08/12/2012

سنڌي-هندي-انگلش ڊڪشنري - رکيل مورائي


انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران ڇاپيل
سنڌي-هندي-انگلش ڊڪشنري
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ بابت جيترو ڪم/تحقيق سنڌ ۾ ٿي رهي آهي، اوتري ئي هند ۾ به ٿي رهي آهي. سرحد جي ٻنهي پاسي سنڌي ٻوليءَ بابت چنتا ساڳي آهي، اها هيءَ ته هُن طرف هندي سنڌيءَ تي حاوي ٿي رهي آهي ۽ هن طرف هٿ وٺي اردوءَ کي سنڌيءَ کان وڌيڪ اهميت ڏني پئي وڃي، جنهنڪري سنڌيءَ جو مستقبل غير يقيني بڻجي رهيو آهي. ڪيئن به، سرحدن جي ٻنهي پار جا سنڌي عالم، اديب ۽ شاعر، پنهنجي ٻوليءَ ۽ ان جي مستقبل بابت فڪرمند آهن ۽ ان فڪر مند هجڻ جا ڪجهه سياسي سبب به آهن، جيڪي هت اظهارڻ ضروري نه سمجهندي، مان پنهنجي موضوع ڏانهن اچان ٿو ۽ اهو موضوع آهي، 2011ع ۾ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، آڌيپور پاران ڇپايل هڪ بيمثال ”سنڌي-هندي-انگلش ڊڪشنري“.

دهليءَ ۾ رهندڙ منهنجا مهربان لڇمڻ ڪومل ۽ دلبر ڀاءُ هيرو ٺڪر اڪثر مون ڏي ڇپيل نوان ڪتاب موڪليندا رهندا آهن، پر هن ڀيري دلبر ڀاءُ هيري ٺڪر جيڪو بيمثال ڪتاب ٻين ڪتابن سان گڏ موڪليو آهي اهو هيءُ ڊڪشنري آهي ۽ پڪ سان هن ڊڪشنريءَ جهڙو ڪم اڃا هند ۾ ٻيو نه ٿيو آهي. هيءُ پهريون بيمثال ڪم آهي، جنهن لاءِ نه رڳو سنڌالاجي گهڻي گهڻي تعريف لائق آهي، جنهن هن ڊڪشنريءَ کي ڇپايو آهي پر ان کان وڌيڪ ڪيترائي ڀيرا احسان ڳڻڻ کپن سنڌي ٻوليءَ جي هڪ هاڪاري عالم، تعليمدان ۽ ليکڪ ڊاڪٽر ستيش روهڙا جا، جنهن هيءُ اٺ ڪاٺيو ڪم ترتيب ڏنو آهي، ظاهر آهي ڊڪشنري جهڙي ڏکئي ڪم ۾ هڪ مضبوط ٽيم ئي ڪم ڪندي آهي ۽ ائين هن ڊڪشنريءَ ۾ به هڪ ٽيم شامل آهي، پر ڊاڪٽر ستيش روهڙا هڪ اهڙو عالم آهي، جنهن ٻوليءَ بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، هو جيئن ته تعليمدان آهي، ان ڪري هن جي هر لکڻي ائين هوندي آهي ڄڻ هو اسان کي ڪُجهه سمجهائي رهيو آهي. ائين هن ڊڪشنريءَ ۾ به ڊاڪٽر صاحب پاران لکيل ٻه لفظ هن ڊڪشنريءَ کي سمجهڻ ۽ استعمال ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪن ٿا، ڊڪشنري استعمال ڪرڻ بابت مهڙ ۾ اهي سڀ علامتون، چارٽ ۽ نشان سمجهايا ويا آهن، جيئن استعمال ڪندڙ کي ڪا به ڏکيائي نه ٿئي.
جيئن ته هيءَ ڊڪشنري هڪ ئي وقت ٽن ٻولين ۾ آهي، ان ڪري هن تي ٿيل پورهئي جو اندازو فقط اهي پڙهندڙ ڪري سگهندا جن اهڙو پورهيو ڪيو آهي. ”سنڌي-هندي-انگريزيءَ“ ۾ جوڙيل هيءَ ڊڪشنري ذڪر ڪيل ٻولين کان سواءِ ديوناگري لپيءَ ۾ به آهي، جنهنڪري هيءَ ڊڪشنري کاٻي پاسي کان استعمال ڪري سگهبي، ڇاڪاڻ ته هن جي ترتيب ائين جوڙيل آهي. کاٻي پاسي سڀ کان پهريان لفظ ديوناگري ۾ لکيل آهي، ان جي ڀرسان هنديءَ ۾ ان کان پوءِ انگريزيءَ ۾ ۽ ساڄي پاسي سڀ کان پهريون لفظ سنڌي عربيءَ ۾ ڏنل آهي، يعني هيءَ ڊڪشنري ٽن ٻولين ۽ چئن لپين ۾ لکيل آهي ۽ ان ڳالهه مان ئي هن ڊڪشنريءَ تي ٿيل ڊگهي محنت جو پتو پوي ٿو.
”سنڌي-هندي-انگريزيءَ“ ۾ ڇپيل هن اهم ڊڪشنريءَ ۾ ديوناگري لپيءَ جو واڌارو ان ڪري ڪيو ويو آهي، جو اڄڪلهه هند ۾ ديوناگريءَ جو واهپو وڌي رهيو آهي، ائين اڄ جو نوجوان ان لپيءَ معرفت سنڌيءَ ۾ لکي پڙهي رهيو آهي، جنهنڪري هيءَ ڊڪشنري ٻنهي لپين کي پڙهندڙن لاءِ نهايت ڪارگر ثابت ٿيندي ۽ پڪ آهي ته هيءَ ڊڪشنري هند توڙي سنڌ ۾ گهڻي مڃتا ماڻيندي. سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، پنهنجا اختيار استعمال ڪري، هن ڊڪشنريءَ کي ٻيهر سنڌ ۾ ڇپائيندو ته اداري جا سنڌ تي احسان ٿيندا ۽ ساڳئي وقت سندن کاتي ۾ هڪ بيمثال ڪم جو واڌارو ٿيندو، ڊيلڪس سائيز ۾ پوڻن ڇهن سوَن صفحن تي ٻڌل هيءَ ڊڪشنري سچ پچ هند توڙي سنڌ جي تحقيق ۾ هڪ اهم ڪارنامو آهي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر ستيش روهڙا صاحب ۽ سندس ساٿين گهڻيون گهڻيون کيرون لهڻيون. انڊين ڪرنسيءَ جي 350 رپين جي ۽ پاڪستاني ڪرنسيءَ جي لڳ ڀڳ 600 رپين ۾ هيءَ ڊڪشنري هڪ انمول تحفو آهي، جنهن جي ڇپائڻ تي انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ اسان جو محنتي دوست ناميارو اديب لکمي کلاڻي گهڻو جس لهڻي.

No comments:

Post a Comment