31/12/2012

جمنا سان ٽي ڏينهن - رکيل مورائي



نامياري شاعر فتاح ملڪ جون گذاريل
جمنا سان ٽي ڏينهن
رکيل مورائي
فتاح ملڪ صاحب، سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو شاعر آهي، جنهن برابر بنهه ٿورو لکيو آهي پر اهو سنڌي شاعراڻي ادب جو اهم حصو آهي. ٻيءَ طرح هو هڪ اهڙو وطن دوست آهي، جيڪو سموري زندگي سرڪاري نوڪريءَ کان الڳ هوندي، سنڌ جي ادبي ۽ سياسي نظرياتي تنظيمن سان جڙيل رهيو آهي، نوجوان نسل جي رهنمائي ڪئي آهي. هو اينٽي ون يونٽ تحريڪ جو پڻ حصو رهيو ۽ هاڻ پ پ سرڪار جو حصو آهي ۽ پاڻ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ آهي، جيڪو عهدو هن جي سڃاڻپ کان گهڻو گهٽ آهي ۽ سندس ادبي حوالي سان ٻي وڏي سڃاڻپ هيءُ ڪتاب آهي، جنهن جو نالو آهي ”جمنا سان ٽي ڏينهن“ ۽ هن ڪتاب ۾ سندس ڪهاڻيون آهن جن جو انگ ويهه آهي. ويهن ڪهاڻين جو هيءُ ڪتاب، فتاح ملڪ صاحب کي هڪ ڪهاڻيڪار طور ڪيتري سڃاڻپ ڏياريندو سنڌي ڪهاڻيءَ جي کيتر ۾، البت سندس هڪ شاعر طور ۽ هڪ دلبر دوست واري سڃاڻپ ته گهڻي مضبوط آهي. شايد ائين به آهي ته عمر جي آخري پڙاءَ ۾ کانئس رهجي ويل لکڻيون هو ڪتابي صورت ۾ آڻي انهن کي محفوظ ڪرڻ چاهيندو هجي. سندس ڪهاڻيون هڪ سنجيدي اڀياس جون گهرجائو ته پڪ آهن ۽ اها به پڪ آهي ته هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جو هڪ اهم حصو بڻبو ۽ اهو پڙهڻ وقت سنڌي سماج کي ڪجهه اوس ڏيندو ۽ ائين فتاح ملڪ صاحب جون ڪهاڻيون پنهنجون هڪ ڪارج ادا ڪنديون. ڪتابي صورت ۾ هيءُ ڪهاڻيون محفوظ ٿي ويون آهن، ائين سنڌي ادب کي هڪ سٺو ڪتاب ملي ويو.
خوبصورت ٽائيٽل واري هن ڪتاب ۾ 102 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 150 رپيا آهي. پڪي ۽ سهڻي جلد وارو هيءُ ڪتاب شاهه عبداللطيف سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچيءَ شايع ڪيو آهي.

No comments:

Post a Comment