شيخ اياز جو همعصر دور ۽ اڄوڪي سنڌ
مبارڪ علي لاشاري
شيخ اياز هڪ تاريخ آهي اهڙي تاريخ جيڪا گهڻ پاسائين آهي ۽ گهڻ طرفي
پيغام ڏيندڙ ۽ سجاڳي آڻيندڙ آهي، سندس چواڻي:
ڪي
ماڻهو
تاريخ
ٿين ٿا
گهايل
ڌرتي جي سيني جي
اهڙي
گهري
چيخ ٿين ٿا
جا
هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي
جا
دنيا کي بدلائي ٿي
شيخ اياز دنيا کي بدلائيندڙ هو ۽ تبديلي جو خواهان هو، سندس اڻٿڪ
جدوجهد ۽ پيار جو پورهيو مثالي آهي، ڪنهن خوب چيو آهي ته ”اسان جو سماج ڪنهن کي به
عظيم يا وڏو بڻائيندڙ ڪونهي اسين ته رڳو ڪيرائڻ ئي سکيا آهيون، بيهارڻ سکيا ئي
ناهيون پر پوءِ به اسان جي جهولي خالي ناهي رهي هر دور ۾ فطرت اسان کي شاهه، سچل،
سامي، اياز ۽ بخاري جهڙا اڻ مٽ ڪردار ۽ ڪوي ڏنا آهن.“
پر شيخ اياز جو وجود، شيخ اياز جو دور، شيخ اياز جي داخليت ۽ شيخ
اياز جي خارجيت اسان لاءِ الاهي ساريون سواليه نشانيون بڻيل آهن، اهي سواليه
نشانيون جن کي سمجهڻ، پروڙڻ ۽ پرجهڻ بنا نه ته اسين اڳتي وڌي سگهنداسين نه ئي اسان
خامين کي درست ڪري سگهنداسين، اهي سواليه نشانيون آهن، اياز اياز جو همعصر دور، ۽
اياز جا نظريا.
سڀ کان پهرين سوال ۾ اسان کي اياز کي سمجهڻو آهي، اياز جي شروعاتي
علمي، ادبي، سياسي ۽ نظرياتي وابستگي اياز جو وچون يعني جواني کان وٺي انهي دور
تائين جنهن دور تائين بيٺو رهيو ۽ پنهنجي ترقي پسندي سوچ ۽ نظريي جي حمايت ڪندو
رهندو هو ۽ پوءِ آخري دور، جنهن ۾ هو پنهنجي پوئين ڪيل ڪم تي پڇتاءُ سان گڏوگڏ
پنهنجي مواد کي رد ڪند ڏيندو رهيو. ان کان پوءِ اسان کي شيخ اياز جي همعصر دور کي
سمجهڻ گهرجي، جنهن ۾ عالمي سياسي، سماجي، اقتصادي وايول منڊل، ملڪي صورتحال ۽ صوبي
سنڌ سان ٿيندڙ قهري ڪارروايون ۽ صوبي اندر ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ۽ ادبي اوچائي ۽ پستي ۽
ان کان پوءِ انهن سڀني ڳالهين جو شيخ اياز جي نظرين تي اثر ۽ انهن جو رد عمل ۽ رد
عمل ۾ اياز جو داخلي ۽ خارجي اظهار.
سڀ کان پهرين ان ڳالهه لاءِ ويچاريو وڃي ته اياز جو ادب ۾ اچڻ ۽ ان
کان پوءِ ادب متعلق اياز جو رايو ڪهڙو هو. شيخ اياز هڪڙي جاءِ تي چوي ٿو ته ”ادب
روح جو اظهار آهي“ ۽ اياز خود انهي ڳالهه جو قائل هو ته اهو اظهار حقيقت پرستي تي
مبني هجي، خط، انٽرويو ۽ تقريرون ۾ اياز هڪ سوال جي جواب ۾ ڏي ٿو ته ”مون هميشه چيو
آهي ته منهنجي شاعري حقيقت جي ويجهو هجي ۽ حقيقت جي زباني هجي.“
”اياز انهي حقيقت جي اظهار جو سڄو سارو پتلو بڻجي پهاڙن جيان بيهي
رهيو هو ۽ پنهنجي آڏو ڪا به شيءِ بيهڻ نه ڏنائين، توڻي جو وڏيون رڪاوٽون آيون ۽ ڏک
ڏاکڙا جهيلڻا پيا پر ثابت قدمي سان ان دور کي جهيليائين ۽ انهي جدوجهد کي پنهنجي
لفظن ۾ هڪڙي تقرير ۾ هيئن اظهار ڪري ٿو : ”جڏهن ڪوئي به شاعر ۽ اديب حق ۽ باطل جو
پورو شعور رکي، حق جي حمايت ۾ پنهنجو قلم ٿو هلائي، تڏهن ان جي اها جرئت ادب ۾
اجتهاد آڻي ٿي ۽ ادب جو اجتهاد زندگي جي اجتهاد جي ابتدا آهي.“
ادب هڪ مورچو آهي جنهن ۾ ڪو اديب ويهي حق جي ڳالهه ٿو ڪري ته ان جا
توب نه صرف دشمن تي برسن ٿا پر ان سان گڏوگڏ سماج ۾ نواڻ ۽ تبديلي جي سکن جي
آبياري به ٿئي ٿي ۽ نيون واٽون ۽ نوان گس ڦٽي ٿا پون جي قومن جا رهنما ۽ تاريخ جا
اڏيندڙ هوندا آهن، انهي ساڳي تقرير ۾ اڳتي چوي ٿو:
”اهو اظهار بنا مقصد جي نه آهي ۽ ادب ۽ زبان، جا ان جي اظهار جو
ذريعو آهي ۽ پوري قوم، جنهن تائين اديب جي رسائي لاءِ انهي اظهار جو سهارو ورتو
وڃي ٿو، جڏهن انهي سڀني جو وجود، ڪنهن ٻاهرين يا اندرين خطري سبب، خاتمي جي قريب
نظر اچي ٿو تڏهن ادب جو پنهنجي حفاظت کان وڌيڪ، ٻيو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو، ادب ۾
سياسي ۽ سماجي مقصد جو اظهار ادب جي اهميت کي نٿو گهٽائي، ادبي تخليق جي سياسي ۽
سماجي افاديت تي مون کي ڪوئي اعتراض نظر نٿو اچي.“
اهو ئي دور هو جو اڳتي هلي مزاحمتي ادب جي پيڙهه جو پٿر ٿو رکي ۽
دنيا جي انقلابي تحريڪن جو اثر اياز جي وچين ۽ ڦوهه جواني واري دور تي ڌاڪو ڄمائي
ٿو ۽ ڌرتي سان ڪمٽمينٽ جو اظهار ۽ ان جا گس روشن ٿي پون ٿا، بقول اياز:
”اي
منهنجا محبوب وطن، توسان منهنجون ساڳيو لونءُ لڳاءُ
هي
منهنجو مظلوم قلم، سوچيو ناهي جنهن سرچاءُ“
اياز جي اها وابستگي ۽ ڌرتي سان پيار وارو جذبو اڃا به اڳتي وڌي
کانئس هينئن چورائي ٿو ته:
”جو اديب زندگي جي ڏاڍ ڏمر ۽ ڏنگ کان منهن موڙي اهو ڪانئر ۽ ڪمينو
آهي، هو پنهنجي فرار جي باوجود ادب تخليق ڪري سگهي ٿو، پر هو فقط ڪوڙي ڪيمياگر
وانگر ڏنگي جو ڏک پيدا ڪري سگهي ٿو، باقي هن وقت رڳو ٽڪي جو ٽامون، فراري ادب
زندگي جي کاري کوهه ۾ ڪوڙ جي ڪنگري آهي، شاعر جا نمايان ٻه فرض ٿين ٿا ۽ اهي هي
آهن ته نه فقط دنيا آهي، ان جو آئينو ٿئي، پر جيئن دنيا ٿيڻ گهرجي، ان جو تخيل به
پيش ڪري.“
اهو ئي دور هو اياز جو جنهن دور ۾ اياز کي اڳيان ڪا شيءِ به نه آئڙي
۽ هو اڳتي وڌندو رهيو ۽ برملا پنهنجي محبت سچي وابستگي ۽ اتساهه سان ڌرتي جا گيت
ڳائيندو رهيو ۽ سندس تخليقي اڏام هن نظم ۾ آساني سان پروڙي سگهجي ٿي.
اسان ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!
ستي ساهه جاڳي
وڃي دور دور
ستارا لتاڙي پنهنجو شعور
سوين چنڊ ساٿي
ڪتين جا سوين قافلا رهگذر ۾
سفر ۾
سوين ڪائناتون
نه آغاز جن جو نه انجام جن جو
زمان ۽ مڪان کان مسلسل نجاتون
ازل کان ابد تائين سک جون براتون
جڏهن موٽ کائون
سوين راز آڻيون
سوين ساز جي لاءِ آواز آڻيون
سوين چنڊ چايون
ستارا تڳايون
انهن سان اچي جڳ سڄو جگمڳايون
اسان جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين!
اسان ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!
يا جيئن مٽي جي ڪمٽمينٽ ۽ پيار اياز پنهنجي گيتن ۾ اسان کي هيئن
سڀائي ٿو:
رهندو ياد اهو الحاد
چوان ٿو ”مٽي زنده باد!“
اتي اياز جي ڪمٽمينٽ ديوار چين جيان اڏول ۽ اٽل بيٺل آهي ۽ کيس ڪير
به لوڏي نٿو سگهي، پر پوءِ ٿيو هينئن جو اياز ٻيو ٿي ويو، هن جي روح آخري لمحن ۾
پلٽو کاڌو ۽ هو پنهنجي پوئين شاعري ۽ انهي سجاڳي واري دور کي رد ڪد ڏيڻ لڳي ويو،
جنهن جو سبب ٻئي آهن، خارجي ۽ داخلي حقيقتون. جن کي پروڙڻ انتهائي اهم ۽ وڏو ڪم
آهي جنهن بعد ئي اسان ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهون ٿا. هاڻ اچو ته ان جي همعصر دور جو
جائزو وٺون.
اياز پاڪستان جي ٺهڻ يعني هندستان جي ورهاڱي جو اکين ڏٺو شاهد هيو،
جنهن هي سڄي پيڙا پنهنجي اکين سان نه صرف ڏٺي بلڪه پنهنجي اندر جي اونهائين سان
محسوس ڪيائين، ان سان گڏوگڏ پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ ۽ ان کان پوءِ عرصي ۾ پاڪستان ۾
جيڪي اٿل پٿل ٿي، يا خاص ڪري سنڌ سان ون يونٽ کان وٺي ٻين عقوبتن تائين جيڪو ٿيو،
تنهن ۾ اياز به ايڏو ئي دک محسوس ڪيو. ون يونٽ جي نه صرف مخالفت ڪيائين پر ان لاءِ
”مٽي زنده باد!“ جهڙا گيت به سرجيائين، انهي سڄي ماجرا دوران هو پوري طرح چوندو
رهيو ته ادب، ٻولي ۽ ڌرتي جي بچاءُ ۽ تحفظ واري جنگ نه وڙهي ته اهو ادب ڪنهن جو
ناهي، اهو ادب ٽڪي جو ٽامو آهي، فراري ادب زندگي جي کاري کوهه ۾ ڪوڙ جي ڪنگري آهي.
تنهن ڪري اسان جي اياز پاڪستان جي انهي اٿل پٿل واري ۽ سنڌ جي ڀڃ ڊاهه ۾ نه صرف
حصو ورتو پر حڪمرانن خلاف جهنڊو به کڙو ڪيائين ۽ وڏي واڪي چوندو رهيو:
منهنجو ملهه نه پڇ او آمر
منهنجا گيت ڳنهي سگهندين؟
يا
سانڍيا منهنجي ساهه
ڏکڙا ساري ڏيهه جا
آمرن سان ٽڪر کائڻ، حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ ۽ ان لاءِ جيل، کوليون،
ڦٽڪا برداشت ڪرڻ فنڪارن جو نه صرف ڪم رهيو آهي بلڪه اهي عظيم آرٽسٽ تاريخ جا
موڙيندڙ به رهيا آهن، اياز چوي ٿو:
مان آڳ به اندر آيو هان
مان آزادي ۾ ڄايو هان
آزادي ۾ مرڻو هان
مان وٽ ور ور ورڻو هان
زنجير غلامي جا جيسين....
اسان جو اياز مظلوم سان ساٿ ڏيندڙ ۽ ان لاءِ وڙهندڙ اياز هو ۽ تاريخ
گواهه آهي ته اياز ائين ئي وقت جي آمرن سان مهاڏو اٽڪائي نڪ ۾ ناڪيلي وجهي بيهودگي
کي گهٽي ۾ گهليندو آيو ۽ ڌرتي جو مان ۽ شان اوچو رکندو آيو، اهو اياز ڪڏهن به مرڻو
ناهي ۽ تاريخ گواهه آهي ته ان آمراڻي دور ۾ سنڌي اديبن اياز جي سٿ ۾ هڪ طوفان برپا
ڪري ڏنو ۽ تاريخ ان کي سونهري اکرن ۾ لکي ڇڏي آهي. پر اڄ اها صورتحال آهي جو اسان
جو اديب وقت جي حالتن ۽ ڏاڍ کان نابري واري ڪنڊ وٺي لڪي ويهڻ ۾ عافيت ٿو سمجهي ۽
نظرين کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ادب جيڪڏهن زندگي جي ترجماني، زندگي جو علاج،
زندگي جي غلامي خلاف نعرو ناهي ته پوءِ ادب ئي ڪهڙو، اياز کان ڪنهن سوال ڪيو هو ته
”توهان جو ادبي نظريو ڪهڙو آهي؟“ اياز وراڻيو هو: ”اي دوست سڀ نظريا ناسي رنگ جا
هوندا آهن، رڳو زندگي جو سونهري وڻ ئي سدائين سائو هوندو آهي.“
ته اها زندگي جيڪا سدائين سائي هجي ان جي آبياري اعليٰ سياست، ثقافت،
تربيت، تعليم ۽ ادب ئي ڪري سگهي ٿو. اسان ادب جا شاگرد جڏهن به ٻاهرين دنيا جي ادب
جي تاريخ پڙهون ٿا ته اسان کي سڀ کان پهرين ان دور جي سياسي، سماجي، اقتصادي تاريخ
جو مطالعو ڪرايو وڃي ٿو ته مثلاً جڏهن اسان شيڪسپيئر کي
پڙهون ٿا ته ان کان اڳ Elizabethan
Age پڙهڻ لاءِ ڏنو وڃي ٿو راڻي ايلزبيٿ کي ۽ ان دور کي
پڙهڻ کان پوءِ اسان شيڪسپيئر کي ۽ سندس ادب کي سمجهي سگهنداسين يا ملٽن کي پڙهڻ لاءِ جيڪبين ۽ ڪئرولين بادشاهن ۽ سندس دور کي پڙهي پوءِ ئي
ملٽن کي پڙهون ٿا.
ساڳي نموني سان توهان جا ڪيٽس، شيلي ۽ ورڊس ورٿ کي ان دور جي سياسي تبديلين، اقتصادي حالتن ۽
سماجي اٿل پٿل ۽ عظيم فرينچ انقلاب کي پڙهڻ کان سواءِ کين پڙهڻ ۽ سمجهڻ ساڻن
ناانصافي برابر آهي، پر افسوس اسان جي سنڌ جو اديب نه ته ڪنهن چرپر جو حصو آهن، نه
ئي ڪا للڪار جي آواز جيئن اياز للڪاريندي چوندو هو:
اي
دنيا پر جا محڪومو
اي
مظلومو
جي
محڪومي مان ڪو به ڇٽو
مون
ائين سمجهو
ڄڻ
منهنجي گردن هلڪي ٿي
يا
ڏسي ڏکيا ڏيل، ڳوڙها ڳل
ڳڙي پيا
يا
مزدورن جي پورهيي ۽ روپ کي هيئن چٽيندي پاڻ کي ساڻس ملائيندي چوي ٿو:
جنهن
وقت لڪن ۾ لوساٽيل
انسان
ڳلين مان نڪرن ٿا
جنهن
وقت دکن ۾ دونهاٽيل
مزدور
ملن مان نڪرن ٿا
مان
پنهنجي تند تپايان ٿو
درد
دلين مان نڪرن ٿا
يا
تون
پويون جهوٽو پت جهڙ جو
مان
ڳاڙها ڳپ بهارن جا
تون
ڇوت نه لائين پاڇي کي
مان
ڳايان گيت چمارن جا
يا
اڃا
رڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي
متان
ائين سمجهين مئا مور سارا
پر اسان جي اديبن لاءِ هڪڙو لطيفو مشهور آهي ته ڪو اسان جو اديب سارتري سان ملڻ ويو، سارتري کانئس تعارف پڇي پٽيوالي کي ٻه ڪپ چانهه آڻڻ
لاءِ آرڊر ڏنو ۽ پاڻ ان اديب کان ملڪي عالمي صورتحال پڇڻ لڳو تنهن تي ان اديب
وراڻيو ته منهنجو صورتحال سان ڪو واسطو ڪونهي منهنجو ڪم آهي ادب سرجڻ، ته سارتري
پٽيوالي کي گهرائي فقط هڪ ڪپ چانهه آڻڻ لاءِ چيو. اياز توڻي جو سنڌ جي محڪومي خلاف
آواز ٿي کڙو ٿيو پر پوءِ به ملڪي حقيقت کان منهن نه موڙيو هئائين، توڻي جو هند پاڪ
جنگ خلاف نظم
هي
سنگرام
سامهون
آ نارائڻ شيام
هن
جا رنگ رتول به ساڳيا
هن
جا منهنجا ٻول به ساڳيا
هن
تي ڪيئن بندوق کڻان مان؟
هن
کي گولي ڪيئن هڻان مان؟
هن
کي گولي ڪيئن هڻان مان؟
لکيائين پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هيئن به چيائين:
”منهنجو سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام ۾ ان جي دک درد سان ناتو رهيو آهي ۽ عوام جو دک درد
ئي منهنجي شاعري جو ڪيتري حد تائين محرڪ جذبو رهيو آهي.“
ف م لاشاري لکي
ٿو ته هڪ انٽرويو ۾ اياز کي مون صرف هڪڙي ڳالهه تي ڏکاريو ٿيندي ڏٺو جيڪا آهي
پنهنجن طرفان ايذائڻ ۽ تنقيد ڪرڻ، جن اياز جي قد ڪاٺ کي ڏٺو ئي ناهي سمجهيو ئي
ناهي، جنهن جو اظهار پنهنجي شعرن ۾ به اياز ڪري چڪو آهي:
اسان
تي الزام، آندا جڳ جيئڻ جا
جن
جي روز جواب ۾ جرڪيا منهنجا جام
الا،
ڪڏهن عام، رسندا منهنجي روح کي
يا تنقيد ڪندڙن کي هيئن لکائين:
ڇا
لئه تو کي ساڙ آهي، منهنجي ڏات سان؟
سمجهيه
ڪيئن پهاڙ، ڪاٽي سگهندين ڊٺڙا!
ته شيخ اياز سنڌ جي ڊهڻ وار دور کي ڏٺو ۽ اهو به ڏٺائين ته هن دور جي
سنڌ وڏي پهچ وارن ماڻهن کان جذبن کان خالي ٿيندي ٿي وڃي جتي هو اڪيلو رهجي ويو ٿي،
جيئن امر جليل اڄڪلهه چوي ٿو ته تاريخ مون سان ويساهه گهاتي ڪئي
آهي جو مون کي سنڌ کان ۵۴ سال اڳي تڙي نه ڪڍيائين،
جو مان سنڌ جي هر بربادي اکين سان نه ڏسان ها، ڇا اهي تنقيدي لفظ ناهن؟ ڇا اهي اڄ
جي سنڌي جي منهن تي چماٽ ناهن؟ ڇا شيخ اياز جي پوئين دور ۾ اڪيلو ٿي وڃڻ ۽ متحرڪ
قوت نه ڏسي پوئتي هٽڻ سنڌي جي آڏو سوال ناهن؟ ڇا اسان سنڌين خارجي حالتون اهڙيون
نه ٺاهيون جو اسان جا رهنما اسان کان بيزار ٿيا آهن، يا امر به اياز جيئن توبه
تائب ٿئي.
No comments:
Post a Comment