24/12/2012

مارڪسي ادبي تنقيد - اڪبر لغاري



مارڪسي ادبي تنقيد
اڪبر لغاري
فڪري پس منظر:
مارڪسي ادبي تنقيد کي سمجھڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ان جي فڪري بنياد يا فڪري ماخذ کي ڏٺو وڃي ڇو ته مارڪس ۽ اينگلس  بنيادي طور نه ته ادبي نقاد هئا نه ئي انهن شعوري طور ادبي تنقيد تي ڪو مقالو لکيو. ليڪن پنهنجي بنيادي فڪر( سوشلزم-ڪميونزم) جي تشريح ڪندي، هنن ادب ۽ سماج جي تعلق جي باري ۾ ڪافي لکيو، جنهن جي بنياد تي مارڪسوادين ويهين صدي جي شروع ۾ مارڪسي ادبي تنقيد جوفڪر ڏنو.

مارڪس ۽ اينگلس ٻئي چون ٿا ته، ”شعور زندگي جو تعين نٿو ڪري پر زندگي شعور جو تعين ڪري ٿي“. هن جو مطلب اهو آهي ته اسان جي زندگي ڇا آهي؟ ڪيئن آهي؟ ڪيئن هجڻ گھرجي؟ وغيره جو تعين اسان جو شعور نٿو ڪري، بلڪ اسان جي شعور جو بنياد انهيءَ ڳالھ تي آهي ته اسان جي زندگي ڇا آهي؟ ڪيئن آهي؟ اهو ئي سبب آهي ته سماج جي هر طبقي جي سوچ يا شعور جي سطح الڳ الڳ هوندي آهي. استاد جو شعور، وڏيري کان مختلف ۽ سرمائيدار جو شعور، مزدور کان مختلف هوندو آهي.“ مارڪس دليل ٿو ڏي ته ”سماج اندر پيداوار جا معاشي ذريعا (Base)، انساني ادارن ۽ نظرين (Superstructure) کي جنم ڏين ٿا، جنهن ۾ سماجي  ۽ قانوني ادارا، سياسي ۽ تعليمي نظام، مذهب ۽ فن اچي وڃن ٿا.“[1]
مارڪس جي فڪر مطابق، جيئن ڪنهن عمارت جا ٻـه حصا هوندا آهن يعني هڪ ان جو بنياد (Base) ۽ ٻيو ان تي بيٺل مٿيون ڍانچو يعني ديوارون ۽ ڇت (Superstructure)، تيئن سماج جا به ٻـه حصا هوندا آهن، هڪ پيداوار جا معاشي ذريعا جنهن کي بنياد (Base) چئجي ٻيو ان تي بيٺل مٿيون ڍانچو (Superstructure) جنهن ۾ ادب ۽ فن سميت ٻيا ادارا اچي وڃن ٿا. معاشري ۾ جهڙا پيداوار جا ذريعا هوندا ادب، فن، تصور ۽ خيال به اهڙا ئي جنم وٺندا.
مارڪس وڌيڪ چوي ٿو ”جڏهن ماڻهن جو ڪو ٽولو، ڪو پيداواري ڪم ڪري ٿو يا ڪي شيون ٺاهي يا پوکي ٿو ته انهن منجهان ماڻهن جي اڪثريت ملازم يا هاري بنجي وڃي ٿي ۽ صرف ٿورائي مالڪ يا زميندار. اڳتي هلي اها ٿورائي (Minority) پنهنجي معاشي طاقت جي ذريعي، سماجي ۽ سياسي طاقت به حاصل ڪري وٺي ٿي. اها ٿورائي يا مٿيون طبقو اهو طئـه ٿو ڪري ته ان معاشري جا نظريا، عقيدا، قدر (Values) ۽ ادب و فن ڪهڙي ريت هجن.“[2]  اهو سڀ ڪجھ اڻسڌي طرح ۽ غير محسوس طريقي سان ٿيندو آهي جنهن کي عام ذهن سمجھي نه سگھندو آهي. عام ماڻهو مٿئين يا بورزوا طبقي جي ڏنل سياسي، مذهبي، اخلاقي، سماجي، ادبي ۽ فني قدرن، روين ۽ عقيدن کي پنهنجو سمجھي بغير سوچڻ سمجھڻ جي انهن جي پيروي ڪندو آهي جنهن سان استحصالي نظام اڃا به وڌيڪ مستحڪم ٿيندو آهي. مثلن اهو چوڻ ته، ”اميري، غريبي قدرتي آهي“ يا وري ”غريب پنهنجي افعالن جي ڪري غريب ٿيو آهي“.  اهڙيون چوڻيون اميرن جي حق ۾ وڃن ٿيون ۽ غريب پنهنجي حالت بدلائڻ جي بجاءِ ان ۾ خوش رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سرمائيداري نظام ۾ پئسو پئسي کي ڪمائي ٿو ۽ سرمائيدار ڪجھ نه ڪرڻ جي باوجود به امير کان امير تر ٿيندو ويندو آهي ۽ پورهيت يا پرولتاري طبقو مسلسل ڪم ڪرڻ جي باوجود به غريب کان غريب تر ٿيندو ويندو آهي. ان کان علاوه ڪم جو پورو اجورو نه ملڻ سبب هو ”بيگانگي“ (Alienation) جو شڪار ٿي ويندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اهو معاشرو ڀڃ ڊاھ (Fragmentation) جو شڪار ٿي ويندو آهي جنهن جو حل مارڪس جي مطابق صرف ۽ صرف انقلاب آهي.
”مارڪس جنهن ادبي نظريي کان متاثر ٿيو اهو هو ”روايتي تاريخيت“ (Traditional Historical Approach) جنهن مطابق ادب پاري جي تشريح ڪرڻ وقت ان جي ٽن رخن کي ڏٺو ويندو آهي:
        i.              ادبي شهپاري جي وجود ۾ اچڻ وارو تاريخي دور،
      ii.              تخليقڪار جي زندگي جون حالتون،
    iii.              ادب پاري ۽ تخليقڪار جو ثقافتي پس منظر.
مارڪس ۽ اينگلس مٿئين نظريي ۾ هڪ ٻيو پهلو شامل ڪيو جيڪو هو پيداوار جا معاشي ذريعا.“[3]  يعني اهو ڏٺو وڃي ته ادبي پيداوار تي ڪنهن جو غلبوآهي يا ان پيداوار جون واڳون ڪنهن جي هٿ ۾ آهن. سرمائيداري نظام ۾ سرمائيدار ادبي ۽ ثقافتي ادارا پنهنجي هٿ هيٺ رکندا آهن ۽ صرف ان ادب جي همٿ افزائي ڪندا آهن جيڪو کين للڪارڻ جي بجاءِ، سندن استحصالي نظام کي هٿي ڏئي. مارڪسي ادبي نقاد اهو ضرور ڏسندا آهن ته ادب پاري ۾ اديب ڪهڙن سماجي قدرن کي اڳتي ٿو وڌائي؟ اهي قدر بورزوائي آهن يا پرولتاري؟
مارڪسي فڪر جي بنياد تي مارڪسي ادبي نظريو ڏيڻ وارن ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ وارن جو مختصر احوال هن ريت آهي:
1. ٽراٽسڪي   (   1879-1940)
 ٽراٽسڪي 1924 ۾  Literature and Revolution نالي هڪ طويل مقالو لکي ”مارڪسي ادبي تنقيد“ جو بنياد رکيو. ان زماني ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي طرفان ڪجھ رسالا نڪرندا هئا. انهن رسالن ۾ لکندڙن جي لاءِ اهو ضروروي هو ته پارٽي جي پاليسي مطابق ادب تخليق ڪن. ڪا به لکڻي جيڪڏهن پارٽي پاليسي سان اختلاف رکندي هئي ته اها انهن رسالن ۾ ڇپجي نه سگھندي هئي.  ٽراٽسڪي پنهنجي مضمون ۾ چيو، ”پارٽي ڪيترن ئي معاملن ۾ اڳواڻي ڪري سگھي ٿي پر سڀني معاملن ۾ نه. اهو ضروري نه آهي ته ادبي مواد صرف انقلابي هجي. اها ڳالھ بي معنيٰ ۽ فضول آهي ته سڀني شاعرن کي انهيءَ ڳالھ تي مجبور ڪجي ته اهي رڳو فيڪٽري جي چمنين ۽ سرمائيدارن خلاف بغاوتن بابت شاعري ڪن. ادب ۽ فن ۾ پارٽي جي اڳواڻي صرف اڻسڌي هجي جيڪا تخليق تي تسلط بجاءِ ان کي تحفظ فراهم ڪري.“[4]
ٽراٽسڪي ادب ۾ آزادي جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته پارٽي پاليسي سان اختلاف رکندڙ ادب کي پڻ تحفظ فراهم ڪجي ۽ رواداري جو مظاهرو ڪندي انهن سان کليي دل سان مڪالمو ڪجي. ٽراٽسڪي روسي هيئت پسندن تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اهي رڳو هيئت تي گھڻو زورٿا ڏين ۽ ادب جي سماجي ڪارج کي نظر اندازڪيو ٿا ڇڏين.
2. جارج لوڪاچ (1971_1885)        
مارڪسي تنقيد جي حقيقي ترقي ۽ ارتقا اصل ۾ سوويت يونين کان ٻاهر ٿي. ان جو بنيادي سبب اهو هو ته ”جوزف اسٽالن 1932 ۾ ”سوويت رائيٽرس يونين“ جو بنياد رکيو جنهن اها فتوا جاري ڪئي ته ادب کي پارٽي جي فيصلن ۽ عملن جي پرچار ڪرڻ گھرجي ۽ انقلابي سوويت هيروز جي شان ۾ لکڻ گھرجي.“ [5] اهڙن حڪمن جو نتيجو اهو نڪتو ته گھڻو ڪري اهو ادب تخليق ٿيو جيڪو پروپئگنڊا تي ٻڌل هو. سوويت رائيٽرس يونين ٻيو ڪو ادب ڇپجڻ ئي ڪونه ڏنو.
هنگري جي فيلسوف ۽ نقاد جارج لوڪاچ، مارڪس جي ڏنل بنياد (Base) ۽ مٿئين ڍانچي (Super-structure) واري نظريي کي عڪسي نظريي (Reflection Theory) جو نالو ڏنو. جنهن مطابق ادب سڌي طرح معاشري جي شعور جو عڪاس آهي. لوڪاچ مواد ۽ هيئت جي تعلق تي به ڳالهايو ۽ چيو ته هيئت ۾ مختلف ادبي صنعتن جو تجزيو ڪندي نقاد کي اهو ڏسڻ گھرجي ته متن ۾ طبقاتي تضاد ڪهڙا آهن ۽ اهي معاشي بنياد ۽ مٿئين ڍانچي جي تعلق کي ڪيئن ٿا ظاهر ڪن؟
ادب جيئن ته مٿئين ڍانچي جو هڪ حصو آهي تنهنڪري لوڪاچ جي مطابق ادب سنئون سڌو بنياد ۽ معاشري جي شعور جي پيداوار آهي ۽ بنياد ۽ ادب ۾ هڪ طرفو تعلق آهي يعني صرف بنياد ئي ادب تي اثر انداز ٿئي ٿو ليڪن مٿيون ڍانچو يا ادب بنياد تي ڪو به اثر نٿو ڇڏي.
لوڪاچ جديديت تي به ڳچ لکيو ۽ سواءِ ڪافڪا جي تقريبن سڀني جديدين تي ڇتي تنقيد ڪيائين. لکي ٿو، ”جديديت پسند اديب ۽ فنڪار سماجي ترقي جي نظام کي جامع نموني سان نه محسوس ڪن ٿا ۽ نه ئي ان جي جامع نموني سان عڪاسي ڪن ٿا. اهي حقيقت کي پنهنجي پاڳل ڪردارن جي ذريعي صرف جزوي ۽ سطحي طور پيش ڪن ٿا.“[6]
3.      انتونيو گرامچي (Antonio Gramsci )
اٽلي جي فيلسوف ۽ نقاد گرامچي (1937-1891) معاشي بنياد ۽ بالائي ڍانچي جي باهمي رشتي کي سمجھڻ جي وڌيڪ ڪوشش ڪندي سوال اٿاريو ته بورزوا اقليت ڪهڙي طريقي سان پرولتاري اڪثريت تي اثر انداز ٿئي ٿي؟ پاڻ ئي جواب ڏنائين، ”بورزوا طبقو پرولتاريا تي پنهنجو تسلط (Hegemony) قائم ڪري ٿو. اهو تسلط مجموعو آهي قدرن، تصورن ۽ مخصوص معناعن جو، جيڪي ڪنهن ثقافت اندر اڪثريتي عوام لاءِ حقيقت جي اها تشريح ڪن ٿيون جيڪا بورزوا طبقي کي گھربل آهي.“ گرامچي مطابق موسيقي، ادب، فن، ريتن رسمن، عقيدن وغيره ذريعي اهڙي ته چالاڪي سان تسلط ڄمايو وڃي ٿو جو عوام خوشي سان غلامي جون غير محسوس زنجيرون زيور سمجھيو پايو وٺي. مثال طور اسان جي معاشري ۾ مرڻي ۽ پرڻي جي موقعي تي امير ماڻهو دل کولي پئسو خرچ ڪن ٿا ۽ واه واه ڪرائين ٿا. اها واه واه غريب ماڻهن لاءِ وڏي اتساه جو سبب بنجي ٿي ۽ هو غير ضروري ۽ فضول رسمن تي پئسو خرچ ڪن ٿا، نتيجي ۾ هو مقروض بنجيو وڃن ۽ غلامي جي ڪوڙڪي ۾ ڪجھ وڌيڪ ڦاسيو وڃن. ائين گرامچي جي مطابق اڪثريتي عوام آهستي آهستي پنهنجيون دلچسپيون، خواهشون ۽ طور طريقا ڇڏي بورزوا جي پيروي ڪرڻ لڳي ٿو. انهيءَ وهڪري ۾ اديبن جي اڪثريت پڻ وهيو وڃي جنهن جي نتيجي ۾ اهڙو ادب تخليق ڪرڻ لڳن ٿا جنهن ۾ بورزوا قدرن کي هٿي ملي ٿي، جنهن سبب ادب خود هڪ استحصالي هٿيار بنجيو پوي.
نقاد کي ادب پاري ۽ ان جي ڪردارن ۾ موجود قدرن، عقيدن، رجحانن وغيره جو تجزيو ڪري اهو ٻڌائڻ کپي ته اديب استحصالي نظام جي هٿ ۾ مهرو آهي يا پرولتاري جو ساٿي.
4.  لوئي آلٿيوسي                         (Louis Althusser)
فرانسيسي فيلسوف ۽ نقاد آلٿيوسي (1990-1918)، لوڪاچ جي Reflection Theory  سان اختلاف ڪندي چيو. ”ادب کي رڳو بنياد (Base) جو عڪاس سمجھڻ مناسب نه آهي پر حقيقت اها آهي ته ادب (مٿيون ڍانچو) پڻ بنياد کي متاثر ڪري ٿو تنهنڪري ادب ۽ فن، انقلاب لاءِ راھ هموار ڪري سگھن ٿا.“[7]   آلٿيوسي مارڪسي فڪر جو وڏو شارح سمجھيو وڃي ٿو. هن جي مطابق مارڪس کي اڪثر ماڻهن پوري طرح سمجھيو ئي نه آهي. هن مارڪس جي ڪيترن ئي شارحن کي رد ڪيو.
آلٿيوسي، گرامچي جي ڏنل ٿيوري تسلط (Hegemony) کي اڳتي وڌايو ۽ اهو سمجھايو ته سرمائيدار رياست، نظريي (Ideology) جي ذريعي ڪيئن ٿي استحصال ڪري. ”هن ڪم لاءِ رياست ادارن کي اوزار طور استعمال ٿي ڪري. اهي ادارا آهن: ڪٽنب، ابلاغ جا ذريعا، مذهبي تنظيمون ۽ سڀ کان وڌيڪ تعليمي نظام.“[8] آلٿيوسي مٿين ادارن کي نظرياتي رياستي اوزار (Ideological State Apparatuses) جو نالو ڏنو.
مارڪسي فڪر مطابق انسان اهو ئي آهي جيڪو سندس شعور آهي. ماڻهو پهرين رت ۽ گوشت مان ٿو ٺهي ۽ پوءِ سندس شعور ٿو جنم وٺي. سرمائيدار رياست، نظرياتي رياستي اوزارن کي استعمال ڪندي، ماڻهو جي شعور کي پنهنجي مرضي مطابق ائين خاص روپ ڏيندي آهي جيئن بيڪري ۾ ڳوهيل اٽي کي بسڪيٽ جو خاص روپ ڏيڻ لاءِ ان کي سانچي ۾ وڌو ويندو آهي. سڀ نظرياتي رياستي اوزار (ISAs) گڏجي ماڻهو کي مخصوص نظريو ڏيندا آهن جنهن نظريي جي عينڪ لڳائي ماڻهو پنهنجي باري ۾ ۽ ٻين انسانن ۽ ڪائنات جي مظهرن بابت هڪ راءِ رکندو آهي. انهيءَ معاشري ۾ جيڪي ريتون رسمون ۽ رواج هوندا آهن اهي انهيءَ سرمائيداري نظام جي ڏنل نظريي جي عين مطابق هوندا آهن بلڪ انهن جي مادي تجسيم هوندا آهن جن جي تحت انهيءَ سماج ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ حقيقت (Reality) متعلق ادراڪ اهو هوندو آهي جيڪو سندن معاشرو چاهيندو آهي. پر ڪجھ ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جن جو شعور رياست جي پسنديده مخصوص شعور کان بلند هوندو آهي ۽ اڪثر متصادم پڻ. آلٿيوسي مطابق انهن ئي ماڻهن جون تخليقون، فڪر، شعوري ڪوششون ۽ ڪاوشون جڏهن مٿئين ڍانچي جو حصو بنجن ٿيون تڏهن اهي بنياد کي متاثر ڪن ٿيون ۽ انقلاب جو باعث بنجن ٿيون. آلٿيوسي پرولتاري طبقي کي مشورو ٿو ڏي ته اهي پنهنجو ادب ۽ فن پاڻ تخليق ڪن ته جيئن هو بوزوا تسلط (Hegemony) کي ٽوڙي ۽ مات ڏئي سگھن.
4.      ٽيري ايگلٽن ( Terry Eagleton) 
مانچيسٽر يونيورسٽي ۾ پڙهائيندڙ پروفيسر ايگلٽن (1943 کان اڄ تائين) همعصر ادبي تنقيد ۾ هڪ وڏو نالو سمجھيو وڃي ٿو. ڪيمبرج يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ دوران هو مارڪسي نقاد ريمنڊ وليمس کان متاثر ٿيو ۽ پوِ خود به هڪ وڏو ۽ اهم مارڪسي نقاد بنجي ويو. ڪيترن ئي ٻين ڪتابن سان گڏ سندس ڪتاب Marxism and Literary Criticism (1976)  خاص اهميت رکي ٿو.
ايگلٽن، ادب کي اديب جي وجدان ۽ داخلي رجحان جو نتيجو نٿو سمجھي. هن جي مطابق، ادب جي وجود ۾ اچڻ جو باعث اديب جو نظريو آهي جيڪو وري تاريخ جي ڪک مان جنم وٺي ٿو. هو اديب کي تخليقڪار ۽ ادب کي تخليق نٿو مڃي بلڪ هو ادب کي پيداوار (Produce) ۽ اديب کي پيدائش ڏيندر (Producer) ٿو چوي، بلڪل ائين جيئن هاري اناج جي پيدائش جو باعث آهي. اناج نه ته هاري جي تخليق آهي، نه ئي وري هاري اناج جو تخليقڪار. اناج، هاري جي محنت ۽ هنر، زمين، پاڻي وغيره جي ميلاپ سان وجود ۾ اچي ٿو. ساڳي طرح ادب، اديب جي هنر ۽ محنت، سندس نظريي، سماجي، سياسي، ثقافتي حالتن ۽ تضادن جي ڪري مخصوص زمان ۽ مڪان ۾ وجود ۾ اچي ٿو. ائين چوڻ سان ايگلٽن دراصل آءِ اي رچرڊس جي تنقيدي نظريي ”نئين تنقيد“ سان اختلاف ڪيو. نئين تنقيد مطابق ادب هڪ خود مختيار وجود آهي جنهن جي تفهيم لاءِ ان جي سياق ۽ سباق جي ضرورت نه آهي.
ايگلٽن تنقيد کي ڪتابي ۽ نصابي دنيا کان ٻاهر کڻي آيو آهي ۽ هو تنقيد جي سماجي ڪارج تي زور ٿو ڏي. هو چوي ٿو ته، ”تنقيد، معاشري کي مهذب بنائي ٿي.“[9] ايگلٽن عملي تنقيد لاءِ ٻين تنقيدي فڪري مڪتبن کان مدد وٺڻ کان نٿو ڪيٻائي. هو ادب جي تفهيم ڪرڻ وقت، مارڪسي ادبي تنقيد سان گڏ،  نفسياتي تنقيد ۽ عورتا زاد تنقيد کي پڻ خوب استعمال ٿو ڪري.
مارڪس ۽ اينگلس کان وٺي فريڊرڪ جيمسن ۽ ٽيري ايگلٽن جي تنقيدي فڪر جو اختصار ڪبو ته هيٺيان اهم نقطا نروار ٿي بيهندا:
·   انسان جي شعور جو تعين سندس وجود ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ مادو شعور کان اول آهي.
·   تاريخ نالو آهي حاڪم اقليت ۽ محڪوم اڪثريت جي وچ ۾ هلندڙ انهن تضادن ۽ واقعن جو، جيڪي معاشي پيداوارجي ذريعن تي قبضو ڪرڻ لاءِ جنم وٺن ٿا.
·   ادب معاشي نظام جي پيداوار آهي تنهنڪري ان نظام جي عڪاسي ڪري ٿو.
·   مفڪر ۽ اديب جو ڪم صرف دنيا جي ترجماني ڪرڻ نه، پر دنيا کي تبديل ڪرڻ به آهي. اديب کي غيرجانبدار نه پر پورهيت ۽ مظلوم جي طرفداري ڪرڻ کپي.
·   مذهب، ريتن، روايتن، ثقافت، ادب، قانون، فن، معاشي پيداوار جي ذريعن ۽ تعليمي نظام کي ملائجي ته نظريو ( Ideology ) ٺهي ٿو. سرمائيدار طبقو استحصال ڪرڻ لاءِ نظريي کي اوزار يا هٿيار طور استعمال ڪري ٿو.
·   نقاد کي اهو ڏسڻ گھرجي ته اديب جو پنهنجو نظريو ڪهڙو آهي ۽ ان جا ڪردار ڪهڙي طبقي جي ثقافت، حالت، سوچ وغيره سان تعلق رکن ٿا؟ اديب ڪهڙا تضاد نمايان ۽ ڪهڙا تضاد نظر انداز ٿو ڪري؟ ڪردار ظالم جي نظريي جي حمايت ٿا ڪن يا ان سان بغاوت؟ ادبي فن پاري جا پڙهندڙ يا سامعين ڪير آهن؟ وغيره وغيره.
·   نقاد کي رڳو اهو نه ڏسڻ گھرجي ته متن ڇا ٿو چوي، بلڪ اهو پڻ ڏسڻ گھرجي ته متن ڪهڙي ڳالھ نه چئي سگھيو آهي.
·  اديب کي پنهنجي انفراديت يا اندر جي اظهار جي بجاءِ پورهيت ۽ بورزوا طبقي ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جو ادراڪ ۽ ان جي عڪاسي ڪرڻ گھرجي ۽ اهو سمجھڻ جي ڪوشش ڪجي ته متن ۾ ڪهڙي تسلط جي ڳالھ ڪيل آهي؟
·   بيان ڪندڙُ ( Narrator ) بورزوا طبقي سان تعلق رکي ٿو يا پرولتاري طبقي سان؟
مارڪسي تنقيد جو اثر: مارڪسي تنقيد پهرين جرمني ۽ پوءِ سڄي دنيا جي ادبي منظرنامي کي متاثر ڪيو. جرمني ۾ فرنڪفرٽ مڪتبئـه فڪر جي نالي هڪ وڏي تنقيدي تحريڪ هلي جنهن ۾ اڊورنو، بنجامن، مارڪيوز ۽ هورخائيمر سرِفهرست هئا. جتي جتي به سوشلسٽ حڪومتون هيون يا جتي به سوشلسٽ تحريڪون هلي رهيون هيون اتي مارڪسي تنقيد بيحد مقبول ٿي. حقيقت نگاري جي هلندڙ تحريڪ، مارڪسي فڪر جي ميلاپ سان سماجي حقيقت نگاري ۾ تبديل ٿي ويئي. ان جو اثر وٺندي سجاد ظهير ۽ ملڪ راج آنند وارن برِصغير ۾ ترقي پسند تحريڪ هلائي جنهن تحت بيحد اهم ۽ کوڙ سارو سٺو ادب تخليق ٿيو. برِصغير ۾ هن تحريڪ جو شايد سڀ کان وڌيڪ اثرسنڌي ادب تي پيو. سنڌ ۾ ترقي پسند ادب جو عروج 1940 کان وٺي 1990 تائين رهيو، جنهن کان پوءِ ان تي آهستي آهستي جديديت پسندي ۽ ٻين فڪري تحريڪن ۽ رجحانن جو اثر ٿيڻ لڳو.
( ”سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر“ هڪ وڏو موضوع آهي جيڪو الڳ مضمون جو متقاضي آهي.)

[1] Bressler,C.E: Literary Criticism p-193
[2] Bressler,C.E: Literary Criticism p-194
[3] Bressler,C.E: Literary Criticism p-195
[4] Trotsky Leon: Literature and Revolution(1924)
[5] Bressler,C.E: Literary Criticism p-196
[6] David Macey: Dictionary of Critical Theory p-235
[7] Althusser, L: For Marx  
[8] Althusser, L: Ideology and Ideological state Apparatuses (1969) appeared in The Theory of Criticism Edited by Raman Selden.
[9] Eagleton, T: Functions of Criticism  p-107

No comments:

Post a Comment