سنڌو لکت ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيل نئين تحقيق (ڪتاب)
رکيل مورائي

هن ڪتاب ۾ توڻي جو الڳ الڳ مضمون آهن ۽ انهن جا ليکڪ پڻ الڳ الڳ ملڪن
سان واسطو رکن ٿا پر سندن موضوع سنڌو لکت آهي. ڀلي سندن ويچار الڳ آهن، جيڪي فطري به
آهن پر سنڌ کي هڪ نئين تحقيق تي ٻڌل ڪتاب مليو آهي، جيڪو ممڪن آهي، سنڌ ۾ ڪن نون رخن
کي ظاهر ڪري. ان ڪري هن ڪتاب جي اهميت تحقيقي حوالي ۾ گهڻو آهي ۽ خاص طور سنڌي ٻوليءَ
۾ ته هيءُ ڪتاب وڌيڪ اهم بڻجي ويو آهي. نئين صديءَ جي نئين تحقيق کي نه رڳو سهيڙيو
ميڊم فهميده حسين آهي پر سمورو ڪتاب ترجمو به هن ئي ڪيو آهي ته ان تي
هڪ جامع مقدمو پڻ هن ئي لکيو آهي.
سنڌو لکت جي ڄاڻ بابت هيءَ سنڌيءَ جي عالمن ۽ اديبن لاءِ هڪ اهميت وارو
ڪتاب آهي، جيڪو سنڌي ليگئيج اٿارٽيءَ پاران خوبصورت ٽائيٽل، سٺي پني تي پڪي جلد سان
ڇپيل آهي. ڪتاب ۾ 224 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملھه 250 رپيا آهي.
هن ڪتاب جي اچڻ تي سرهائي ٿئي ٿي.
No comments:
Post a Comment