31/12/2012

عشق ٿو مون ۾ نچي - رکيل مورائي



نوجوان شاعر مرتضى ڦل جو ڪتاب
عشق ٿو مون ۾ نچي
رکيل مورائي
چون ٿا ته جڏهن ماڻهوءَ جي من ۾ عشق نچندو آهي، تڏهن شاعري سرجندي آهي ۽ ائين ئي اسان جي دوست مرتضيٰ ڦل سان به ٿيو آهي. هن جي اندر ۾ به خيرپور جي ڪنهن باليءَ جو چهرو واسو ڪري ويل آهي ۽ مرتضيٰ ان کي ڀيٽا طور هڪ لاجواب ڪتاب ڏنو آهي، جنهن جو نالو آهي ”عشق ٿو مون ۾ نچي“. ڪتاب ۾ ترتيب وار غزل، وايون ۽ نظم ڏنل آهن.

مرتضيٰ ڦل چڱي ئي عرصي کان شاعري ڪري رهيو آهي ۽ پڪ سان شاعرن جي ڊگهي فهرست ۾ سندس نالو هن ڪتاب معرفت مضبوط سڃاڻپ ماڻيندو. هيءُ سندس سفر جو پهريون ڏاڪو آهي، پر پاڻ کي هو هيئن اظهاري:
پرينءَ کان پري ٿي جياپو نه ماڻيو،
حياتيءَ جي سهڻي ته پيڙا سهي وئي.
مرتضيٰ نوجوان شاعر آهي، پنهنجي سموري شاعراڻي دور تي نظر رکي ٿو ان کي پڙهڻ به گهرجي، پر هن لاءِ پنهنجو اظهار هجڻ لازمي آهي، جيڪو هن ڪتاب ۾ محسوس ٿئي ٿو ۽ اها خوشي اميد ڀري آهي. مرتضيٰ جو غزل ڏانهن جيڪو لاڙو آهي، اهو اڳتي هلي کيس غزل جو لاجواب شاعر ثابت ڪندو. هيءُ ڪتاب ان جي اڳڪٿي آهي ۽ جن دوستن جا ڪتاب ۾ رايا شامل آهن، انهن پڻ اهڙي اميد رکي آهي. مرتضيٰ جي اندر جو رومانوي شاعر، سڄي سنڌ جي تاءَ واري ماحول سان جڙيل آهي، جنهنڪري هو هڪ سٺو شاعراڻو ڪتاب ڏئي سگهيو آهي. خوبصورت ٽائيٽل ۽ خوبصورت ڇپائيءَ وارو هيءُ ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران پياري سعيد سومري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. 128 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب جو ملهه 150 رپيا آهي ۽ جن شاعرن، اديبن ڪتاب تي لکيو آهي، انهن ۾ تاجل بيوس، عبدالغفار تبسم، تاج جويو، حليم باغي، نصير مرزا، احمد سولنگي، ايوب کوسو ۽ اظهر ٻانڀڻ شامل آهن.

No comments:

Post a Comment