28/12/2012

هر فن مولا ــــ الطاف - قمر شهباز



هر فن مولا ــــ الطاف
”رٺي آھي گھوٽ سان“ ڪتاب جو مھاڳ 
قمر شهباز
الطاف شيخ جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد هاڻي خيرن سان پنجاهه جي ويجهو اچي پهتو آهي. ڪنهن به ٻوليءَ جي ليکڪ لاءِ ان کان وڌيڪ خوشيءَ ۽ فخر جي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته هو ايترين سارين تصنيفن جو مالڪ هجي ۽ پڙهندڙ سندس هر نئين تصنيف کي هٿو هٿ کڻي وڃن. نه رڳو ايترو بلڪ انهن ڪتابن جا ڇاپا مستقل طور ٻيهر مارڪيٽ ۾ ايندا رهن. منهنجي خيال ۾ ڪوبه ناميارو ليکڪ ان کان وڏي ڪنهن به اعزاز جي تمنا ڪري ئي نٿو سگهي. نوجوانن کان وٺي ٻڍن تائين، شاگردن کان ويندي ڌنڌوڙين ۽ واپارين تائين، الطاف جو نالو ئي بهترين تفريح، ڄاڻ ۽ تربيت جي ضمانت آهي. سندس سادين سودين لکڻين جو جادو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهليل آهي. سندس هر نئين تجربي جو انتظار نه صرف پڙهندڙن کي رهي ٿو، بلڪ پبلشر به ڏينهن ڳڻيندي گذاريندا آهن.

ايتري ساري مقبوليت، ساراهه ۽ عقيدت جي باوجود، الطاف اڄ به اهوئي ساڳيو سادو، شريف، گهٽ-ڳالهائو، شرميلو ۽ اٻوجهه انسان آهي، جيڪو ٻه ڏهائيون اڳ هو. هن ڪڏهن به پنهنجي مقبوليت کي ڪاميابي جي ڏاڪڻ طور استعمال نه ڪيو آهي. وڏي واڪ پنهنجي ادبي حيثيت جي دعوى نه ڪئي آهي. انعام اڪرام توڙي اعزاز جي تمنا نه ڪئي آهي. سيلاني آهي. پنهنجا مشاهدا ڪاغذ تي اتاريندو، ٻئي سفر تي روانو ٿيو وڃي. پٺتي موٽي نهارڻ سکيو ئي ناهي. اسان جي ادب ۾، جتي پنهنجي منهن ميان مٺو ٿيڻ جو رواج تمام سينيئر ليکڪن وڌو آهي، اتي الطاف جي حيثيت ۽ قدوقامت هڪ راڪاس جيڏي ضرور آهي، پر سندس عجز ۽ انڪساريءَ کيس پاڻ کان ڏهين پتي گهٽ لکندڙن آڏو به حجاب ۽ احترام وچان ڪنڌ جهڪائي جهيڻي آواز ۾ مختصر جملا ڳالهائڻ ئي سيکاريو آهي. ادبي تڪبر، پاڻ پڏائڻ ۽ صدارتي ڪرسيون تاڙڻ هن جي فطرت ۾ شامل ناهي. تقرير ڪرڻ هن جي وس جي ڳالهه ناهي. اڪيلو ڪنهن به تقريب ۾ ويندي شرمائيندو آهي. جاهل جي ٻٽاڪن تي دل ئي دل ۾ کلندو ضرور هوندو، پر ٻڌندس ايڏي غور سان جو لڳندو ته کانئس به ڪجهه پرائي رهيو آهي. انهن سڀني خوبين جي پياري مالڪ، نهايت ئي خاموشيءَ سان سنڌي ادب کي اهو ڪجهه ڏنو آهي، جو جيڪڏهن ٻي ڪنهن ٻوليءَ ۾ لکيو وڃي ها ته الطاف جيڪر ڪيترن ئي، سرڪاري توڙي غير سرڪاري، اعزازن جو مالڪ هجي ها. ڪانه ڪا يونيورسٽي سندس خدمتن جي عيوض، کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري عطا ڪري چڪي هجي ها ۽ حڪومت کيس سندس صلاحيتن، قابليت توڙي تجربي جي آڌار تي مناسب منصب تي فائز ڪري چڪي هجي ها. کانئس گهٽ محنتي، گهٽ قابل ۽ گهٽ لگن وارا ليکڪ Self _ Promotion ۽ پي آر جي آڌار تي يا ته اعلى عهدن تي پهتل آهن، يا وري ڪنهن نه ڪنهن بهاني پلاٽ، پرمٽ ۽ پيمينٽ وٺيو پنهنجي مالي توڙي ادبي شهنشاهيت قائم رکيو ويٺا آهن. اهڙي ماحول ۾، ايتري نا قدريءَ جي باوجود، مون الطاف کي ڪڏهن به شڪايت ڪندي نه ٻڌو آهي ۽ نه وري ڪڏهن سندس پيشانيءَ تي ڪو گهنج ئي ڏٺو اٿم. هُو ڪم ۽ چاهيندڙ جي محبت کان ايترو ته مطمئن آهي جو، صلي جي پرواهه ڪئي بغير، ماٺ ميٺ ۾ ڪتابن مٿان ڪتاب گهڙيندو ٿو وڃي. اڃا جوان آهي؛ اها رفتار رهيس ته ايندڙ چند سالن ۾ سَوَ کي ڌڪ هڻندو. خدا ڪري ائين ٿئي؛ ۽ جي ائين ئي ٿيو ته پوءِ اهو ڪارنامو جديد سنڌي ادب ۾ سنگ ميل جي حيثيت حاصل ڪري وٺندو، جنهن تائين پڄڻ لاءَ ڪنهن ٻئي الطاف جي ضرورت پوندي.
هيءُ ڪتاب سفرنامن کان ٿورو هٽي، محاورن، چوڻين ۽ پهاڪن تي ٻڌل ضرور آهي، پر ليکڪ پنهنجي سمونڊ، ساحل ۽ سڙهه واري خلش کان آجو ٿي نه سگهيو آهي. پرڏيهه جي خوشبو هر سٽ ۽ هر صفحي تي موجود آهي. سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون به اهي گڏ ڪيا اٿس، جيڪي بيوطن سنڌين کان، ڏيساور ۾ ٻڌا اٿس. مَلئي، چيني ۽ جپاني محاورا پڻ، اهي جيڪي اسان جي قومي مزاج سان ٺهڪي ٿا اچن. ڇڏي ڪوڏي به نٿو. جيڪي مليس ٿو سو ميڙي چونڊي امانت سمجهي، نهايت ئي ايمانداريءَ سان اچي ٿو ديس واسين جي جهول ۾ وجهي. ڪهاڻيون هجن، چرچا ڀوڳ هجن، توڙي انگ اکر هجن، جيڪي جتان مليس ٿو، وڃي ٿو گڏ ڪندو. ٻيو ته ٺهيو، پر شاگردن جي لاءِ ولايتي ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن جي واقفيت، انهن ۾ داخلا وٺڻ جا طريقا ۽ ڪورس جا تفصيل پڻ جمع ڪري، ڪٿي نه ڪٿي سوڙهه سنگهوڙ ۾ جڳهه بنائي، ڇپائي ڇڏيا اٿس ته جيئن اڻ سُونهن کي ٿوري گهڻي واٽ نظر اچي. ترجما ڪيا اٿس ته جيئن پنهنجي ۽ ٻاهرئين ادب جي رفتار ۽ معيار کي ڀيٽي سگهجي. انهن مڙني خوبين کيس نه رڳو ماڻهن ۾ محبوب بنايو آهي، پر گڏو گڏ محنت، جاکوڙ ۽ جدوجهد جي علامت پڻ بنجي پيو آهي. ڪوبه نئون ليکڪ، سندس ڪوششن ۽ ڪاوشن مان سبق حاصل ڪري سگهي ٿو. ساڳي طرح جيڪڏھن ڪوبه جهونو اديب جڏهن قلم وهائي ٿڪجي پوي، ته الطاف جي پورهئي ڏانهن نهاري، منجهانئس اتساهه حاصل ڪري سگهي ٿو.
چوڻيون ۽ پهاڪا، هر قوم جي تواريخ، ثقافت ۽ روايتن جو عڪس هوندا آهن. منجهانئن ماضيءَ جو اولڙو پوندو آهي ۽ مستقبل جو تصور اڀرندو آهي. هر چوڻيءَ پويان ڪانه ڪا ڪهاڻي پوشيده هوندي آهي ۽ هر محاورو تواريخ جي ڪنهن نه ڪنهن واقعي جي علامت هوندو آهي. اظهار جا اهي ذريعا عوامي سوچ، مزاج، ذهني لاڙن، نفسياتي جهڪاءَ ۽ تواريخي پس منظر جا مظهر هوندا آهن. نه راتو رات جڙيا آهن ۽ نه شاهي ايوانن ۾ نپيا آهن. عام ماڻهوءَ جي سوچ جو نچوڙ آهن. ان ڪري صدين کان زنده آهن ۽ ٻوليءَ جي زنده رهڻ تائين حياتي ماڻيندا.
تحقيقي ذهن رکندڙ عالمن کي گهرجي ته اهڙن علمي گوهرن جا پڻ بڻياد ڳولڻ لاءِ ميدان ۾ اچن. ائين ڪرڻ سان وڃايل تواريخي ڪڙيون ملنديون، نفسياتي اوڻاين تان پردو کڄندو ۽ آئيندي قومي ذهني صحت سڌارڻ ۾ مدد ملندي.
اها حقيقت آهي ته هن صنف تي ڪجهه ڪتاب اڳ ۾ ڇپيا آهن، پر عوامي ذخيرو ايڏو ته گهڻو ۽ وسيع آهي جو باقاعدي، منظم طريقي سان ريسرچ ڪرڻ کان سواءِ مڪمل تسلي ٿيڻ ممڪن ناهي. ان ڪم ۾ مشڪلاتون به گهڻيون آهن. مختلف علائقن ۾ ساڳئي پهاڪي کي مختلف انداز ۾ ادا ڪيو ويندو آهي. قومن، ذاتين، قبيلن ۽ ماڳن وغيره متعلق پهاڪا پڻ متضاد عصبي لاڙا رکن ٿا. ان کان سواءِ تمام وڏو ذخيرو پهاڪن ۽ چوڻين جو، ورهاڱي وقت هندستان ڏانهن لڏي ويل هندو پاڻ سان گڏ کنيو ويا. اُن جي اهميت ان ڪري پڻ محسوس ٿئي ٿي جو سماج، مذهب ۽ ثقافت جي اها ايڪائي هڪ خاص ۽ جدا ذهني لاڙي جي مالڪ هئي، جنهنجي اظهار جو ذريعو پڻ ڪجهه قدر مختلف نوعيت جو هُئو. سندن سوچ شهري، پيشو نوڪري يا وڻج واپار، سماج گهڻي ڀاڱي آزاد، تعليم سرس ۽ سياسي سجاڳي سَجيهه هئي. انڪري اهي سڀ شيون سندن گفتگو توڙي Expression مان مختلف انداز سان جهلڪنديون هيون. الطاف سڄي دنيا گهمي ڏٺي آهي ۽ گھڻيئي گھمرا  گهمي ڏٺي آهي. کيس اڪيچار موقعا مليا آهن ته هُو اهڙن سنڌي خاندانن سان گهلي ملي ڳالهائي، جيڪي ورهاڱي کان اڳ يا پوءِ، سنڌ ڇڏي وڃي پرڏيهه ۾ آباد ٿيا. کانئن ٻوليءَ جي اها چاشني چکي، جيڪا هاڻي شايد نه سنڌ ۾ رهي آهي ۽ نه وري هند ۾. اهو ڪم ڏکيو آهي ۽ الطاف جي مزاج مطابق پڻ ناهي. پر هن هڪ انوکي انداز ۾ شروعات ڪئي آهي. بنا عالماڻي معتبرائيءَ جي، هن درويش جيڪي ۽ جيئن ٻڌو آهي، سو لکي وڃي پار پيو آهي. باقي ڪم ان ميدان جي ڪهنه مشق کيڏاڙين مٿان ڇڏيو اٿس ته هُو ڪينءَ ٿا ويهي اڳيون پويون ٻوٽيون پٽي، لفظن ۽ جملن کي پاڻ ۾ ڀيٽي، هڪ جامع، معياري ۽ مڪمل ڪتاب عام کي آڇين. هُن عام راهه تان هٽي، هڪ ٻي به نواڻ پيدا ڪئي آهي. محاورن ۽ چوڻين جي معنى ۽ مطلب سمجهائڻ خاطر ٽوٽڪا، ڀوڳ يا واقعا تفصيل سان ڏنا اٿس، جيڪي پنهنجي دلچسپيءَ سبب ڪتاب جي جان بنجي ويا آهن. اهڙو پيرايو صرف الطاف ئي اختيار ڪري سگهي ٿو. سنجيده محقق کي شايد اها حرڪت اُگري لڳي. پوءِ به الطاف ڪٿي نه سنجيده هجڻ جي دعوى ڪئي آهي ۽ نه وري محقق هئڻ جي. هُن ته پنهنجي طرفان مڪمل ڪتاب ڏيڻ جي مالڪيءَ تان پڻ هٿ کنيو آهي. چيومانس: ”ٿوري محنت ڪري، هن موضوع تي ٻيا ڪتاب پڙهي، ماڻهن سان ملي، ڪجهه وڌيڪ مواد حاصل ڪري، جيڪر هڪ مڪمل ڄاڻيٽي ڏين ها ته بهتر.“
چيائين: ”اهو ڪم منهنجو ناهي. ڀلي ته ٻيا وڃي ان تي وڌيڪ ڪم ڪن. مون کي جيڪو مواد سفر دوران هٿ آيو، اهو پنهنجي انداز ۾ کڻي ڇپايو اٿم. وڌيڪ جيڪو ڪم جنهن کي سونهين، سو ڪري.“
مون کي الطاف جي خلوص تي يقين آهي. هن پنهنجي طرفان، معمولي ئي سهي، هڪ وڌيڪ سوکڙي سنڌي پڙهندڙن کي ڏني آهي. سمونڊ ۾ هڪ ڦڙي جو اضافو ڪيو آهي. سندس اهي ئي وَڙَ، کيس وڏو انسان بنائڻ لاءِ ڪافي آهن. خدا کيس وڏي ڄمار ڏئي ته جيئن هُو پنهنجي ٻوليءَ ۽ ديس واسين جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهي. اسان سڀني جون دعائون هميشه ساڻس گڏ رهنديون.

1 comment:

  1. پڙهڻ لاءِ تمام سٺو مواد رکيو اٿو ۽ اميد ته ان اڃا به واڌارو ڪندا ته جيئن سنڌي ادب بابت آن لائين گھڻي کان گھڻو مواد پڙهڻ، سمجهڻ لاءِ ملي سگھي، مهربانيون

    ReplyDelete