29/12/2012

محبتن جو هڪ جھان - ڪامريڊ ڄام ساقي



مير نادر علي ابڙي جي ڪتاب ”سنڌ جا املهه هيرا“ جا ٻه اکر
محبتن جو هڪ جھان
ڪامريڊ ڄام ساقي
مير صاحب نادر علي ابڙو هڪ ته نوجوان، ٻيو  پوليس آفيسر ـــ پوءِ به ادب ۽ اديبن تي ايترو لکي، اِها ڳالهه جھڙوڪر اڻ ٿيڻي هئي پر هتي وري حسب نسب ڪم آيو. مير صاحب ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو لائق فرزند آهي، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سينئر اديبن کي منظم ڪري سنڌي ادبي سنگت هلائيندڙ، هارين جي هلچل ۾ حصو وٺي، سنڌ هاري ڪاميٽيءَ کي منظم ڪري جاکوڙيندڙ رهيو آهي.

آدرشي انسان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو لائق پٽ هجڻ ڪم آيو ۽ مير صاحب ادب جي ميدان ۾ لهي پيو. سندن ٻولي تمام سٺي ۽ سلوڻي آهي، پيا پڙهو، بور نه ٿيندَو!
مير صاحب ڀلو صاحب قلم به آهي، پوءِ ڀلي نوڪري سانگي جتي به رهيو آهي، اتي ادبي تنظيمون ٺاهڻ، تاج اڪيڊميون ٺاهڻ يا لائبريريون منظم ڪرڻ ۾ اڳ اڳرو رهيو آهي. اسين سڀ ادبي لڏي جا ماڻهو دعاگو آهيون ته مير صاحب صحت مند رهي ۽ ادبي ميدان ۾ نوان نوان ليک لکندو رهي. پاڻ ادبي ميگزينن ۽ روزاني اخبارن ۾ پڻ ادبي مضمون لکندو رهيو آهي.
مون کي بجا طور خوشي آهي ته مير نادر سنڌ جي بيحد اهم ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن تي تفصيلن تحقيق ڪري هن ڪتاب جي صورت ۾ کين هميشه لاءِ تاريخ جي سونن ورقن ۾ سهيڙي ڇڏيو آهي. هن ڪتاب جي قيمتي مضمونن جي اهميت ۽ افاديت کي علمي حلقو يقينن سمجھي سگھي ٿو. اتي مان نادر کي مبارڪباد پيش ڪندس، جنهن اها ڪاوش سر انجام ڏني ۽ مون کي بلاشڪ هڪ سرهائي محسوس ٿي رهي آهي.
مير نادر حقيقت ۾ نوجوان هوندي پنهنجي بزرگن سان ڪيتري محبت ۽ لڳاءُ رکي ٿو، ان جو اندازو سندس هنن مضمونن مان لڳائي سگھجي ٿو. سندس لکڻ جو اسلوب برجستو، سونهن ۽ سوڀيا وارو آهي. مضمونن ۾ مختلف هستين بابت سندس تحقيق ۽ کوجنا جي ڪيتري قدر و قيمت آهي، سا لڪيل ڍڪيل نه آهي. مان سندس محنت، محبت کي خراجِ عقيدت ۽ خراجِ تحسين پيش ڪيان ٿو ۽ مون کي خوشي ٿي ٿيئي ته اسان جا نوجوان پنهنجي تاريخ ۽ بزرگن کي زنده جاويد رکڻ چاهين ٿا.
مير نادر جو والد صاحب ۽ منهنجو بيحد پيارو دوست ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پاڻ به هڪ علمي ادبي، سياسي، سماجي شخصيت هيو. نادر به پاڻ ملهايو آهي. پنهنجي والد جي نالي تي ’بزمِ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪاميٽي‘ جو بنياد وڌائين. هفته روزه اخبار ’تاج‘ جي نالي سان به ڪڍي رهيو آهي. ان کان علاوه اهم شخصيتن جي ورسين ۽ سالگراهن تي نادر مضمون لکڻ ڪڏهن به نه وساريندو آهي. هُو پنهنجي ادب سان رشتو جوڙيندو ٿو اچي.
هن ڪتاب ۾ اهڙن مڻيادار ماڻهن ۽ تاريخ ساز هستين کي هڪ هنڌ ميڙي سچ پچ ته نادر محبتن جو هڪ جھان ميڙيو آهي.
مان سمجھان ٿو ته هي ڪتاب شخصيات جي اهميت جي بنياد تي تاريخ ۾ هڪ خاص جاءِ پيدا ڪندو.

1 comment: