڌي ترجما ڇپيل آهن.
اهڙيءَ طرح هينڊ ڊلڪيلڪ جو ذڪر ڇيڙي، جيڪو ڪجهه موسيقيءَ تي
تبصرو ڪيو ويو آهي، اهو اهڙو ته خوبصورت آهي، جو ان ۾ مختلف سازن، فنڪارن، رقاصائن
۽ موسيقارن جي ڪارنامن کي واضح ڪري، اسان کي پڻ انهن مان لطف اندوز ٿيڻ ڏانهن راغب
ڪيو ويو آهي. امتياز صاحب جي اهڙي ذوق کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهبو. هتي ان
مان اقتباس نه ڏيڻ جو مقصد به تجسس قائم رکڻ ئي آهي ته جيئن پڙهندڙ ۾ تهائين وڌيڪ
چاهه پيدا ٿئي.
سفرنامي ۾ نوجوانن لاءِ به ڪي خاص عنوان آهن، جيئن ’حرم‘،
’خبردار!‘ ۽ ’نه وسرندڙ واقعو‘، جن کي پڙهڻ سان ڪتاب مان جند ڇڏائڻ مشڪل ٿي پوندي.
اهڙين ڳالهين ڪري به سفرناما نوجوان شوق سان پڙهندا آهن. امتياز صاحب جا جيڏا
موضوع پرڪشش آهن، تيڏا بيان پڻ دلڪش. هن نهايت ايمانداريءَ سان، محنت ۽ محبت سان
جيڪو پورهيو ڪيو آهي، سو سندس ذوق جو چٽو ثبوت آهي. هر هڪ عنوان ۾ گهربل ڄاڻ پيش
ڪرڻ لاءِ هن ڪيترن ڪتابن جي مطالعي سان گڏ انٽرنيٽ تان پڻ معلومات حاصل ڪري،
جديديت جون به سڀئي تقاضائون پوريون ڪيون آهن، جن مان اسان کي به سبق وٺڻ کپي ته
ڪنهن به موضوع تي مواد حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جا وسيلا استعمال ڪري، مستند لکتون
پيش ڪري، پنهنجي علمي ۽ ادبي ساک پيدا ڪري، ان کي وڌائيندا رهون.
امتياز صاحب جو اسلوب ۽ لکڻ جو ڍنگ به وڻندڙ آهي، مواد جي
ترتيب لفظن جو وقتائتو استعمال سندس سهڻي سليقي جا ثبوت آهن. هڪ اندازي مطابق
اوڻونجاهه، پنجاهه عنوانن تي مشتمل هي سفرنامو هر حوالي سان نه رڳو سنڌي سفرنامن
جي تاريخ ۾ اهميت جوڳي جاءِ والاريندو، پر سنڌي نثر جي تاريخ به ان کي ڪڏهن فراموش
ڪري نه سگهندي.
No comments:
Post a Comment